| عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1) |
|
(اهي قريش قوم وارا) پاڻ ۾ ڪهڙا سوال ڪري رهيا آهن |
| عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2) |
|
(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت |
| الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3) |
|
جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن |
| كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
خبردار! اهي جلد ڄاڻندا |
| ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5) |
|
ان کان پوءِ خبردار! اهي جلد ڄاڻندا |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6) |
|
ڇا اسان توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو نه بنايو |
| وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7) |
|
۽ جبلن کي ميخون نه بنايو |
| وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8) |
|
۽ اسان توهان کي مذڪر ۽ مؤنث بنايو |
| وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9) |
|
۽ اسان توهان جي ننڊ کي توهان لاءِ آرام بنايو |
| وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10) |
|
۽ اسان رات کي لباس بنايو |
| وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11) |
|
۽ اسان ڏينهن کي روزگار لاءِ بنايو |
| وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12) |
|
۽ اسان توهان جي مٿان سَتَ سخت آسمان بنايا |
| وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13) |
|
۽ اسان سج کي گرمي ڏيندڙ ۽ روشني ڪندڙ بنايو |
| وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14) |
|
۽ اسان ڪڪرن مان مِينهن نازل ڪيو جيڪو گھڻو وسندڙ آهي |
| لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15) |
|
تہ ان سان اَن ۽ سَلا ڄمايون |
| وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16) |
|
۽ گھاٽاباغ (بہ) |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17) |
|
بيشڪ فيصلي جي ڏينهن جو وقت مقرر آهي |
| يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18) |
|
ان ڏينهن صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ توهان فوجن جي صورت ۾ ايندا |
| وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19) |
|
۽ آسمان کوليو ويندو پوءِ اهو دروازا ٿي پوندو |
| وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20) |
|
۽ جبلن کي (فضا ۾) هلايو ويندو پوءِ اُهي رُڃ وانگر چمڪندڙ هوندا |
| إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21) |
|
بيشڪ جهنم (ظالمن جي) منتظر آهي |
| لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22) |
|
حد کان وڌندڙن لاءِ ٺڪاڻو آهي |
| لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23) |
|
انهيءَ ۾ گھڻا زمانا رهندا |
| لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24) |
|
نٿا مزو وٺن انهيءَ ۾ ٿڌ جو ۽ نه پاڻيءَ جو |
| إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25) |
|
تتي پاڻيءَ ۽ روڳ کانسواءِ |
| جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26) |
|
(اِھو سندن) پورو پورو بدلو آھي |
| إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27) |
|
بيشڪ انهن کي حساب جي اميد نه هئي |
| وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28) |
|
۽ انهن اسان جي آيتن کي قطعي نه مڃو |
| وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29) |
|
۽ هر شيءِ اسان لوحِ محفوظ ۾ لکرائي آهي |
| فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30) |
|
پوءِ توهان عذاب چکو، پوءِ هرگز اسين زياده نٿا ڪريون مگر عذاب |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31) |
|
بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ڪاميابي آهي |
| حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32) |
|
باغ آهن ۽ انگور آهن |
| وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33) |
|
۽ نوجوان عورتون هڪ جيتريون عُمر ۾ آهن |
| وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34) |
|
۽ ڀريل پيالا آهن |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35) |
|
اهي جنت ۾ نه لغو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ نه ڪوڙ ٻُڌن ٿا |
| جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36) |
|
اها رب جي طرفان توهان جي عملن جي مڪمل جزا آهي |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37) |
|
اهو رب آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪي انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهي رحمان سان انهن کي ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي |
| يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38) |
|
ان ڏينهن جبريل امين ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا (مخلوق خوف جي ڪري) ان سان نه ڳالهائيندي مگر جنهنکي رحمان اجازت ڏني ۽ انهي سڌي ڳالهه چئي |
| ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39) |
|
اهو ڏينهن حق آهي، پوءِ جيڪو چاهي اهو پنهنجي رب ڏانهن رستو ٺاهي |
| إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40) |
|
بيشڪ اسين توهان کي ان عذاب کان ڊيڄاريون ٿا جيڪو قريب آهي. ان ڏينهن انسان (ڪافر) پنهنجا ڪيل عمل ڏسندو ۽ ڪافر چوندو هاءِ! افسوس! آئون مِٽي ٿي وڃان |