| عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1) |
|
اهي ماڻهو ڪهڙي شيءِ بابت پڇا ڪن ٿا؟ |
| عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2) |
|
ڇا انهيءَ وڏيءَ خبر بابت؟ |
| الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3) |
|
جنهن بابت انهن مان ڪي ڪيئن ٿا چون ته ڪي ڪيئن ٿا چون |
| كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
ڪڏهن به نه، سگهوئي خبر پوندن |
| ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5) |
|
ها، ڪڏهن به نه، ڄاڻ ٿو پتو پوينِ |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6) |
|
ڇا اها حقيقت ناهي ته اسان زمين کي وڇاڻو بنايو |
| وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7) |
|
۽ جبلن کي ميخون ڪري کوڙيو |
| وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8) |
|
۽ توهان (مردن ۽ عورتن) کي جوڙا جوڙا ڪري پيدا ڪيو |
| وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9) |
|
۽ توهان جي ننڊ کي آرام ڏيندڙ |
| وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10) |
|
۽ رات کي ڍَڪُ |
| وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11) |
|
۽ ڏينهن کي روزگار جو وقت بڻايو آهي |
| وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12) |
|
۽ توهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بيهاريا |
| وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13) |
|
۽ هڪڙو نهايت چمڪندڙ ۽ گرم ڏيئو (سج) پيدا ڪيو |
| وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14) |
|
۽ ڀريل ڪڪرن مان پوندڙ مينهن وسايو |
| لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15) |
|
تانته ان وسيلي اناج، ڀاڄيون اُپايون |
| وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16) |
|
۽ گهاٽا باغ |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17) |
|
بيشڪ فيصلي وارو ڏينهن هڪڙو مقرر ڪيل وقت آهي |
| يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18) |
|
جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته توهان ميڙا ڪري نڪري ايندؤ |
| وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19) |
|
۽ آسمان کي کوليو ويندو، تانجو اهو دروازا دروازا ٿي پوندو |
| وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20) |
|
۽ جبلن کي هلايو ويندو، تانجو اهي رُڃ بڻجي ويندا |
| إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21) |
|
دراصل جهنم هڪڙو گــَـهٽ آهي |
| لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22) |
|
حد کان لنگهندڙن جو ٺڪاڻو |
| لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23) |
|
جنهن ۾ هو ڊگهيون مدتون پيا هوندا |
| لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24) |
|
جتي نڪي ڪا ٿـڌاڻ ۽ نه پيئڻ لائق ڪا شيءِ چکندا |
| إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25) |
|
ڪجهه ملندن ته بس رڳو ٽهڪندڙ پاڻي ۽ ڦــٽن جي پونءِ |
| جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26) |
|
(سندن ڪرتوتن جو) پورو پورو بدلو |
| إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27) |
|
اهي ڪنهن حساب ڪتاب جي ڪا اميد نه رکندا هئا |
| وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28) |
|
۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيندا هئا |
| وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29) |
|
۽ حال هي هو جو اسان هر شيءِ ليکي ۾ آڻي لکي رکي هئي |
| فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30) |
|
هاڻي چکو مزو، اسان توهان لاءِ عذاب کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ ڪڏهن به ڪو واڌارو نه ڪنداسون |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31) |
|
بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ڪاميابيءَ جو هنڌ آهي |
| حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32) |
|
باغ ۽ انگور |
| وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33) |
|
۽ ننڍيون نيٽيون هڪ جيڏيون نينگريون |
| وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34) |
|
۽ ڇــُـلڪندڙ پيالا |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35) |
|
اُتي هو ڪا واهيات ڳالهه ۽ ڪو ڪوڙ نه ٻڌندا |
| جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36) |
|
(اي نبي) اجورو ۽ انعام تنهنجي رب وٽان |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37) |
|
انهيءَ بيحد مهربان مالڪ وٽان جيڪو آسمانن ۽ زمين ۽ سندن وچ وارين سڀني شين جو رب آهي، جنهن جي آڏو ڪنهن کي به ڪجهه ڪڇڻ جي مجال ناهي |
| يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38) |
|
جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا ته ڪوبه نه ڳالهائيندو، سواءِ ان جي جنهن کي رحمان اجازت ڏئي ۽ هو صحيح ڳالهه چوي |
| ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39) |
|
اهو ڏينهن سچ پچ اچڻو آهي، پوءِ جنهن جي دل گــُـهري ته پنهنجي رب ڏانهن موٽڻ جو (ڀلو) ماڳ بڻائي |
| إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40) |
|
اسان توهان کي انهيءَ عذاب کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي، جيڪو اچي سڻائو ٿيو آهي. جنهن ڏينهن ماڻهو اهو سڀ ڪجهه اکين سان ڏسندو، جيڪو سندس هٿن اڳواٽ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ڪافر (رڙ ڪري) چوندو ته هاءِ مان ته جيڪر مٽي هجان ها |