القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ النّٰزِعٰتِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 46


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1)

قسم آهي (ڪافرن جو ساهه)سختيءَ سان ڇڪي ڪڍڻ وارن (ملائڪن) جو.

وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2)

(۽ مؤمنن جو ساهه) آهستگي سان ڪڍي وڃڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.

وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3)

۽ تيز ترڻ وارن (فرشتن) جو قسم.

فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4)

پوءِ ڊوڙي اڳتي وڌڻ وارن جو قسم.

فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5)

پوءِ (ڪائنات جي معاملن ۾) ڪم جي تدبير ڪرڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.

يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6)

جنهن ڏينهن (هر) متحرڪ شيءِ شديد لرزش ۾ اچي ويندي.

تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7)

پويان اچڻ وارو هڪ زلزلو ان جي پٺيان ايندو.

قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8)

ان ڏينهن دليون (خوف ۾) ڌڙڪنديون.

أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9)

انهن جون اکيون جُهڪيل هونديون.

يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10)

(ڪافر) چون ٿا ته: ”ڇا اسان وري پهرئين حالت ڏي موٽايا وينداسين؟

أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11)

ڇا جڏهن اسان ڳريل هڏيون ٿي وينداسين“؟

قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12)

چون ٿا ته: ”اهو (موٽڻ) تڏهن ته نقصان وارو موٽڻ هوندو“.

فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13)

پوءِ اها ته رڳو هڪڙي سخت هَڪل هوندي.

فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14)

تڏهن اُهي هڪ کليل ميدان ۾ پيا هوندا.

هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15)

ڇا تو وٽ موسى جي خبر پهتي آهي؟

إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16)

جڏهن کيس سندس پالڻهار طوى جي پاڪ وادي ۾ سڏيو هيو.

اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17)

ته : ”تون فرعون ڏانهن وڃ اهو سرڪش ٿي ويو آهي.

فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18)

پوءِ (کيس) چؤ ته ڇا تنهنجي خواهش آهي ته تون پاڪ ٿين؟

وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19)

۽ آءٌ تنهنجي پالڻهار ڏانهن تنهنجي رهنمائي ڪيان ته تون (ان کان) ڊڄين“.

فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20)

پوءِ (اتي وڃي) کيس وڏي نشاني ڏيکاريائين.

فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21)

پوءِ ان ڪوڙو سمجھيو ۽ نافرماني ڪيائين.

ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22)

پوءِ پٺيرو ٿيو (موسى جي خلاف) ڪوشش ڪرڻ لڳو.

فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23)

پوءِ (ماڻهن کي) گڏ ڪري پوءِ پڪاريائين.

فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24)

پوءِ چيائين: ”آءٌ اوهان جو سڀ کان وڏو پالڻهار آهيان“.

فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25)

پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.

إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26)

بيشڪ ان (قصي ۾) ان ماڻهوءَ عبرت آهي لاءِ جيڪو (الله کان) ڊڄي ٿو.

ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27)

ڇا توهان جو پيدا ڪرڻ وڌيڪ سخت آهي يا آسمان جو؟ جنهن کي ان بنايو آهي.

رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28)

ان جي ڇت اوچي ڪيائين پوءِ ان کي ٺيڪ طرح سڌو ڪيائين.

وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29)

۽ ان جي رات کي اونداهو ڪيائين ۽ ان جي روشني (ڏينهن) کي ظاهر ڪيائين.

وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30)

۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇايائين.

أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31)

ان مان ان جو پاڻي ۽ گاهه ڪڍيائين.

وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32)

۽ جبلن کي ان ۾ کوڙيائين.

مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33)

(اُهو جياپي جو سامان) اوهان لاءِ ۽ اوهان جي جانورن جي فائدي لاءِ (ڪيائين).

فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34)

پوءِ جڏهن وڏي آفت (قيامت) ايندي.

يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35)

ان ڏينهن انسان پنهنجي ڪوشش (۽ عملن) کي ياد ڪندو.

وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36)

۽ هر ڏسڻ واري لاءِ دوزخ نِروار ڪيو ويندو.

فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37)

پوءِ جنهن سرڪشي ڪئي هوندي.

وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38)

۽ دنياوي حياتي کي (آخرت) کان وڌيڪ سمجھيو هوندائين.

فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39)

ته بيشڪ دوزخ (ان جي) رهڻ جي جاءِ هوندي.

وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40)

۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي سامهون بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ نفس کي (برين) خواهشن کان روڪيو هوندائين.

فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41)

ته پوءِ بيشڪ جنت ئي ان جي جاءِ آهي.

يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42)

تو کان (قيامت جي) گھڙي جو پڇن ٿا ته: ”اها ڪڏهن ٿيندي“؟

فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43)

تنهنجو ان جي (وقت) بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو؟

إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44)

تنهنجي پالڻهار ڏانهن ان جي (علم جي) انتها آهي.

إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45)

تون صرف ان شخص کي ڊيڄارڻ وارو آهين جو ان کان ڊڄي ٿو.

كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46)

جنهن ڏينهن اُهي ان کي ڏسندا ته ائين سمجھندا ڄڻڪ (دنيا ۾) هڪ شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025