| وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
|
انهن (ملائڪن) جو قسم آهي جيڪي (بد عمل ماڻهن جا روح) سختيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا. |
| وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
|
۽ انهن جو جيڪي (نيڪوڪارن جا روح) آسانيءَ سان ڪڍن ٿا. |
| وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
|
۽ انهن جو جيڪي (هوا) چيريندا اچن ٿا. |
| فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ اڳتي وڌندا رهن ٿا (۽ ڪا رڪاوٽ نٿي پوي). |
| فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ هر ڪم جي تدبير ڪن ٿا، (هنن سڀني شين کي شاهد بنائي اسان چئون ٿا) ته قيامت ضرور ٿيندي. |
| يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
|
جنهن ڏينهن ڌڏڻ واري (ڌرتي) ڌڏندي. |
| تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
|
هن حالت ۾ جو پٺيان اچڻ واري (صور جي گجگوڙ) ان جي پٺيان ايندي. |
| قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
|
ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن (ان صور جي ڏهڪاءَ سان) ڏڪڻ واريون هونديون. |
| أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
|
(ان وقت بدڪار ماڻهن جون خواريءَ کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون. |
| يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
|
(هن وقت سندن غرور جي حالت آهي جو هو مڪافات وارن قانونن سان مذاق ڪندي) چون ٿا ته، ڇا اسين (مرڻ کان پوءِ وري) پهرين حالت (حيات) ڏي موٽايا وينداسون. |
| أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
|
ڇا (ان وقت موٽايا وينداسون) جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون. |
| قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
|
چون ٿا ته، (جيڪڏهن) اهو (مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿيڻو آهي) پوءِ نقصان وارو موٽڻ آهي. |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
(نه مشڪل سمجهو ان کي) ڇو ته اهو (واقعو) رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي. |
| فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
|
پوءِ اهي ڏسندي ئي (قيامت ڏينهن) ميدان تي اچي ويندا. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
|
(اي پيغمبر!) ڇا توکي موسيٰ جي ڳالهه پهتي آهي؟ |
| إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
|
جڏهن ان کي سندس پاليندڙ طويٰ جي مقدس نئي ۾ سڏيو. |
| اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
|
ته تون فرعون ڏي وڃ، ڇو ته هو (ڪمزورن کي دٻائي) حد کان لنگهي ويو آهي. |
| فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
پوءِ ان کي چؤ ته، (تون دولت ۽ طاقت کي سڀ ڪجهه بڻايو آهي) ڇا توکي (انهن گندين خصلتن کان) پاڪ ٿيڻ جي به ڪا گهرج آهي؟ |
| وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
|
۽ هيءَ به (گهرج آهي) ته آئون توکي تنهنجي پالڻهار جو (عام پالڻهاريءَ وارو) رستو ڏيکاريان ته (تنهنجي لاءِ حجت بڻجي ۽) ان کان ڊڄين. |
| فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
|
پوءِ ان کي (خدائي قانونن جي علامت لٺ ۽ روشن هٿ جي معجزي واري) وڏي نشاني ڏيکاريائين. |
| فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
|
پوءِ (به هو سرڪشي تان نه لٿو جو) هن (موسيٰ کي) ڪوڙو ڪيو ۽ نافرماني ڪيائينس. |
| ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
|
ويتر پرپٺ ٿي (موسيٰ جي خلاف) ڪوششون ڪرڻ لڳو. |
| فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
|
پوءِ هن (فرعون پنهنجي قوم کي) گڏ ڪيو پوءِ وڏي واڪي تقرير ڪيائين. |
| فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
|
پوءِ (انهن کي) چيائين ته، آئون اوهان جو تمام مٿاهون پاليندڙ آهيان. |
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
|
پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
|
بيشڪ ان (واقعي) ۾ ان لاءِ نصيحت آهي جيڪو (الله تعاليٰ کان) ڊڄي ٿو. |
| ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
|
ڇا پيدائش جي لحاظ کان اوهان جو بنائڻ زياده مشڪل آهي يا آسمان جو؟ |
| رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
|
(جنهن کي) اهڙيءَ طرح (بنايو اٿس) جو ان جي ٿلهائي (ڇت) کي مٿي ڪري پوءِ ان کي برابر ڪيو اٿس. |
| وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
|
۽ ان جي رات کي اونداهيءَ وارو ڪيو اٿس ۽ (ڏينهن کي) ان جي روشنيءَ سان ڪڍيو اٿس. |
| وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
|
۽ ان کان پوءِ زمين کي (اوهان جي سهولت لاءِ) وڇائي ڇڏيو اٿس. |
| أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
|
(هن طرح جو) اُن مان اُن جو پاڻي ۽ ان جا نباتات ڪڍيا اٿس. |
| وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
|
۽ جبلن کي (مضبوط) کوڙيو اٿس. |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
|
(انهيءَ سڄي سلسلي کي ترتيب سان رکيو اٿس) اوهان کي ۽ اوهان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ. |
| فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
|
پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي. |
| يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
|
جنهن ڏينهن سڀڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين. |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
|
۽ ڏسڻ واري لاءِ (سندس اکين اڳيان) دوزخ ظاهر ڪيو ويندو. |
| فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
|
ته پوءِ جيڪو (زندگيءَ جي عملن ۾) حدن کان لنگهيو هوندو. |
| وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
|
۽ دنيا جي حياتيءَ کي (آخرت جي حياتيءَ تي) پسند ڪيو هوندائين. |
| فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
|
ته بيشڪ دوزخ ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي. |
| وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
|
۽ جيڪو شخص پنهنجي پاليندڙ جي سامهون (حساب ڪتاب جي سختي واري حالت ۾) بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ پنهنجي (ان خوف جي ڪري) نفس کي خواهشن کان روڪيو هوندائين. |
| فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
|
ته بيشڪ جنت ئي ان جي رهڻ جي جاءِ آهي. |
| يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
|
(اي پيغمبر! اهي ماڻهو اعتراض طور) توکان قيامت جو پڇن ٿا ته، اها ڪڏهن ٿيڻ واري آهي. |
| فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
|
(اي پيغمبر!) تنهنجو ان جي (وقت) بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو. |
| إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
|
تنهنجي پاليندڙ کي ئي ان جي پڇاڙيءَ (واقع ٿيڻ) جي خبر آهي. |
| إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
|
تون رڳو ان شخص کي (خدا جي حڪمن جي نافرمانيءَ کان) ڊيڄاريندڙ آهين جو ان کان ڊڄي ٿو. |
| كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
|
جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن قيامت کي ايترو تڪڙو آيل ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا ۾) هڪڙي شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا. |