| وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي انهن (هوائن) جو جيڪي ساندهه موڪليون وڃن ٿيون |
| فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2) |
|
۽ پوءِ طوفان جي نموني ڏاڍي زور سان لڳن ٿيون |
| وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3) |
|
۽ (ڪڪرن کي) کڻي پکيڙن ٿيون |
| فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4) |
|
وري (انهن کي) هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ڪري ٿيون ڇڏين |
| فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ (دلين ۾ الله جي) ياد ٿيون وجهن |
| عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6) |
|
عذر جي طور يا ڊيڄارڻ خاطر |
| إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
جنهن ڳالهه (قيامت) جو توهان سان وعدو ڪيو پيو وڃي سا ضرور ٿيڻي آهي |
| فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8) |
|
پوءِ جڏهن تارا وِسايا ويندا |
| وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9) |
|
۽ آسمان ڏاريو ويندو |
| وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10) |
|
۽ جبل دَز وانگر اُڏاريا ويندا |
| وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11) |
|
۽ رسولن جي حاضر ٿيڻ جو وقت ٿي ويندو |
| لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12) |
|
(انهيءَ ڏينهن اها شيءِ ٿيڻي آهي) ڀلا ڪهڙي ڏينهن لاءِ اهو ڪم پوئتي رکيو ويو آهي؟ |
| لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13) |
|
فيصلي واري ڏينهن لاءِ |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14) |
|
توکي ڪهڙي خبر ته اهو فيصلي وارو ڏينهن ڇا ٿيندو آهي؟ |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ |
| أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16) |
|
ڇا اسان اڳين کي برباد نه ڪيو هو؟ |
| ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17) |
|
پوءِ وري سندن ئي پٺيان پوين کي به روانو ڪنداسون |
| كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18) |
|
ڏوهارين سان ته اسان ائين ئي ڪندا آهيون |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19) |
|
پوءِ انهيءَ ڏينهن تباهي آهي ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ |
| أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20) |
|
ڇا اسان توهان کي هڪڙي خسيس پاڻيءَ مان پيدا نه ڪيو آهي؟ |
| فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21) |
|
۽ پوءِ ان کي اسان هڪڙي هٿيڪي هنڌ رهايو |
| إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22) |
|
هڪڙي مقرر وقت تائين |
| فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23) |
|
ته پوءِ ڏسو، اهو اسان ڪري ٿي سگهياسون، سو اسان ڪهڙي نه ڀلي سگهه رکڻ وارا آهيون |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25) |
|
ڇا اسان زمين کي سانڍي رکڻ واري ڪري نه بڻايو آهي |
| أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26) |
|
جيئرن لاءِ به ته مئن لاءِ به |
| وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27) |
|
۽ منجهس اسان اوچا جبل کوڙي ڇڏيا ۽ توهان کي مٺو پاڻي پيئاريو؟ |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28) |
|
تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ |
| انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29) |
|
هلو هاڻي انهيءَ شيءِ ڏانهن جنهن کي پيا ڪوڙ سڏيندا هيؤ |
| انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30) |
|
هلو انهيءَ پاڇي ڏانهن جيڪو ٽن شاخن وارو آهي |
| لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31) |
|
نڪي ٿڌي ڇانوَ ڪرڻ وارو ۽ نه وري باهه جي ڄڀيءَ کان بچائڻ وارو |
| إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32) |
|
اها باهه ماڙين جيڏا پئي اُلا (چڻنگون) اڇلائيندي |
| كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33) |
|
(جيڪي ائين پيا لڳندا) ڄڻ ته پيلا اُٺ آهن |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34) |
|
تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ |
| هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35) |
|
اِهو اُهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ اُهي نه ڪجهه ڳالهائيندا |
| وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36) |
|
۽ نڪي کين موقعو ڏنو ويندو جو ڪي بهانا پيش ڪن |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37) |
|
تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38) |
|
هي فيصلي جو ڏينهن آهي، اسان توهان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي |
| فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39) |
|
هاڻي جي ڪا اٽڪل ڪرڻي اٿوَ ته ڀلي منهنجي مقابلي ۾ ڪري ڏسو |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40) |
|
تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41) |
|
بيشڪ پرهيزگار اڄ ڇانوَن ۽ چشمن ۾ آهن |
| وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42) |
|
۽ جيڪي ميوا سندن دل گهرندي (انهن لاءِ حاضر آهن) |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
|
کائو ۽ پيئو مزي سان، پنهنجن انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان ڪندا رهيا آهيو |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44) |
|
اسان نيڪن کي اهڙائي اجورا ڏيندا آهيون |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45) |
|
تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ |
| كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46) |
|
کائو ۽ مزا ماڻيو، ڪي ٿورڙا ڏينهن، حقيقت ۾ توهان ڏوهاري آهيو |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47) |
|
تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ |
| وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48) |
|
جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته (الله جي آڏو) جهڪو، ته نٿا جهڪن |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ |
| فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50) |
|
پوءِ ڀلا هن (قرآن) کانپوءِ ٻيو ڪهڙو ڪلام ٿي سگهي ٿو، جنهن تي اهي ايمان آڻين؟ |