| وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1) |
|
هڪ ٻئي جي پٺيان موڪلين (نرم هوائن) جو قسم آهي |
| فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2) |
|
پوءِ زور سان لڳڻ وارين (هوائن) جو |
| وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3) |
|
پوءِ پکيڙڻ وارين (هوائن) جو |
| فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ جدا ڪرڻ وارين (هوائن) جو |
| فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ نصيحت پهچائڻ وارن (ملائڪن) جو (قسم) آهي |
| عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6) |
|
جيڪي عُذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (نصيحت پهچائيندا آهن) |
| إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
ته جنهن (ڳالهه) جو اوهان کي انجام ڏنو وڃي ٿو سا ضرور ٿيڻ واري آهي. |
| فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8) |
|
پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا |
| وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9) |
|
۽ جڏهن آسمان کوليو ويندو |
| وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن جبل اڏايا ويندا |
| وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن رسولن جو وقت مقرر ڪيو ويندو |
| لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12) |
|
ڪهڙي ڏينهن لاءِ (انهن کي) ترسايو ويو آهي؟ |
| لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13) |
|
فيصلي جي ڏينهن لاءِ |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16) |
|
ڇا اسين پهرين کي هلاڪ نه ڪيو؟ |
| ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17) |
|
وري (ان کان پوءِ) پوين کي انهن جي پٺيان هلائينداسون. |
| كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18) |
|
اهڙيءَ طرح ئي ڏوهارين سان ڪريون ٿا |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي |
| أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20) |
|
ڇا اسان اوهان کي خسيس پاڻيءَ مان نه پيدا ڪيو؟ |
| فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ ان کي مضبوط جاءِ ۾ |
| إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22) |
|
هڪ مقرر اندازي تائين رکيوسون |
| فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ اندازو ٺهرايوسون، پوءِ (ڪهڙا نه) چڱا اندازو ٺهرائيندڙ آهيون. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25) |
|
ڇا اسان زمين کي ( ) |
| أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26) |
|
۽ جيئرن ۽ مئلن کي، سميٽڻ وارو نه ڪيو آهي؟ |
| وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27) |
|
۽ ان ۾ اسان وڏا جبل رکيا آهن ۽ اسان اوهان کي اڃ لاهڻ وارو پاڻي پياريو آهي. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29) |
|
جنهن شيءِ کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا تنهن ڏي هلو! |
| انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30) |
|
ٽن ڦاڪن واريءَ ڇانوَ ڏي هلو |
| لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31) |
|
جنهن ۾ نه ته ڇانوَ آهي ۽ نه باهه جي ڄڀيءَ کان بچائيندي |
| إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32) |
|
بيشڪ اها ماڙيءَ جهڙيون چڻنگون اڇلائي ٿي |
| كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33) |
|
ڄڻ ته اهي هيڊا اُٺ آهن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35) |
|
هي اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ اُهي نه ڳالهائيندا |
| وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36) |
|
۽ نه کين اجازت ملندي ته ڪو عذر پيش ڪن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38) |
|
هي فيصلي جو ڏينهن آهي اسان اوهان کي پهرين کي گڏ ڪيو آهي. |
| فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39) |
|
پوءِ جيڪڏهن اوهان کي بڇڙي رٿ ڪرڻي آهي ته مون تي رٿ هلايو. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41) |
|
بيشڪ پرهيزگارڇانون ۽ چشمن |
| وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42) |
|
۽ جن ميون جي خواهش ڪندا تن ۾ هوندا. |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
|
۽ (چئبن ته) جيڪي ڪم اوهين ڪندا هئا انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو. |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44) |
|
بيشڪ اسين اهڙيءَ طرح ئي نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46) |
|
ٿورو وقت کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو بيشڪ اوهين ڏوهاري آهيو. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48) |
|
۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته (الله جي اڳيان) جُهڪو ته نه ٿا جهڪن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. |
| فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50) |
|
پوءِ ڪهڙي ڳالهه تي قرآن کان پوءِ ايمان آڻيندا؟ |