| وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
|
قَسم ساھ ڪَڍندڙن جو، ٻوڙڻ ساڻ ٻَهار، |
| وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
|
پوءِ کِيانتا خير جا، |
| وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
|
۽ پوءِ تارُو تَرندڙ تار، |
| فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ اڳو اَڳ آڳرٰو، |
| فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
|
پر ڪامِل ڪار سُڌار، |
| يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
|
ته جنهن ڏِينهن ڌوٻڻ ڌُٻندي، |
| تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
|
پُٺيان لڳيس پُوار، |
| قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
|
دِليون دُکِي تِنهن ڏِينهن ۾، اَندر ڪَئـِين اڱار، |
| أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
|
اکيون اُجھاڻل اُن جُون ، نيڻ نِماڻا نار، |
| يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
|
ڪافِر اَڄ ڪَهن ٿا، ڪَن گُمراھ اِي گُفتار، ڇا اَسِين آهيون موٽڻا، وَرِي اڳين جي آچار؟ |
| أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
|
هُونداسون جِنهن حال ۾، وَڄندڙ هَڏ هروار؟، |
| قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
|
وَراڻيون، ته آھِ وَرِي، موٽڻ مُشڪل ڪار، |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
فقط ڪم هِڪ ڦُوڪ جو، هَڪل هِڪ هيڪار، |
| فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
|
پوءِ مَٿي ڪِنهن مَٿار، اَچِي نِڪرندا اوچتا. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
|
تو وَٽ توڙان آئيو، ڪو مُوسٰى جو مَذڪُور، |
| إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
|
جَڏهن سانيسِ، کيس سَڏيو، پَروَر پاڪ حُضور، وادِي پاڪ طُوا ۾، جا ماٿرِي مَشهور، |
| اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
|
ته وڃ ڦِريل فرعون ڏي، جنهن ۾، گھڻو ٿيو غُرور، |
| فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
پوءِ چَوِينسِ، ته پاڪ ٿِيئَڻ جو، ڪو توکي پَھ ۽ پُور؟، |
| وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
|
۽ سُونهون سائـِينءَ ڏي ڪرِئين، پوءِ ڊِڄِين مالِڪ کان مُور، |
| فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
|
پوءِ اکيَنِ ڏيکارئين اُن کي، ڪا وَڏِي نِيشاني نُور، |
| فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
|
پوءِ ڪاهي پِيو ڪُوڙن ۾، ۽ ٿيو بُڇرو بي شُعُور، |
| ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
|
وَرِي وَريو پوئتي، ڊُڪيو ڊوڙيو دُور، |
| فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
|
پوءِ ڦِريَل فوجون ميڙيون، ڪَئـِي مُنادِي مَغرُور، |
| فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
|
پوءِ ڪَيائـِين ڪيڏو ڪُوڙ، ٻَڌي دعوٰى هن دَستور. ته آئون سائـِين اَهنجو، آهيان زَبر ضَرُور، |
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
|
پوءِ دَرد دُنيا آخِرت جو، گھيري ڪيو غَرقُور، |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
|
جو سامهان، ساري سُور، اَن لئي، عِبرت آهي اُن ۾. |
| ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
|
اُهکا جوڙڻ ۾ اَوهِين، ڪِ اُهکِي اُڀ جِي ڳالھ؟ |
| رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
|
ري ٿَنڀِين، ري ٿوڻيِين، بنائـِينسِ بَحال، چاڙهِين چوٽي اُن جِي، چڱا رَکـئـِين چِٽ سال، پوءِ سَرکو سُهڻو سَڀ طرح، جوڙيَسِ جَلَّ جَلال، |
| وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
|
۽ راتسِ ڪاري رَنگ ڪَئـِين، قُدرت ساڻ ڪَمال، ڏِينهن ڪَڍيائـِين ڏيھ تي، ڏيئـِي جوت جَمال، |
| وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
|
ڀُون پَکڙيئـِين، تِنهن پُٺيان، |
| أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
|
جنهن مان جَر ڪڍيائـِين جال، گھاٽا گاھ اُن ۾، مُلڪ مالا مال، |
| وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
|
جيڪِي جَبَل جَھان م، ٻَڌئـِين ٻيڙي جي مثِال، |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
|
اِي سَڀ ڀَلي جا ڀال، اوهان، ڪِ اوهان جي مال لئي. |
| فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
|
پوءِ آئـِي آفت اوچتي، وَڏِي ڪا، جِنهن وار، |
| يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
|
تڏهن ماڻهؤَ، لَڳن مَن سان، جي ڪَيائـِين ڪَم ڪار، |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
|
۽ ڪَڍِي ڪَبو ميدان تي، دَوزخ دَهشت دار، ته نيڻن ساڻ نِروار، ڏِسِي جو ڏِسِي سَگھي. |
| فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
|
پوءِ، جِنهن پاتو، وِنگو پير واٽ کان، |
| وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
|
۽ ننڍڙِي هِن حَياتِئَ تي، ٿيو اَجايو آتو، |
| فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
|
جَھَنمَّ، جو کاتو، آھِ جائـِي، جاءِ اُن جِي. |
| وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
|
۽ ڀانتو ڀَؤ بِيهڻ کان، جِنهن پَنهنجِي پَروَر پيش، ۽ جَھلئـِين پَنهنجِي جان کي، ڪَنان اَجائي عيش، |
| فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
|
پوءِ هَرگِز هَر هميش، آھِ جنت جاءِ اُن جِي. |
| يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
|
توکي ڪَن قِيامَت جي، ساعت جو سُوال، ته ڪڏهن اِنهِئَ قيامت جو، لنگر آھِ لال! |
| فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
|
ڪِٿان آهِين، تون اُن جو، وَرَنھ! واقِف حال، |
| إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
|
تُنهنجي پَروَر پاڪ ڏي، آهي اَنت اِنهِئَ ڳالھ، |
| إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
|
تون رُڳو رَهبر اُن جو، جو رکي خوف خيال، |
| كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
|
جِنهن ڏِينهن ڏِسندا اُن کي، ته ڀائـِيندا بَحال، جِھڙو ڪَر جھان ۾، ڪاٽيائون نَه، ڪالھ، مَگر چَون مَتوال، ته سانجِھئ، ڪِ صُبح هيڪڙو. |