| وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
|
انهن (ملائڪن) جو قسم آهي جي سختيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا. |
| وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
|
۽ انهنجو آسانيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا. |
| وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
|
۽ انهن جو جي (هوا ۾ ) ترن ٿا |
| فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ (هڪ ٻئي کان) اڳي وڌن ٿا |
| فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ ڪنهن ڪم جي تدبير ڪن ٿا (ته قيامت ضرور ٿيندي) |
| يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
|
جنهن ڏينهن ڌڏڻ وري ڌڏندي |
| تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
|
هن حالت ۾ جو پٺيان اچڻ واري ان جي پٺيان ايندي. |
| قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
|
ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن ڏڪڻ واريون هونديون. |
| أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
|
(خواري کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون |
| يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
|
چون ٿا ته ڇا اسين پهرين حالت ڏي موٽايا وينداسون؟ |
| أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
|
ڇا جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون؟ |
| قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
|
چون ٿا ته اهو (مرڻ کانپوءِ جيئرو ٿيڻ) تڏهن ته نقصان وارو موٽڻ آهي (نه مشڪل سمجهو ان کي) |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
ڇو ته اهو (واقعو) رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي |
| فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
|
پوءِ اهي اتي ئي زمين جي پڌري پٽ تي اچي پوندا. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
|
(اي پيغمبرﷺ!) ڇا توکي موسيٰ جي ڳالهه پهتي آهي؟ |
| إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
|
جڏهن ان کي سندس پاليندٰڙ پاڪ نئي ۾ سڏيو |
| اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
|
ته تون فرعون ڏي وڃ ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي. |
| فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
پوءِ ان کي چئو ته ڇا توکي پاڪ ٿيڻ جي ڪا رغبت آهي |
| وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
|
۽ هيءَ به (رغبت آهي) ته آءُ توکي تنهنجي پاليندڙ جو رستو ڏيکاريان ته ان کان ڊڄين. |
| فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
|
پوءِ ان کي وڏي نشاني ڏيکاريائين |
| فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
|
جو هن ڪوڙو ڪيس ۽ نافرماني ڪيائينس |
| ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
|
وري پٺ ڏئي (موسيٰ جي خلاف) ڪوشش ڪرڻ لڳو. |
| فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
|
پوءِ هن (پنهنجي قوم کي) گڏ ڪيو پوءِ پڪاريائين |
| فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
|
پوءِ چيائين ته آءُ اوهان جو تمام مٿاهون پاليندڙ آهيان |
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
|
پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
|
بيشڪ ان ۾ ان لاءِ نصيحت آهي جو ڊڄي ٿو |
| ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
|
ڇا اوهان جو بنائڻ زياده سخت آهي يا آسمان جو؟ ان کي بنايو اٿس |
| رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
|
اهڙي طرح جو ان جي ٿلهائي کي مٿي ڪري پوءِ ان کي برابر ڪيو اٿس |
| وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
|
۽ ان جي رات کي اونداهيءَ وارو ڪيو اٿس ۽ ان جي روشنيءَ (سج) کي ڪڍيو اٿس |
| وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
|
۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇائي ڇڏيو اٿس |
| أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
|
(هن طرح جو) ان مان ان جو پاڻي ۽ ان جو گاهه ڪڍيو اٿس |
| وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
|
۽ جبلن کي کوڙيو اٿس |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
|
اوهان کي ۽ اوهان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ |
| فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
|
پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي |
| يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
|
جنهن ڏينهن سڀڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
|
۽ ڏسڻ واري لاءِ دوزخ ظاهر ڪيو ويندو |
| فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
|
ته پوءِ جو حد کان لنگهيو هوندو |
| وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
|
۽ دنيا جي حياتيءَ کي پسند ڪيو هوندائين |
| فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
|
ته بيشڪ دوزخ ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي |
| وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
|
۽ جيڪو شخص پنهنجي پاليندڙ جي سامهون بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ پنهنجي نفس کي خواهش کان روڪيو هوندائين ته |
| فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
|
بيشڪ جنت ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي |
| يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
|
(اي پيغمبر) توکان قيامت جو پڇن ٿاته اها ڪڏهن قائم ٿيڻ واري آهي |
| فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
|
(اي پيغمبر) تنهنجو ان جي بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو |
| إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
|
تنهنجي پاليندڙ کي ئي ان جي پڇاڙيءَ جي خبر آهي |
| إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
|
تون خالي ان شخص کي ڊيڄاريندڙ آهين جو ان کان ڊڄي ٿو |
| كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
|
جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن ائين ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا ۾) هڪڙي شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا. |