| وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1) |
|
ساکي سانوڻ مُند جون، هِيرون سِين هُٻَڪار، |
| فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2) |
|
پوءِ لُکون لَڳندڙ لوڪ ۾، آنڌِيون اَنڌُوڪار، |
| وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3) |
|
پوءِ پَکيڙِيندڙ پَٽ ۾، مَنڊل مينگھ مَلهار، |
| فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ ڇِنندڙ ڇَمرن کي، واري ٻي وَلهار، |
| فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ نازل ڪَندڙ نصِحيتون، نِشانيون نِروار، |
| عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6) |
|
عُذر ڀَڃَڻ لئي عام جي، يا ڏيهَن لئي ڏهڪار، |
| إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
ته جِنهن جا، آن سان قول قرار، سو اوس آهي اَچڻو. |
| فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8) |
|
پوءِجَڏهن نِکٽ جَھانئيا، ٿيا ڪارا ڪارونڀار، |
| وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9) |
|
جڏهن اُڀ اَڌ ٿيو، ڦاٽو ڦارُون ڦار، |
| وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10) |
|
جڏهن جَبَل رَئـِي ٿيا، ڏونگر ڏارو ڏار، |
| وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11) |
|
ميڙيا وِياجنهن مَهل ۾، مُرسل مَڻيادار، |
| لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12) |
|
ڪِنهن ٽاڻي لئي ٽارِيا ويا، سي ماکي صاف سَچار، |
| لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13) |
|
ڪارڻ ڏِينهن قضا جي، ڪِنهن عملن جي آچار، |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14) |
|
۽ ڏِينهن قضا جو ڪِهڙو؟ ڪِنهن سَمجھائـِي سَردار، |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15) |
|
ڪاڙهو ڪُوڙن هارِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾. |
| أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16) |
|
ڇا، اَسان اَڳيَن کي، نَه وِڌِي مُصيبت مار، |
| ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17) |
|
وَرِي ويڙهي هِڪ ۾، پُورِينداسونِ بِه پوئار، |
| كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18) |
|
جيڪي ڏوهارِي ڏيھ ۾، تِن سان ڪريون اِهائـِي ڪار، |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19) |
|
ڪاڙهو ڪُوڙن هارِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾. |
| أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20) |
|
آن کي اَگلي آب مان ڇا، پيدا نه ڪيوسون پاڻ؟ |
| فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ ڪيوسُونِس ڪِنهن جاءِ ۾، ڏاڍو بِنا ڏاڻ، |
| إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22) |
|
ڳاڻ ڳڻيا ڪي ڏِينهڙا، جِن کان هَرڪو واقفِ هاڻ، |
| فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ ڪٿيو سون، ۽ ڪٿ ۾ اَسِين، آهيون سُرت سُڄاڻ، |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24) |
|
ڪاڙهو ڪُوڙن ڪاڻ، آهي اُنهِئَ ڏينهن ۾. |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25) |
|
ڇا، ڪيو سون ڪِين زمين کي، |
| أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26) |
|
جِيرن، مُئن جِي جاءِ؟ |
| وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27) |
|
جَبَل جوڙياسون اُن ۾، بُلند گھڻو بالاءِ، پاڻي پِياريو سون آن کي، مِٺو ماکِي ساءِ، |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28) |
|
ڪاڙهو ڪُوڙن لاءِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾. |
| انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29) |
|
جِنهن کي ڪُوڙو ڪوٺيان، هَلو تِنهن ڏي هاڻ، |
| انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30) |
|
ٽِکڙ ڇِڊَڙِي ڇانوَ ۾، هَلي پُهچو پاڻ، |
| لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31) |
|
نه ڇَمر نه ڇانئڙِي، پڻ بَٺ نه، جَھلي ڀاڻ، |
| إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32) |
|
ماڙِيَن جيڏا مَشعلا، چِٽِينِ ٻولايو ٻاڻ، |
| كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33) |
|
ڪَر آهِن اُٺ اوس سي، جي هُجن مٿي هيڊاڻ، |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34) |
|
ڪاڙهو ڪُوڙن ڪاڻ آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾. |
| هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35) |
|
هِي ڏاڍو آهي ڏِينهن سو، جِنهن ۾ ڪري نه سگھندا ڳالھ، |
| وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36) |
|
نه مِلندِيَنِ موڪل مُورهين، ته ڪَن عُذر ۽ اِهمال، |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37) |
|
ڪاڙهو ڪُوڙن نال، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾. |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38) |
|
هِي ڏِينهن عدل، اِنصاف جو، جِنهن ۾ تُرندو تُراڙو، جِنهن ۾ اوهان ۽ اڳيَنِ جو، وِڌوسُون واڙو، |
| فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39) |
|
پوءِ آن کي ٻاڙو ٻولڻو، ته مَرمون سان ٻوليو ٻاڙو، |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40) |
|
ڪُوڙن لئي ڪاڙهو، آهي انهِئَ ڏِينهن ۾. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41) |
|
چَڱا وِچ چشمن ۾، پڻ ٿَڌِي مَنجھ ٿَڌڪار، |
| وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42) |
|
پڻ تازا طَلبِـينِ جِھڙا، ميوا مَڃر ڏار، |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
|
کائو پيو خوب طرح، اُن عملن جي آڌار، جيڪي هُن جھان ۾، ڪَندا هئا ڪَم ڪار، |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44) |
|
چڱن اِهڙِي چال سان، نوازيون نِروار، |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45) |
|
ڪاڙهو ڪُوڙن هارِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾. |
| كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46) |
|
چَرو چوپايَنِ جِيئن، مِڙو مِروَن آچار، ۽ گَھڙِي کن جون گوڙيون، اَوهِين بِلڪُل آهيو بَدڪار، |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47) |
|
ڪاڙهو ڪُوڙن هَارِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾. |
| وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48) |
|
۽ جَڏهن ڏِجي فرمان، جُھڪو، ته جُھڪن ڪِين ڪِي، |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
ڪاڙهو ڪُوڙن واسطي، اُنهِئَ ڏِينهن اَرمان، |
| فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50) |
|
اُن کانپوءِ، اِيمان، ڳَنڍِينِ ڪِهڙِئَ ڳالھ سان ؟ |