| وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي (ڪافرن جو ساهه) سختيءَ سان ڪڍندڙ (فرشتن) جو . |
| وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
|
جيڪي (مؤمنن جو) آرام سان ساهه ڪڍن ٿا. |
| وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
|
هو (الله تعالى جي حڪم سان ڪائنات ۾) تيزيءَ سان ڦرندا رهن ٿا. |
| فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
|
ذميدارين کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هوندا آهن. |
| فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
|
(الله تعالى جي حڪم مطابق) ڪائنات جو سمورو نظام هلائين ٿا. |
| يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
|
جنھن ڏينھن زمين زور سان ڌُڏندي. |
| تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
|
وري ان کان پوءِ ٻيھر لوڏا کائيندي. |
| قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
|
ان ڏينھن ڪيتريون ئي دليون خوف کان ڏڪي وينديون. |
| أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
|
انهن جون اکيون ڪومائجي (يعني جهڪيل ٿي) وينديون. |
| يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
|
(ڪافر) چون ٿا ته ڇا اسان کي (ٻيهر جيئرو ڪري) ساڳي حالت ۾ موٽايو ويندو؟ |
| أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
|
جڏهن اسان ڳريل سڙيل هڏا ٿي وينداسين (پوءِ به موٽايو ويندو) |
| قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
|
وڌيڪ چون ٿا ته اها واپسي ته ڏاڍي نقصان واري چئبي. |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
بيشڪ اُها ته هڪ رَڙِ هوندي. |
| فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
|
(جنهن جي نتيجي ۾) سڀ اُتي جو اُتي کليل ميدان ۾موجود هوندا. |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
|
ڇا توهان وٽ موسى ($) جو واقعو پھتو آهي؟ |
| إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
|
جڏهن سندس پالڻھار کيس طوى جي پاڪ واديءَ ۾ سڏيو. |
| اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
|
(۽ کيس حڪم ڪيو ته) فرعون ڏي وڃ. بيشڪ هو بغاوت تي لهي آيو آهي. |
| فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
کيس چؤ ته: ڇا تون سڌرڻ جو ارادو رکين ٿو؟ |
| وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
|
۽ مان تنھنجي پالڻھار ڏي تنهنجي رهنمائي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته جيئن تنھنجي اندر (ان جو) خوف پيدا ٿئي. |
| فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
|
(اطمينان ڏيارڻ خاطر) پوءِ موسى ($) کيس وڏيون نشانيون ڏيکاريون. |
| فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
|
پر هُن موسى ( $ کي) ڪوڙو ڪيو ۽ نافرماني تي لهي آيو. |
| ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
|
(هدايت وارين ڳالهين کي) پٺي ڏنائين ۽ (ان جي خلاف) چال بازيون ڪرڻ لڳو. |
| فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
|
پوءِ ماڻهن کي گڏ ڪري چيائين. |
| فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
|
مان ئي توهان جو سڀ کان وڏو پالڻھار آهيان. |
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
|
پوءِ الله تعالى کيس دنيا ۽ آخرت جي عذاب ۾ پڪڙي ورتو. |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
|
بيشڪ هن واقعي ۾ (پالڻھار کان) ڊڄڻ وارن لاءِ وڏي عبرت آهي. |
| ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
|
ڇا توهان پيدا ڪرڻ ۾ ڏکيا آهيو يا آسمان؟ (ان ئي) آسمان کي بنايو. |
| رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
|
ان جي ڇت بلند ڪئي ۽ ان جو توازن قائم رکيو. |
| وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
|
ان جي رات کي اونداهون ڪيو ۽ (ان مان) روشنيءَ کي ظاهر ڪيو. |
| وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
|
ان کان پوءِ زمين کي وڇايو. |
| أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
|
پوءِ ان جي اندران پاڻي ۽ گاهه ڪڍيو. |
| وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
|
۽ ان ۾ جبل کوڙيائين. |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
|
(اهو سڀ ڪجهه) توهان ۽ توهان جي جانورن جي فائدي لاءِ آهن. |
| فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
|
پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت برپا ٿيندي. |
| يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
|
ان ڏينهن انسان پنھنجي عملن کي ياد ڪندو. |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
|
(هاڻي) هر ڏسڻ واري لاءِ دوزخ کي ظاهر ڪيو ويندو. |
| فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
|
سو جنھن ماڻهو بغاوت ڪئي هوندي. |
| وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
|
۽ دنيا جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني. |
| فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
|
ته بيشڪ دوزخ ئي (اُن جي) رهڻ جي جاءِ هوندي. |
| وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
|
۽ جيڪو ماڻهو (دنيا جي زندگيءَ ۾) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ نفس کي (ناجائز) خواهشن کان روڪيندو رهيو. |
| فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
|
ته پوءِ جنت ئي ان جي رهڻ جي جاءِ آهي. |
| يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
|
(ماڻهو) توهان کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته اُها ڪڏهن ايندي؟ |
| فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
|
پر ان جي ٻڌائڻ ۾ توهان جو ڪهڙو واسطو آهي؟ |
| إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
|
ان جو اصل علم توهان جي پالڻھار کي ئي آهي. |
| إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
|
بيشڪ توهان ته ان کي ڊيڄارڻ وارا آهيو، جيڪو اُن جو خوف رکندو هجي. |
| كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
|
جنھن ڏينھن اُهي ان کي ڏسندا ته (ايئن سمجهندا ته) ڄڻ ته هي هڪ شام يا هڪڙي صبح کان سواءِ دنيا ۾ رهيا ئي نه هئا. |