| عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1) |
|
ڪهڙي ڳالهه بابت هڪ ٻئي کان پڇن ٿا؟ |
| عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2) |
|
اهڙي وڏي خبر (قيامت) بابت |
| الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3) |
|
جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندڙ آهن |
| كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
خبردار (متان اختلاف ڪن) اجهو اهي (ان جي حقيقت کي) ڄاڻي وٺن ٿا. |
| ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5) |
|
وري خبردار ٿين اجهو اهي ڄاڻي وٺن ٿا |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6) |
|
(اي ماڻهو!) ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه ڪيو آهي |
| وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7) |
|
۽ جبلن کي زمين جون ميخون؟ |
| وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8) |
|
۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي. |
| وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9) |
|
۽ اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي |
| وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10) |
|
۽ رات کي ڍڪ ڪيو آهي |
| وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11) |
|
۽ ڏينهن کي گذران جو وقت ڪيو آهي |
| وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12) |
|
۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا آهن |
| وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13) |
|
۽ هڪڙو روشن ڏيئو پيدا ڪيو آهي |
| وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14) |
|
۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي لاٿو آهي |
| لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15) |
|
ته ان سان داڻا ۽ گاهه |
| وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16) |
|
۽ گهاٽا باغ پيدا ڪريون |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17) |
|
بيشڪ فيصلي جو ڏينهن هڪ مقرر وقت آهي |
| يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18) |
|
(اهو ڏينهن) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ اوهين ٽوليون ٿي ايندؤ. |
| وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19) |
|
۽ آسمان کولبو جو دروازا ٿي پوندو |
| وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20) |
|
۽ جبل هلائبا پوءِ اهي رُڃ جهڙا ٿي پوندا |
| إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21) |
|
بيشڪ جهنم هڪڙو (چوڪي) گهاٽ آهي. |
| لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22) |
|
سرڪشن جي رهڻ جي جاءِ آهي. |
| لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23) |
|
جي ان ۾ ڊگهيون مُدتون رهندا |
| لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24) |
|
نه ان ۾ ڪا ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شيءِ چکندا |
| إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25) |
|
سواءِ گرم پاڻي ۽ پونءِ جي |
| جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26) |
|
اهو پورو پورو بدلو ڏنو ويندن |
| إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27) |
|
بيشڪ اهي (پنهنجن عملن جي) حساب ڏيڻ جي اميد نه رکندا هئا |
| وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28) |
|
۽ انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري ڇڏيو هو. |
| وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29) |
|
۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان ته لکي ڳڻي ڇڏيو آهي |
| فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30) |
|
سو (عذاب جي وقت چئبن ته) چکو جو اسين اوهان تي عذاب کان سواءِ ڪجهه به نه وڌائينداسون |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31) |
|
بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ئي ڪاميابي |
| حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32) |
|
باغ ۽ ڊاکون |
| وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33) |
|
۽ هڪ جيڏيون ڪنواريون |
| وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34) |
|
۽ (شراب جا) ڀريل پيالا آهن. |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35) |
|
ان ۾ نه ڪا اجائي بڪ ٻڌندا ۽ نه انڪار |
| جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36) |
|
(اي پيغمبرﷺ!) اهي بدلو ڏنا ويندا جو ڪافي انعام آهي |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37) |
|
تنهنجي (ان) پاليندڙ جي طرفان جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي جو وڏو مهربان آهي اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا. |
| يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38) |
|
جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن اهي نه ڳالهائيندا سواءِ ان شخص جي جنهن کي وڏو مهربان اجازت ڏئي ۽اهو چوي به پوري ڳالهه |
| ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39) |
|
اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي. پوءِ جنهن کي وڻي سو پنهنجي پاليندڙ وٽ رهڻ جي جاءِ بڻائي. |
| إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40) |
|
بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاريو آهي جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو اهو ڏسندو جنهن کي سندس هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ ڪافر چوندو ته جيڪر آءُ مٽي هجان ها. |