| وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي سختي سان (ڪافرن جا) ساهه ڪڍن ٿا |
| وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
|
قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي نرمي سان (مؤمنن جا) ساهه ڪڍن ٿا |
| وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
|
قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي تيزي سان لهن ٿا |
| فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي مؤمنن جا روح جنت ۾ پهچائن ٿا |
| فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي حڪم مطابق انتظام هلائن ٿا |
| يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
|
ان ڏينهن پهرين ڦوڪ ڦوڪي ويندي |
| تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
|
ان کان پويان ٻي ڦوڪ ڦوڪي ويندي |
| قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
|
ان ڏينهن دليون ڏڪندڙ هونديون |
| أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
|
اکيون هيٺ جھڪيل هونديون |
| يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
|
اهي (ڪافر) چوندا ڇا بيشڪ اسين پهرين حالت ۾ موٽايا وينداسين؟ |
| أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
|
ڇا جنهن وقت اسين ڳريل هڏا هونداسين |
| قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
|
چوندا ان وقت اهو موٽڻ (اسان لاءِ) نقصانده آهي |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ ان لاءِ فقط هڪ هَڪل ٿيندي |
| فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
|
پوءِ اهي ان وقت کليل ميدان ۾ (زنده ٿي) پهچندا |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
|
ڇا توهان وٽ موسيٰ جي ڳالهه پهتي؟ |
| إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
|
جنهن وقت ان کي سندس رَبَّ طور سينا جي مُقدس وادي ۾ پُڪاريو |
| اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
|
ته تون فرعون ڏانهن وڃ بيشڪ اهو (ڪفر ۽ فساد ۾) حد کان وڌي ويو |
| فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
پوءِ تون ان کي چئو ته ڇا تون پاڪ ۽ صاف ٿيڻ گھرين ٿو |
| وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
|
۽ آئون توکي تنهنجي رب ڏانهن رستو ڏيکاريان ٿو پوءِ تون (ان جي عذاب کان) خوف ڪر |
| فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
|
پوءِ موسيٰ ان کي هڪ وڏي نشاني ڏيکاري |
| فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
|
پوءِ فرعون تڪذيب ڪئي ۽ ان نافرماني ڪئي |
| ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
|
ان کان پوءِ پُٺ ڏئي، مخالفت ڪئي |
| فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
|
پوءِ (جادوگرن کي) گڏ ڪري پوءِ ندا ڪيائين |
| فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
|
پوءِ چيائين آئون توهان جو مٿاهون رب آهيان |
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
|
پوءِ الله تعالى ان کي دنيا ۽ آخرت جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
|
بيشڪ انهيءَ ۾ يقيناً ان ماڻهوءَ لاءِ عبرت آهي جيڪو خوف ڪري ٿو |
| ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
|
ڇا توهان تخليق ڪرڻ ۾ وڌيڪ سخت آهيو يا آسمان، الله تعالى ان کي بنايو |
| رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
|
ان جي ڇت کي بلند ڪيائين پوءِ ان کي هموار ڪيائين |
| وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
|
۽ ان آسمان جي رات اونداهيءَ واري ڪيائين ۽ ان جي روشني کي چمڪايائين |
| وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
|
۽ زمين کي ان کان پوءِ وڇايو |
| أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
|
انهيءَ مان ان جو پاڻي ۽ مال جو چارو پيدا ڪيائين |
| وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
|
۽ ان جي جبلن کي مضبوط بنايو |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
|
انهن ۾ توهان لاءِ ۽ توهان جي چؤپاين لاءِ نفعو آهي |
| فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
|
پوءِ جڏهن وڏي مصيبت (ٻي ڦوڪ) ايندي |
| يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
|
اُن ڏينهن انسان پنهنجي ڪيل عمل کي ياد ڪندو |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
|
۽ هر ڏسندڙ لاءِ جهنم ظاهر ڪئي ويندي |
| فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
|
پوءِ جيڪو ماڻهو حد کان وڌيو |
| وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
|
۽ دنيا جي زندگي کي (آخرت تي) ترجيح ڏنائين |
| فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
|
پوءِ بيشڪ اها جهنم ئي اُن جي رهائش آهي |
| وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
|
۽ پر اهو ماڻهو جيڪو پنهنجي رب جي دربار ۾ بيهڻ کان ڊنو ۽ پنهنجي نفس کي بُرن ڪمن کان روڪيو |
| فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
|
پوءِ بيشڪ اها جنت ئي سندس رهائش ٿيندي |
| يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
|
رسولِ عربي اهي توهان کان قيامت بابت سوال ڪن ٿا ته اها ڪهڙي انتظار ۾ آهي |
| فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
|
توهان کي ان جي ذڪر مان ڪهڙو فائدو |
| إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
|
توهان جي رب تائين ان جي انتها آهي |
| إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
|
توهان ته ان کي ڊيڄاريندڙ آهيو جيڪو ان جي عذاب کان ڊڄي ٿو |
| كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
|
گوياڪ بيشڪ اهي ان ڏينهن کي ڏسندا (۽ چوندا) نه رهياسين اسين (دنيا ۾) مگر هڪ شام يا هڪ صبح |