القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ النَّبَاِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 40


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1)

اهي ماڻهو پاڻ ۾ ڪهڙي شيءِ جو حال پڇن ٿا.

عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2)

هڪ وڏي خبر جو حال

الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3)

جنهن (جي باري) ۾ اهي ماڻهو اختلاف ڪري رهيا آهن.

كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4)

خبردار کين جلد ئي خبر پوندي.

ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5)

وري خبردار ٿين اجهو اهي ضرور ڄاڻي وٺندا.

أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6)

ڇا اسين زمين کي وڇاڻو نه ڪيو آهي؟

وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7)

۽ جبلن کي (زمين جون) ميخون نه ڪيون آهن؟

وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8)

۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي.

وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9)

۽ اوهان جي ننڊ کي آرام (جو سبب) مقرر ڪيو آهي،

وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10)

۽ رات کي ڍڪ ڪيو آهي.

وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11)

۽ ڏينهن کي گذران (جو وقت) ڪيو آهي،

وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12)

۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بنايا،

وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13)

۽ اسان ئي (سج کي) روشن چراغ بنايو

وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14)

۽ اسان ئي ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي وسايو آهي،

لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15)

ته ان سان داڻا ۽ گاھ پيدا ڪريون،

وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16)

۽ گهاٽا گهاٽا باغ.

إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17)

بيشڪ فيصلي جو ڏينهن مقرر (ٿيل) آهي،

يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18)

جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو پوءِ اوهين ٽوليون ٽوليون ٿي حاضر ٿيندو،

وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19)

۽ آسمان کوليو ويندو، جنهن ۾ دروازا ٿي پوندا.

وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20)

۽ جبل هلائبا پوءِ اهي رڃ جهڙا ٿي پوندا،

إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21)

بيشڪ دوزخ هڪڙو (چوڪي) گهاٽ آهي.

لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22)

سرڪش جي رهڻ جي جاءِ آهي،

لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23)

جي ان ۾ ڊگهي عرصي تائين عذاب ۾ رهندا.

لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24)

ته ان ۾ ڪا ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شيءِ چکندا.

إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25)

سواءِ گرم پاڻي ۽ پون جي،

جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26)

اهو پورو پورو بدلو ڏنو ويندن،

إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27)

دراصل اهي ماڻهو (آخرت جي) حساب جي اميد ئي نه رکندا هئا.

وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28)

۽ انهن اسان جي آيتن کي بلڪل ڪوڙو ڪري ڇڏيو هو.

وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29)

۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان ته لکي ڳڻي ڇڏيو آهي.

فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30)

سو (عذاب جي وقت چئبن ته) چکو! جو اسين اوهان تي عذاب کان سواءِ ڪجھ به نه وڌائينداسون.

إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31)

بيشڪ پرهيزگارن لاءِ وڏي ڪاميابي آهي،

حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32)

(يعني بهشت جا) باغ ۽ ڊاکون،

وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33)

۽ هڪ جيڏيون ڪنواريون زالون،

وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34)

۽ (شراب جا) ڀريل ساغر آهن.

لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35)

ان ۾ ڪا اجائي بڪ نه ٻڌندا ۽ نه ڪوڙ.

جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36)

(اهو) اوهان جي پالڻهار جي طرفان ڪافي انعام ۽ عوض آهي.

رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37)

جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پالڻهار آهي جو وڏو مهربان آهي. اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا.

يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38)

جنهن ڏينهن جبرئيل ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن ان سان ڪو به نه ڳالهائيندو سواءِ ان شخص جي جنهن کي خدا اجازت ڏئي ۽ اهو چوي به مناسب ڳالھ.

ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39)

اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي. پوءِ جنهن کي وڻي سو پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ (پنهنجي) رهڻ جي جاءِ بڻائي.

إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40)

بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب (اچڻ واري) کان خبردار ڪيو آهي جنهن ڏينهن سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي هٿين اڳ ئي موڪليل (اعمالن) کي ڏسندو ۽ ڪافر چوندو ته جيڪر آءُ مٽي هجان ها!


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025