| وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي انهن (ملائڪن) جو جيڪي ڇڪن ٿا اندر گهڙي |
| وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
|
۽ ڪڍي وڃن ٿا آهستگي سان |
| وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
|
۽ (ملائڪ ڪائنات ۾) تيزيءَ سان ڦرن ٿا |
| فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
|
حڪم پورا ڪن ٿا اڳتي وڌي |
| فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
|
(حڪمِ الاهي تي) معاملن جو انتظام هلائن ٿا |
| يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
|
جڏهن ڏينهن ڌوڏي ماريندو زلزلي جو جهٽڪو |
| تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
|
ان بعد لڳندو هڪ ٻيو جهٽڪو |
| قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
|
ڪي دليون ان ڏينهن ڏڪنديون هونديون خوف کان |
| أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
|
سندن اکيون ڊنل هونديون خواري کان |
| يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
|
هي ماڻهو چون ٿا، ڇا موٽايا وينداسين پوئين پيرين ساڳيءَ حالت ۾! |
| أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن ٿي وينداسين هڏا پراڻا ڀُريل ۽ ڳريل |
| قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
|
چوڻ لڳا، اها واپسي ته پوءِ ڏاڍي هوندي گهاٽي واري |
| فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
|
پوءِ جڏهن هي ايترو ڪم آهي جو هڪ هڪل ٿيندي هڪ ڏينهن |
| فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
|
پوءِ اتي ئي اهي هڪ کليل ميدان ۾ (گڏ) هوندا |
| هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
|
ڇا توهان کي پهتي آهي (اها) ڳالهه موسيٰ جي |
| إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
|
پوءِ جڏهن کيس سڏي سندس رب چيو هو پاڪ وادي طويٰ ۾ |
| اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
|
تون وڃ فرعون ڏانهن بيشڪ هو سرڪش ٿي ويو آهي |
| فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
|
پوءِ ان کي چؤ ، ڇا تون تيار آهين پاڪيزگي اختيار ڪرڻ لاءِ |
| وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
|
۽ آئون رهنمائي ڪريان تنهنجي رب ڏانهن ته ان جو خوف تنهنجي اندر پيدا ٿئي؟ |
| فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
|
پوءِ ڏيکاري نشاني (موسيٰ ان کي) وڏي |
| فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
|
پر هن ڪوڙو ڀانيو (موسيٰ کي) ۽ نه مڃيو |
| ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
|
وري چالبازين لاءِ موٽيو (پٺيرو تڪڙو) |
| فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
|
ماڻهن کي گڏ ڪري چيائين |
| فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
|
پوءِ چيو، آئون توهان جو رب آهيان سڀ کان وڏو |
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
|
نيٺ کيس پڪڙيو الله سزا طور آخرت ۽ دنيا ۾ |
| إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
|
بيشڪ انهيءَ جي اندر وڏي عبرت آهي هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو ڊڄي |
| ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
|
ڇا توهان ماڻهن جي وڌيڪ ڏکي آهي پيدائش يا آسمان جي؟ ان کي بڻايو (الله) |
| رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
|
تمام مٿاهين ڪيائين ڇت ان جي پوءِ ان کي برابر بيهاريائين |
| وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
|
پوءِ ان جي ڍڪيائين رات ۽ ڪڍيائين ان جو (روشن) ڏينهن |
| وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
|
۽ زمين کي ان کان پوءِ وڇايائين |
| أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
|
ڪڍيائين ان جي اندر مان پاڻي ۽ چارو (گاهه) |
| وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
|
۽ جبلن کي ان ۾ کوڙيائين (ڪِلن جيان) |
| مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
|
گذران ٿئي ٿو توهان جي (جياپي جو) ۽ توهان جي ڍورن لاءِ (کاڌو) |
| فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
|
پوءِ جڏهن اهو ايندو (برپا ٿيندو) هنگامو (وڏي ۾) وڏو |
| يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
|
تنهن ڏينهن ساريندو انسان پنهنجي سڀڪا ڪمائي |
| وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
|
۽ کوليو ويندو دوزخ هر ڏسڻ واري لاءِ |
| فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
|
پوءِ جنهن ڪئي سرڪشي |
| وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
|
۽ ترجيح ڏني هئي دنيا جي زندگيءَ کي |
| فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
|
پوءِ بيشڪ دوزخ ئي ان جي جاءِ هوندي (رهڻ جي) |
| وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
|
۽ جيڪو به ڊنو بيهڻ کان سامهون پنهنجي رب جي، ۽ روڪي رکيو هو نفس کي برين خواهشن کان |
| فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
|
پوءِ بيشڪ جنت ئي ان جي جاءِ هوندي (رهڻ جي) |
| يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
|
توکان پڇن ٿا هي ماڻهو ته، آخر اها گهڙي (قيامت) ڪڏهن ايندي؟ |
| فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
|
پوءِ ڪهڙو ڪم تنهنجو جو ان جو وقت ٻڌائين؟ |
| إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
|
اهو ته تنهنجي رب وٽ ان جو (اصلي) ڇيهه آهي |
| إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
|
بيشڪ تون ته فقط خبردار ڪرڻ وارو آهين جيڪو ڊڄي ان کان |
| كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
|
بيشڪ جڏهن ان ڏينهن کي ڏسندا ته کين (محسوس ٿيندو) اهي رهيا آهن ڪا شام (هڪ ڏينهن جي) يا ان جو صبح |