| عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1) |
|
اِهي ڇا جي باري ۾ پڇن ٿا؟ |
| عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2) |
|
تمام وڏي خبر جي باري ۾. |
| الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3) |
|
جنهن بابت اِهي اختلاف ڪن ٿا. |
| كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
خبردار! سِگهو اِهي ڄاڻي وٺندا. |
| ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5) |
|
وري خبردار جلد اِهي ڄاڻي وٺندا. |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6) |
|
ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو آهي؟ |
| وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7) |
|
۽ جبلن کي (زمين جون) ميخون بنايو آهي؟ |
| وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8) |
|
۽ اسان اوهان کي (مردن ۽ عورتن جي) جوڙن ۾ پيدا ڪيو آهي. |
| وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9) |
|
۽ اسان اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي. |
| وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10) |
|
۽ اسان رات کي پردو بنايو آهي. |
| وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11) |
|
۽ اسان ڏينهن کي روزگار (جو وقت) بنايو آهي. |
| وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12) |
|
۽ اسان توهان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بنايا آهن. |
| وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13) |
|
۽ اسان هڪ چمڪندڙ روشن چراغ (سج) بنايو آهي. |
| وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14) |
|
۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي نازل ڪيو آهي. |
| لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15) |
|
هن لاءِ ته ان جي ذريعي اناج ۽ گاهه ڄمايون. |
| وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16) |
|
۽ گهاٽا باغ (ڄمايون). |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17) |
|
بيشڪ فيصلي جي ڏينهن جو وقت مقرر آهي. |
| يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18) |
|
جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ توهان ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ. |
| وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19) |
|
۽ آسمان کوليو ويندو پوءِ (ان ۾) دروازا دروازا ٿي پوندا. |
| وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20) |
|
۽ جبل هلايا ويندا پوءِ اُهي رُڃَ وانگر ٿي پوندا. |
| إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21) |
|
بيشڪ دوزخ هڪڙو گهاٽ آهي. |
| لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22) |
|
سرڪش ماڻهن جي لاءِ ٽڪاڻو آهي. |
| لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23) |
|
ان ۾ اُهي وڏو عرصو پيا رهندا. |
| لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24) |
|
نه ان ۾ اُهي ڪنهن ٿڌاڻ جو مزو چکندا نه ڪنهن پيئڻ جي شيءِ جو. |
| إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25) |
|
سواءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ (دوزخين جي ڦٽن مان نڪتل) گند جي. |
| جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26) |
|
(کين سندن ڪرتوتن جو) پورو پورو بدلو ملندو. |
| إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27) |
|
بيشڪ اُهي حساب جو اونو نه رکندا هئا. |
| وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28) |
|
۽ اُهي اسان جي آيتن کي بلڪل ڪوڙو سمجھندا هئا. |
| وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29) |
|
۽ اسان هر شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو آهي. |
| فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30) |
|
پوءِ توهان (پنهنجي بدعملين جو مزو)چکو اسان توهان تي عذاب کان سواءِ ڪجهه نه وڌائينداسين. |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31) |
|
بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ڪاميابي آهي. |
| حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32) |
|
باغات ۽ انگور آهن. |
| وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33) |
|
۽ نوجوان هم عمر دوشيزائون آهن. |
| وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34) |
|
۽ ڇُلڪندڙ (پاڪ) شراب جا جام آهن. |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35) |
|
ان ۾ نه بيهودي ڳالهه ٻڌندا ۽ نه ڪوڙي ڳالهه. |
| جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36) |
|
هي تنهنجي پالڻهار جي طرفان (نيڪ عملن جو) بدلو آهي جيڪو ڪافي انعام آهي. |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37) |
|
(اُهو) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ تن (سڀن) جو، وڏو مهربان آهي (پوءِ به ان جي اذن کان سواءِ) ان سان (روزِ محشر) ڳالهائي نه سگهندا. |
| يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38) |
|
جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا ته ڪيرَ به ڳالهائي نه سگهندا سواءِ ان جي جنهن کي رحمان اجازت ڏئي ۽ اُهو ڳالهه به سڌي چوي. |
| ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39) |
|
اُهو ڏينهن برحق آهي پوءِ جيڪو چاهي (صالح عمل ڪري) پنهنجي پالڻهار وٽ ٽڪاڻو بڻائي. |
| إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40) |
|
بيشڪ اسان اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي. ان ڏينهن هر ماڻهو انهن (عملن) کي ڏسي وٺندو جيڪي ان اڳتي موڪليا آهن ۽ ڪافر چوندو ته: ”هائو جي آءٌ مٽي هجان ها“! |