| عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1) |
|
ڪهڙي شيءِ جي باري ۾ هي ماڻهو هڪ ٻئي کان پڇن ٿا؟ |
| عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2) |
|
ڪنھن وڏي خبر جي باري ۾ (پڇن ٿا)؟ |
| الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3) |
|
جنھن جي اچڻ ۾ هي اختلاف ڪن ٿا. |
| كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
هرگز نه! کين عنقريب خبر پئجي ويندي. |
| ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5) |
|
(وري هڪ ڀيرو چوان ٿو ته) انهن کي عنقريب خبر پئجي ويندي. |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6) |
|
ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو؟ |
| وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7) |
|
جبلن کي (زمين جون) ميخون (بنايو) |
| وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8) |
|
توهان کي ٻه جنسون (مرد ۽ عورت) ڪري پيدا ڪيو. |
| وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9) |
|
اوهان جي ننڊ کي سڪون وارو بنايو. |
| وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10) |
|
اسان رات کي پرده پوشي (يعني ڍَڪَ) جو وقت بنايو. |
| وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11) |
|
۽ ڏينھن کي ڪمائڻ جو وقت ڪيو. |
| وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12) |
|
اسان توهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا. |
| وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13) |
|
اسان هڪ انتھائي تيز روشني وارو ڏيئو (يعني سج) بنايو. |
| وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14) |
|
اسان ڪڪرن مان تمام گهڻو پاڻي نازل ڪيو. |
| لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15) |
|
ته جيئن اسان ان جي ذريعي اناج وارا فصل ۽ گاهه اُپايون. |
| وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16) |
|
۽ گهاٽا باغ پيدا ڪيون. |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17) |
|
بيشڪ فيصلي جو ڏينھن مقرر ٿيل آهي. |
| يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18) |
|
جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته توهان ٽولا ٽولا ٿي حاضر ٿيندا. |
| وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19) |
|
آسمان کي کوليو ويندو ته هو دروازن جي شڪل اختيار ڪري وٺندو. |
| وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20) |
|
جبلن کي مٽي ڪري اڏاريو ويندو پوءِ هو رُڃَ وانگر ٿي پوندا. |
| إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21) |
|
بيشڪ جھنم تاڙ ۾ آهي. |
| لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22) |
|
باغين جي ٺڪاڻي لاءِ. |
| لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23) |
|
هي ان ۾ وڏو عرصو پيل هوندا. |
| لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24) |
|
جنهن ۾ هُونه ته ٿڌڪار ڏسندا ۽ نه ئي پيئڻ جي ڪنھن شيءِ جو ذائقو چکندا. |
| إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25) |
|
سواءِ گرم پاڻي ۽ زخمن جي پونءِ جي. |
| جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26) |
|
(کين) ڀرپور بدلو ڏنو ويندو. |
| إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27) |
|
هي ماڻهو حساب ڪتاب واري ڏينھن جي توقع ئي نه رکندا هئا. |
| وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28) |
|
۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪندا هئا. |
| وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29) |
|
اسان هر شيءِ کي (پنھنجي دفتر ۾) ڳڻي لکي ڇڏيو آهي. |
| فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30) |
|
(کين چيو ويندو ته) مزو چکو. اسان توهان جي لاءِ عذاب کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه وڌائينداسين. |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31) |
|
بيشڪ پرهيزگارن جي لاءِ ڪاميابي آهي. |
| حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32) |
|
(انهن جي لاءِ مختلف قسمن جا) باغ ۽ انگور هوندا. |
| وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33) |
|
هم عمر (نوجوان) گهر واريون هونديون. |
| وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34) |
|
(پيئڻ جي مختلف شين سان) ڀريل پيالا هوندا. |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35) |
|
اُهي (جنت۾) اجائي بڪواس ۽ ڪوڙ نه ٻڌندا. |
| جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36) |
|
اهو تنھنجي پالڻھار جي طرفان انعام طور بدلو آهي. |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37) |
|
جيڪو آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق جو مھربان پالڻھار آهي.جنهن جي اڳيان ڪير به ڳالهائڻ جي جرئت نه ڪندو. |
| يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38) |
|
جنھن ڏينھن روح (يعني جبرائيل$ ) ۽ ٻيا ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا ته ڪير به نه ڳالهائي سگهندو، سواءِ ان جي جنھن کي مهربان پروردگار خود ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ۽ هو ڳالهه به صحيح ڪري. |
| ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39) |
|
اهو ڏينھن برحق آهي (ضرور ايندو) سو جنھن کي وڻي پنھنجي پالڻھار وٽ موٽڻ جي جاءِ ٺاهي وٺي. |
| إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40) |
|
بيشڪ اسان توهان کي ويجهي ايندڙ عذاب کان ڊڄاريون ٿا. جنهن ڏينھن هر ماڻهوءَ کي خبر پئجي ويندي ته هن اڳتي لاءِ ڇا موڪليو آهي؟ ۽ ان ڏينھن ڪافر چوندو ته ڪاش! مان (قبر ۾ ئي) مٽي (ٿيل) هجان ها. |