عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1) |
هي پاڻ ۾ ڇا بابت ٿا سوال جواب ڪن؟ |
عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2) |
انهي وڏي واقعي بابت، |
الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3) |
جنهن ۾ هو ڌار ڌار خيال رکن ٿا. |
كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4) |
مگر ياد رکو! جلد ئي کين خبر پوندي. |
ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5) |
۽ وري به ياد رکو! جلد ئي کين خبر پوندي. |
أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6) |
ڇا، اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو آهي؟ |
وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7) |
۽ جبلن کي ميخون؟ |
وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8) |
۽ اوهان کي جوڙا جوڙا خلقيا اٿئون. |
وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9) |
اوهان لاءِ ننڊ کي فرحت بنايوسون. |
وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10) |
رات کي ڍڪ بنايوسون. |
وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11) |
ڏينهن کي گذران لاءِ بنايوسون. |
وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12) |
۽ اوهان مٿي ست مضبوط (آسمان) بناياسون. |
وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13) |
۽ هڪ چمڪندڙ ڏيئو، (سج) بنايوسون. |
وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14) |
۽ ڪڪرن مان لڳو لڳ مينهن ٿا وسايون. |
لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15) |
ته اُن سان اَن ۽ سلا اُڀاڙيون. |
وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16) |
۽ گهاٽا باغ. |
إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17) |
بيشڪ، فيصلي جو ڏينهن مقرر ٿيل آهي. |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18) |
جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪبو، پوءِ اوهين فوجون ٿي ايندا. |
وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19) |
آسمان کي کولبو، ته منجهس دروازا بنبا، |
وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20) |
۽ جبلن کي هلائبو ته رڃ بنجي ويندا. |
إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21) |
بيشڪ دوزخ به انتظار ڪري رهيو آهي |
لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22) |
سرڪشن جي ٺڪاڻي ٿيڻ جو |
لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23) |
جنهن ۾ هو ڪئين جُڳ رهندا. |
لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24) |
هو ان ۾ ٻي ڪا به ٿڌاڻ يا پيئڻ جي چيز نه چکندا |
إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25) |
گرم پاڻيءَ ۽ پونءِ کان سواءِ |
جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26) |
اهو پورو بدلو آهي. |
إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27) |
ڇاڪاڻ، جو اهي حساب جي اميد ئي ڪانه رکندا هئا. |
وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28) |
۽ اسان جي آيتن کي بلڪل ڪوڙ سمجهندا هئا. |
وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29) |
اسان هر ڳالهه لکي قابو ڪري ڇڏي آهي. |
فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30) |
(چئبن) ”هاڻ چکو مزو، اوهان تي عذاب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌائينداسون.“ |
إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31) |
بيشڪ نيڪن لاءِ آهن، مرادون ماڻڻ، |
حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32) |
باغ، انگور. |
وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33) |
۽ هڪ جيڏيون نوجوان زالون. |
وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34) |
۽ ڇلڪندڙ پيالا. |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35) |
اتي نڪا بڪواس ٻڌندا، نڪو ڪوڙ. |
جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36) |
اهو ملندن تنهنجي رب وٽان عيوض، جو حساب سان عطا ٿيندو. |
رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37) |
انهي ٻاجهاري وٽان، جو آسمان، زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي ان جو ڌڻي آهي_ جنهن سان ڳالهائڻ جي کين مجال نه هوندي. |
يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38) |
ان ڏينهن روح ۽ ٻيا ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا، انهي شخص ڌاران ٻيو ڪو به ڳالهائي نه سگهندو جنهن کي ٻاجهاري موڪل ڏني، ۽ هو نيڪ ڳالهائي. |
ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39) |
اهو ڏينهن بر حق آهي، پوءِ جنهن کي وڻي، سو پنهنجي رب وٽ جاءِ ٺاهي! |
إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40) |
بيشڪ اسان اوهان کي ويجهي عذاب لاءِ خبردار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڏينهن هر شخص سندس هٿن جي موڪليل ڪمائيءَ کي ڏسندو ۽ ڪافر چوندو ”هاءِ آءُ مٽي هجان!“ |