| وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
|
اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي. |
| وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
|
۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي. |
| وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
|
۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي. |
| فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي. |
| فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي. |
| يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
|
ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي. |
| تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
|
ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو. |
| قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
|
تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون. |
| أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
|
انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون. |
| يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
|
چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟ |
| أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
|
ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟ |
| قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
|
چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي. |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي. |
| فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
|
پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
|
(اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟ |
| إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
|
جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو. |
| اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
|
ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي. |
| فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟ |
| وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
|
۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين. |
| فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
|
پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين. |
| فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
|
پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين. |
| ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
|
وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو. |
| فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
|
پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين. |
| فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
|
پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان. |
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
|
پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
|
بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي. |
| ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
|
ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟ |
| رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
|
اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين. |
| وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
|
۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين. |
| وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
|
۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين. |
| أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
|
اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين. |
| وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
|
۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين. |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
|
اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ. |
| فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
|
پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو. |
| يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
|
اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين. |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
|
۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو. |
| فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
|
پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو. |
| وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
|
۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين. |
| فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
|
تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي. |
| وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
|
۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين. |
| فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
|
پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي. |
| يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
|
(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟ |
| فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
|
(اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟ |
| إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
|
اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي. |
| إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
|
جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين. |
| كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
|
جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا. |