| وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي (نرم ۽ خوشگوار) هڪ ٻئي پٺيان گُهلندڙ (هوائن) جو. |
| فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2) |
|
پوءِ قسم آهي طوفاني رفتار سان هلندڙ (هوائن) جو. |
| وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3) |
|
پوءِ (ڪڪرن کي) پکيڙڻ وارين (هوائن) جو. |
| فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ (ڪڪرن کي) جدا ڪرڻ وارين (هوائن) جو قسم. |
| فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ نصيحت (وحي) پهچائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم. |
| عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6) |
|
جا (وحي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (هوندي آهي). |
| إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
ته جنهن (قيامت) جو توهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سا ضرور ٿيڻ واري آهي . |
| فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8) |
|
پوءِ جڏهن ستارا بي نور ٿي ويندا. |
| وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9) |
|
۽ جڏهن آسمان چيريو ويندو. |
| وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن جبل (ذرا ذرا ڪري) اڏاريا ويندا. |
| وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن رسولن کي مقرر وقت تي آندو ويندو. |
| لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12) |
|
ڀلا ڪهڙي ڏينهن لاءِ (انهن کي) ترسايو ويو آهي؟ |
| لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13) |
|
فيصلي جي ڏينهن لاءِ. |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14) |
|
تو کي ڪنهن ٻڌايو ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15) |
|
ان ڏينهن (نبين کي) ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي. |
| أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16) |
|
ڇا اسان پهرئين (نافرمانن) کي هلاڪ نه ڪيو. |
| ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17) |
|
پوءِ اسان انهن کان بعد پوين کي آندو. |
| كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18) |
|
اسان ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19) |
|
ان ڏينهن (حق کي) ڪوڙو سمجھڻ وارن لاءِ تباهي آهي. |
| أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20) |
|
ڇا اسان اوهان کي خسيس پاڻي مان نه پيدا ڪيو آهي؟ |
| فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ اسان ان کي محفوظ جاءِ (عورت جي رِحِم) ۾ رکيو. |
| إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22) |
|
هڪ مقرر اندازي تائين. |
| فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ اسان اندازو مقرر ڪيو، پوءِ اسان ڪهڙا نه ڀلا اندازو مقرر ڪرڻ وارا آهيون. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24) |
|
ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي. |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25) |
|
ڇا اسان زمين کي سميٽڻ وارو نه بنايو آهي؟ |
| أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26) |
|
جيئرن کي به ۽ مُردن کي به. |
| وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27) |
|
اسان ان ۾ بلند ۽ ڳرا جبل بنايا ۽ اوهان کي اڃ لاهڻ وارو مٺو پاڻي پياريو. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28) |
|
ان ڏينهن (جنت ۽ جهنم کي) ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي. |
| انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29) |
|
(کين چيو ويندو) هلو ان (جهنم) ڏانهن جنهن کي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا. |
| انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30) |
|
هلو ٽن شاخن واري پاڇي ڏانهن. |
| لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31) |
|
جيڪو نه ته ڇانوَ ڏيڻ وارو آهي نه باهه جي ڄِـــڀِي کان بچائي ٿو. |
| إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32) |
|
بيشڪ اُها (دوزخ) ماڙيءَ جهڙيون چڻگون اٿاري ٿي. |
| كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33) |
|
ڄڻڪ اُهي (چڻنگون) ڦڪا اُٺ آهن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34) |
|
ان ڏينهن (نبين کي) ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي. |
| هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35) |
|
هي اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ اُهي ڳالهائي نه سگهندا. |
| وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36) |
|
نه ئي کين اجازت ڏني ويندي ته ڪو عذر پيش ڪن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37) |
|
ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي. |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38) |
|
هي فيصلي جو ڏينهن آهي (جنهن ۾) اسان اوهان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيو آهي. |
| فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39) |
|
پوءِ جيڪڏهن اوهان وٽ ڪا سازش آهي ته پوءِ مون سان سازش هلائي ڏسو. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40) |
|
ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41) |
|
بيشڪ پرهيزگار (ٿَڌِيُن) ڇَائُن ۾ چشمن ۾ هوندا. |
| وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42) |
|
۽ ميوا جن جي به خواهش ڪندا. |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
|
(چيو ويندو) مزي سان کائو ۽ پيئو انهن عملن جي عيوض جيڪي توهان ڪندا هئا. |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44) |
|
بيشڪ اسان اهڙي طرح نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45) |
|
ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي هوندي. |
| كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46) |
|
(اي نافرمانو!) توهان ٿورو وقت کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو يقينًا اوهان ڏوهاري آهيو. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47) |
|
ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي. |
| وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48) |
|
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان (الله اڳيان) جهڪو ته نه ٿا جهُڪن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي. |
| فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50) |
|
پوءِ اُهي هن (قرآن) کان پوءِ ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا! |