القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ النَّبَاِ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 40


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1)

(هي ماڻهو) ڪهڙي ڳالهه بابت هڪٻئي کان پڇن ٿا؟

عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2)

اهڙي وڏي واقعي (قيامت) بابت.

الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3)

جنهن ۾ اهي (پاڻ ۾) اختلاف ڪندڙ آهن. (ان لاءِ ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي).

كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4)

پڪ سان (انهن جو اهو اختلاف گهڻو وقت نه هلندو) اجهو اهي ان (جي حقيقت) کي ڄاڻي وٺندا.

ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5)

پوءِ اهي خبردار ٿين (جيئن اهي سمجهن ٿا ائين ڪونهي) اجهو اهي ڄاڻي وٺندا.

أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6)

(اي ماڻهو! اسان لاءِ اهو ڪيئن ناممڪن آهي) ڇا اسان زمين کي (ان جي گولائي ۽ ان جي تيز چرپر جي باوجود) وڇاڻو نه ڪيو آهي.

وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7)

۽ جبلبن کي زمين جون ميخون؟ (جو زمين تيز چرپر جي باوجود سنوت ۾ آهي.)

وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8)

۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي. (جنهن سان اوهان جو نسل وڌي ٿو.)

وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9)

۽ (رات ڏينهن جي ڦيري سان) اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي.

وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10)

۽ رات کي (اوهان جي آرام لاءِ) ڍڪ ڪيو آهي.

وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11)

۽ ڏينهن کي گذران جو وقت ڪيو آهي.

وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12)

۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا آهن.

وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13)

۽ هڪڙو روشن ڏيئون سج پيدا ڪيو آهي. (جيڪو اوهان لاءِ روشني جو سرچشمو آهي.)

وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14)

۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي لاٿو آهي.

لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15)

ته ان سان داڻا ۽ گاهه (نباتات).

وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16)

۽ گهاٽا باغ پيدا ڪريون.

إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17)

بيشڪ (پوءِ جيئن اسان جي هنن تخليقن ۾ نظم ۽ ضبط آهي، تيئن ماڻهن جي زندگيءَ لاءِ به هڪ نظم ۽ ضبط ۽ ان جي پابندي لاءِ) فيصلي جو ڏينهن مقرر وقت آهي.

يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18)

(اهو ڏينهن) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو، پوءِ اوهين ٽوليون ٽوليون ٿي (قبرن مان نڪري) ايندؤ.

وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19)

۽ آسمان کولبو جو (هنڌا هنڌان) دروازا ٿي پوندو.

وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20)

۽ جبل (پنهنجي جاءِ تان) سوربا، پوءِ اهي واريءَ جهڙا ٿي پوندا.

إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21)

بيشڪ جهنم هڪڙو (خطرناڪ) گهاٽ آهي. (جيڪو مجرمن جي تاڙ ۾ آهي.)

لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22)

سرڪشن (حد کان لنگهندڙن) جي رهڻ جي جاءِ بڻبو.

لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23)

جيڪي ان ۾ ڊگهيون مدتون رهندا.

لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24)

نه ان ۾ ڪا راحت (۽ آرام ملندن) ۽ نه ڪا پيئڻ جي ڪا شئ چکندا.

إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25)

سواءِ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ ۽ (سندن جسمن مان وهندڙ) پونءِ جي.

جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26)

اهو (سندن ئي ڪيتي جو) پورو پورو بدلو ڏنو ويندو.

إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27)

بيشڪ اهي (هن دنيا ۾ پنهنجن ڪيل عملن جي) حساب ڏيڻ جي اميد نه رکندا هئا.

وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28)

۽ (انهن کي بار بار ٻڌائڻ وارن ٻڌايو پر) انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري (پاڻ کي غافل ڪري) ڇڏيو هو.

وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29)

۽ اسان (غفلت ڪونه ڪئي ۽) سڀ ڪنهن شئ کي (انهن جي عملن ۾) لکي ڳڻي ڇڏيو آهي.

فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30)

سو (عذاب جي وقت چئبو ته) چکو جو اسين اوهان تي (عملن جي نتيجي ۾ ملندڙ) عذاب کان سواءِ ڪجهه به نه وڌائينداسون.

إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31)

بيشڪ (خدا جو لحاظ رکندڙ) پرهيزگارن لاءِ ئي ڪاميابي آهي.

حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32)

(سير ڪرڻ ۽ کائڻ لاءِ) باغ (جنهن ۾ هر قسم جا ميوا) ۽ ڊاکون آهن.

وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33)

۽ (وندر لاءِ) هڪ جيڏيون ڪنواريون آهن.

وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34)

۽ (مشروبن جا) ڀريل پيالا آهن.

لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35)

ان (بهشت) ۾ نه ڪا اجائي بڪ ٻڌندا ۽ نه (ڪنهن شئ جي طلب تي) انڪار.

جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36)

(اي پيغمبر!) اهو بدلو تنهنجي پالڻهار جي پاران هوندو، جيڪو (انهن) سڀني کي ڪافي نعمتن سان ڏيندو.

رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37)

اهو آسمانن، زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وڇ ۾ آهي تِنهن جو پاليندڙ آهي، جو وڏو مهربان آهي (ان وقت سڀ سندس حضور ۾ بيهندا ۽ ادب وچان) اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا.

يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38)

جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن اهي به نه ڳالهائيندا، سواءِ ان شخص جي جنهن کي وڏو مهربان اجازت ڏئي ۽ اهو چوي به (الله جي مقرر ڪيل قاعدي تي) پوري ڳالهه.

ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39)

اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي، پوءِ جنهن کي وڻي سو (هن دنيا ۾ نيڪ عمل ڪري) پنهنجي پاليندڙ وٽ رهڻ جي جاءِ بنائي.

إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40)

بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاريو آهي، جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو اهو ڏسندو جنهن کي سندس هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ (ان وقت ان ڏينهن جي واقع ٿيڻ جو) انڪار ڪندڙ چوندو ته، جيڪر آئون مٽي هجان ها (۽ جزا ۽ سزا جي معاملي ۾ نه پوان ها.)


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025