| عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1) |
|
ڪهڙي شيءَ بابت (ماڻهو) پڇن ٿا؟ |
| عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2) |
|
ڇا ان خبر بابت جيڪا وڏي آهي |
| الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3) |
|
اهي ماڻهو ان باري ۾ اختلاف ڪندڙ آهن |
| كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
خبردار! اهي جلد ڄاڻي وٺندا |
| ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5) |
|
ها! هرگز نه، اهي جلد ڄاڻي وٺندا |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6) |
|
ڇا هي (سچ ناهي) ته بڻايوسين زمين کي وڇاڻو |
| وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7) |
|
۽ جبلن کي (کوڙيو) ميخن وانگر |
| وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8) |
|
۽ پيدا ڪيو توهان کي جوڙن ۾ (مرد ۽ عورتون) |
| وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9) |
|
۽ بڻايوسين توهان جي ننڊ کي فرحت |
| وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10) |
|
۽ بڻايوسين رات کي لباس (پردو) |
| وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11) |
|
۽ بڻايوسين ڏينهن کي گذران جي لاءِ |
| وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12) |
|
۽ بناياسين توهان جي مٿان ست (آسمان) مضبوط |
| وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13) |
|
۽ بنايوسين هڪ ڏيئو (سج) روشن گرم |
| وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14) |
|
۽ نازل ڪيوسين (وسايو) ڪڪرن مان پاڻي ڌاريدار (هارجي پوندڙ) |
| لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15) |
|
جيئن اپايون ان سان اناج ۽ ڀاڄيون |
| وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16) |
|
۽ باغ گهاٽا |
| إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17) |
|
بيشڪ ڏينهن فيصلي وارو آهي مقرر |
| يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18) |
|
جنهن ڏينهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾، پوءِ نڪري ايندا توهان ٽولن ۾ |
| وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19) |
|
۽ کوليو ويندو آسمان، پوءِ اهو ٿي پوندو دروازا ئي دروازا |
| وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20) |
|
۽ لوڏيا ويندا جبل، پوءِ اهي ٿي ويندا رڃ (واريءَ جا ذرا) |
| إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21) |
|
بيشڪ دوزخ آهي هڪ گهاٽ |
| لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22) |
|
هٺيلن جي رهڻ جي جڳهه |
| لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23) |
|
رهندا جتي اهي ڪيئي زمانا |
| لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24) |
|
نه چکندا اتي اهي ڪا ٿڌاڻ ۽ نه ڪو پاڻي |
| إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25) |
|
پر ڪوسو پاڻي ۽ پونءِ (زخمن جي) |
| جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26) |
|
(سندن ڪمن جو) بدلو پورو پورو |
| إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27) |
|
بيشڪ اهي نٿي ڊنا ڪنهن حساب ڏيڻ کان |
| وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28) |
|
۽ ڪوڙو ڪيائون اسان جي آيتن کي ڪوڙو چئي |
| وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29) |
|
۽ (حال هي هو جو) هر شيءِ کي ڳڻي رکيو هو (لکي) |
| فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30) |
|
پوءِ چکو مزو اسان اضافو نه ڪنداسين توهان تي پر عذاب کان سواءِ |
| إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31) |
|
بيشڪ پرهيزگارن لاءِ مراد ماڻڻ جي هڪ جاءِ آهي |
| حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32) |
|
باغ ۽ انگور |
| وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33) |
|
۽ نوجوان عورتون هڪ جيڏيون |
| وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34) |
|
۽ پيالا ڇلڪندڙ |
| لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35) |
|
۽ نه ٻُڌندا اهي اتي ڪابه بڪواس ۽ نه ڪو ڪوڙو چوڻ |
| جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36) |
|
اهو بدلو هوندو تنهنجي رب کان عطا ٿيل انعام |
| رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37) |
|
ان نهايت ئي مهربان رب جي طرفان جيڪو آسمانن ۽ زمين ۽ انهن جي وچ ۾ هر شيءِ جو مالڪ رحمٰن آهي، ناهي مجال ڪنهن کي ان جي سامهون ڳالهائڻ جي |
| يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38) |
|
جنهن ڏينهن بيٺا هوندا روح ۽ ملائڪ صفن ۾، ڪوبه نه ڳالهائيندو ان کان سواءِ جنهن کي اجازت ملي ان رحمٰن کان ۽ جيڪو چوي صحيح ڳالهه |
| ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39) |
|
اهو ئي ڏينهن برحق آهي، پوءِ جنهن جو من گهري اختيار ڪري پنهنجي رب ڏي رستو موٽڻ جو |
| إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40) |
|
بيشڪ اسان ڊيڄاريو توهان کي ان عذاب کان جيڪو ويجهو آهي، جنهن ڏينهن ڏسندو ماڻهو جيڪي موڪليو ان پنهنجي هٿن سان ۽ چوندو ڪافر هاءِ افسوس، جيڪر هجان ها مٽي |