القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ النَّبَاِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 40


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1)

پُڇن ڇا جا پار؟

عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2)

پُڇن ڳَرِي ڳالھ جو،

الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3)

اُهي آهِن اُن ۾، ڌُرِيون ڌارو ڌار،

كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4)

سَچ پَچ سِگھو سَمجھندا، ته قِيامت ڪِهڙي ڪار،

ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5)

وَرِي به سِگھو سَمجھندا، صَحِي سَماچار،

أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6)

ڇا، ڪيون سون ڪِيَن زَمِين کي غالِيچو گُلزار؟،

وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7)

۽ جَڙون ڪيوسون جَبَلن کي، ڪِل سان، ڪِل قطار،

وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8)

۽ اُپايو سون آن کي، جوڙو، نَر ۽ نار،

وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9)

۽ اَهنجِي نَنڊ اوهان لئي، ڪَئـِي سون بِه قرار،

وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10)

۽ ڪَيوسون ڪارِي رات کي، پَهرَن پَهر چار،

وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11)

۽ ڏِينهن ڪيوسون ڏيھ لئي، روشن روزگار،

وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12)

پڻ اَڏياسون آن مٿان، سَت اُڀ سَخت اَپار،

وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13)

۽ ڏيو ڪيو سون ڏيھ ۾، چَمڪندڙ چوڌار،

وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14)

پڻ لاٿوسون لُطف سان، مَنجھان مينگھ مَلهار، پاڻي پوڄ پَٽن تي، نَمندڙ نارو نار،

لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15)

ته ڪڍون ڪڻ اُنهِين سان، کارِيون کوڙ خرار، ساوڪ سَر زمين تي، اوڀڙ عجب اِسرار،

وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16)

ويڙهيل وڻ، وڻن تان، برپٽ باغ وبهار،

إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17)

ته اَوس ڏِينهن اِنصاف جو، ٻَڌل آھِ ٻيهار،

يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18)

جِنهن ڏِينهن ڏَنڊ ۾ ڦوڪيو، حُڪم سانَ هيڪار، پوءِ ٽولن پُٺيان ٽوليون، نِڪرنديون نِروار،

وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19)

۽ کُلِي اُڀ دَر ٿئي، اَچ وَڃ لئي اِظهار،

وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20)

۽ هَلَن جَبَل جھان جا، رُڃَّ جي رَفتار،

إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21)

بيشڪ باھ بُڇڙن لئي، آهي اِنتظار،

لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22)

جٽادار، جنهن ۾،

لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23)

هُوندا سال هزار،

لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24)

پاڻي پَڪ نه اُن ۾، ۽ نَه بَرف چکن بَدڪار،

إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25)

ڌاران گَرم گند جي، جو بِلڪل بَدبُوءِ دار،

جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26)

بَدلو سو بَديَن جو، پُورا پُورا پار،

إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27)

هرگز حرف حساب جو، سي وَٺندا نه هُئا وِيچار،

وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28)

ڪوٺيون ڪوڙيون آيتون، اَسان جون اِظهار،

وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29)

قابو ڪيو سون ڪِتاب ۾، هر شئ جو شُمار،

فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30)

پوءِ دائـِم دَرد دوزخ ۾، کائو خُوب خوار!، پوءِ آن کي ري آزار، ٻِيو ذرو زياده نه ڏِيون.

إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31)

بيشڪ نيڪ بندن لئي، آهِن باغ، بُستان،

حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32)

عاليشان انگور ڪَئـِين،

وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33)

جيڏيون نوجوان،

وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34)

پڻ پوڻيان پُر پلٽندڙ، پيالا پيمان،

لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35)

ڪَچِي، ڪُوڙِي اُن ۾، ڪَنِين ٻُڌندا ڪانه،

جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36)

پالي پارَ وَٺڻ ري،

رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37)

ڀُونيون، اُڀ، ڪِ اُنهن ۾، جِن جا آهِن آستان، سي راڄ سَڀئـِي رَحمان، ڪُڇِي سَگھندا ڪِين ڪِي، بِلڪل بَند زبان،

يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38)

رُوح، مَلڪ جِنهن مَهل ۾، هُوندا سَڀ حيران، بِيهن صِفون، صفون ڪري، سامهان، کي سُبحان، ڪير نه ڪُڇي اُن وَٽِ، ماٺ مِڙئـِي ميدان، مگر موڪل جِنهن کي ڏِئي، مالِڪ مِهربان، ۽ سَئون سَنواٽو سو چَئي، ٻِيو سڀ بَند بيان،

ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39)

آهي اُهوئـِي ڏِينهن سَچو، مَنڊبو جِت مِيزان، پوءِ جنهن کي وَڻي سو وَٺي، پَنهنجي مالِڪ وَٽ مَڪان،

إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40)

آن کي اوڏي ساڙ جو، اَسان ڪيو اِعلان، ڏِسندو جِنهن ڏِينهن ۾، اَکيَنِ سان اِنسان، جيڪِي اُماڻيو اڳڀرو، سَندسِ هَٿن سامان، ۽ ڪافِر قيد قِيام ۾، اورِيندو اَرمان، جيڪس مَنجھ جَھان، مِٽِي هُجان ها مُورِهين!!


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025