| وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1) |
|
هڪ ٻئي جي پٺيان موڪليل (نرم) هوائن جو قسم آهي. |
| فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2) |
|
پوءِ زور سان لڳڻ وارين (هوائن) جو، |
| وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3) |
|
پوءِ (ڪڪرن کي) پکيڙڻ وارين هوائن جو، |
| فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ (انهن کي) جدا ڪرڻ وارين (هوائن) جو. |
| فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5) |
|
وري فرشتن جو قسم جي وحي آڻن ٿا. |
| عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6) |
|
هنن لاءِ ته حجت تمام ٿئي ۽ ڊيڄاريو وڃي. |
| إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
ته جنهن ڳالھ (قيامت) جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سا ضرور پوري ٿيندي. |
| فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8) |
|
پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا. |
| وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9) |
|
۽ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو. |
| وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن جبل (پڄيل ڪپھ وانگر) اڏندا وتندا. |
| وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن پيغمبر هڪ مقرر وقت تي گڏ ڪيا ويندا. |
| لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12) |
|
(پوءِ) ڀلا انهن (ڳالهين) ۾ ڪنهن ڏينهن لاءِ دير ڪئي وئي آهي؟ |
| لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13) |
|
فيصلي جي ڏينهن لاءِ. |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14) |
|
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته فيصلي جو ڪهڙو ڏينهن آهي؟ |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15) |
|
ان ڏينهن ڪوڙو ڪندڙن جي مٽي خراب آهي. |
| أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16) |
|
ڇا اسان اڳين (قومن) کي برباد نه ڪيو؟ |
| ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17) |
|
وري (ان کان پوءِ) پوين کي به انهن جي پٺيان هلندو ڪنداسون. |
| كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18) |
|
اسين گنهگارن سان ائين ئي ڪندا آهيون. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19) |
|
ان ڏينهن ڪوڙو ڪندڙن جي مٽي خراب آهي. |
| أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20) |
|
ڇا اسان هن کي هڪ خسيس پاڻي مان نه پيدا ڪيو، |
| فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ اسان هن کي هڪ محفوظ مقام (رحم) ۾ رکيو. |
| إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22) |
|
هڪ مقرر ڪيل وقت تائين.هڪ حفاظت واري هنڌ ٻچيداڻي (رحم) ۾ رکيو. |
| فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ اسان هن جو هڪ اندازو مقرر ڪيو اسين ڪهڙو نه چڱو اندازو مقرر ڪرڻ وارا آهيون.وري (ان جو) هڪ اندازو مقرر ڪرڻ وارا آهيون. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24) |
|
ان ڏينهن ڪوڙ ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25) |
|
ڇا اسان زمين کي سميٽڻ وارو نه ڪيو آهي؟ |
| أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26) |
|
جيئرن ۽ مئلن کي، |
| وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27) |
|
۽ ان ۾ اسان وڏا (وڏا) جبل رکيا آهن ۽ اسان اوهان کي مٺو پاڻي پياريو. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن جي وڏي خرابي آهي. |
| انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29) |
|
جنهن شيءِ کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا تنهن ڏي هلو. |
| انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30) |
|
(دونهين) جي پاڇي ڏي هلو! جنهن جا ٽي حصا آهن. |
| لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31) |
|
جنهن ۾ نه ڇانو آهي ۽ نه باھ جي ڄڀي کان بچائيندي، |
| إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32) |
|
بيشڪ اها ماڙي جهڙا آلا اڇلائي ٿي، |
| كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33) |
|
ڄڻ ته اهي هيڊا اٺ آهن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34) |
|
ان ڏينهن ڪوڙ ڪندڙن جي لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35) |
|
هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ چپ چري نه سگهندا، |
| وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36) |
|
۽ نه کين اجازت ملندي ته عذر پيش ڪن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38) |
|
هي فيصلي جو ڏينهن آهي (جنهن ۾) اسان اوهان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيو آهي. |
| فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39) |
|
پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪو دائو هلائڻ اچي ٿو ته هلائي ڇڏيو. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41) |
|
بيشڪ پرهيزگار ڇانون ۽ چشمن، |
| وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42) |
|
۽ جن ميون جي خواهش ڪندا تن ۾ هوندا. |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
|
(چئبن ته دنيا ۾) جي عمل ڪندا هئا تن جي عيوض مزي سان کائو ۽ پيو |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44) |
|
بيشڪ اسين اهڙي طرح ئي نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46) |
|
(ڪوڙو ڪندڙو!) ٻه ٽي ڏينهن کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو بيشڪ اوهين ڏوهاري آهيو. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن جي وڏي خرابي آهي. |
| وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48) |
|
۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته رڪوع ڪريو ته رڪوع نه ٿا ڪن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50) |
|
ته هن کان پوءِ اهي ڪهڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا. |