| وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
|
شاهد آهن؛_ سختيءَ سان (ساهه) ڪڍندڙ. |
| وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
|
آسانيءَ سان ڳنڍ کوليندڙ. |
| وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
|
(فضا ۾) ترندا رهندڙ. |
| فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ وک وڌائيندڙ |
| فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ ڪمن جو انتظام ڪندڙ ملائڪ؛ |
| يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
|
ته هڪ ڏينهن زمين ڌڏندي. |
| تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
|
۽ کيس وري وري ڌوڏا ايندا. |
| قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
|
ان ڏينهن دليون ڪنبندڙ هونديون. |
| أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
|
سندن اکيون جهڪيل هونديون. |
| يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
|
چون ٿا ته ”ڇا، تڏهن وري به ساڳيءَ هن حالت ۾ ٿينداسون؟“ |
| أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
|
جڏهن اسين سڙيل هڏا ٿي وينداسون، |
| قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
|
چون ٿا ته ”اهو ٻيو دفعو جيئرو ٿيڻ ته نقصان وارو آهي!“ |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ اها (قيامت) رڳي هڪ هڪل هوندي، |
| فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
|
جنهن ڪري يڪدم سڀ اچي ميدان ۾ بيهندا. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
|
ڇا، توکي موسيٰ جي خبر پهتل آهي؟ |
| إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
|
جڏهن سندس رب کيس پاڪ ماٿريءَ طويٰ ۾ سڏيو. |
| اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
|
ته ”فرعون ڏي وڃ، جو هو سرڪشي ٿو ڪري. |
| فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
پوءِ چوينس ته اٿيئي ڪو گناهن کان پاڪ ٿيڻ جو ارادو؟ |
| وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
|
۽ آءُ توکي تنهنجي رب جو رستو ڏيکاريان، ته مَن تون کانئس ڊڄين؟“ |
| فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
|
پوءِ هن کيس وڏي نشاني ڏيکاري |
| فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
|
مگر هُن کيس ڪوڙ سمجهيو ۽ نه مڃيائين. |
| ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
|
پوءِ پُٺ ڦيري ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ لڳو. |
| فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
|
۽ ماڻهو گڏ ڪري اعلان ڪيائين |
| فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
|
ته ”آءُ ئي اوهان جو سڀ کان مٿانهون مالڪ آهيان!“ |
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
|
پوءِ الله کيس آخرت خواهه دنيا ٻنهي جي عذاب سان پڪڙ ڪئي. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
|
بيشڪ انهي ۾ خدا ترس جي واسطي عبرت آهي! |
| ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
|
ڀلا اوهان جو بنائڻ وڌيڪ ڏکيو آهي يا آسمان؟ جو هن کيس بنايو. |
| رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
|
سندس ڇت کي اونچو ڪيائين، پوءِ کيس سڌو ڪيائين. |
| وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
|
سندس رات کي اونداهو ڪيائين، سندس ڏينهن جي روشنيءَ کي ڪڍيائين. |
| وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
|
ان کان پوءِ زمين کي هموار ڪيائين. |
| أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
|
ان مان سندس پاڻي ۽ چارو ڪڍيائين. |
| وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
|
۽ جبلن کي کوڙي ڇڏيائين، |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
|
اوهان ۽ اوهان جي ڍورن جي فائدي خاطر. |
| فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
|
پوءِ جڏهن وڏي آفت ايندي. |
| يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
|
ان ڏينهن انسان سندس ڪمن کي ياد ڪندو. |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
|
۽ دوزخ کي، ڏسندڙن لاءِ ظاهر ڪبو. |
| فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
|
پوءِ جنهن سرڪشي ڪئي. |
| وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
|
۽ دنيا جي حياتيءَ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو هوندائين |
| فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
|
ته بيشڪ سندس ٺڪاڻو دوزخ آهي. |
| وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
|
مگر جيڪو شخص سندس رب اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ سندس جان کي برين خواهشن کان بچائيندو رهيو. |
| فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
|
ته بيشڪ ان جو ٺڪاڻو بهشت آهي. |
| يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
|
توکان قيامت بابت ٿا پڇن ته ڪڏهن ايندي؟ |
| فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
|
پر تون ڇا لاءِ ٿو ان جي ذڪر ۾ پوين؟ |
| إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
|
ان جو ڇيهه ته تنهنجي ڌڻيءَ وٽ آهي. |
| إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
|
تون ته فقط ان کي ڊيڄار، جو ان کان ڊڄي ٿو. |
| كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
|
جنهن ڏينهن اهي کيس ڏسندا، تڏهن ائين سمجهندا، ته (دنيا ۾) رڳو ڪا شام يا صبح رهيا هئا! |