القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُرۡسَلٰتِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 50


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1)

هڪٻئي جي پٺيان موڪليل (نرم هوائن ۽ ٻين اهڙين ڪائناتي حقيقتن) جو قسم آهي.

فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2)

پوءِ زور ڏيکاريندڙن (اهڙين حقيقتن) جو قسم آهي (جيڪي انهن شين کي ٽڪڻ نه ٿيون ڏين، جن جو ٽڪڻ مناسب نه آهي.)

وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3)

پوءِ (مسرتون ۽ خوشحالي آڻيندڙ شين جي) پکيڙڻ وارين (اهڙين حقيقتن) جو قسم آهي.

فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4)

پوءِ (چٽيءَ طرح مفيد ۽ غيرمفيد کي ۽ حق ۽ باطل کي) جدا ڪرڻ وارين (حقيقتن) جو قسم آهي.

فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5)

پوءِ (انهن ڪائناتي حقيقتن کي) رسائيندڙ (ملائڪن) جو قسم آهي.

عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6)

جيڪي (ماڻهن جو) عذر ۽ بهانو وڃائڻ يا ڊيڄارڻ لاءِ (حقيقتون ۽ نصيحت پهچائيندا آهن.)

إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7)

(الله جي تدبيرن وارو هي سڄو نظام هن ڳالهه تي شاهد آهي ته) جنهن (آخرت واري ڳالهه) جو اوهان کي انجام ڏنو وڃي ٿو سا ضرور ٿيڻ واري آهي.

فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8)

پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا.

وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9)

۽ جڏهن آسمان کوليو ويندو.

وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10)

۽ جڏهن جبل اڏايا ويندا.

وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11)

۽ جڏهن رسولن کي مقرر وقت تي گڏ ڪيو ويندو.

لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12)

ڪهڙي ڏينهن لاءِ (منڪرن جي معاملي کي) ترسايو ويو آهي؟

لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13)

فيصلي جي ڏينهن لاءِ (جو ان ڏينهن هر شئ پڌري ٿي سامهون ايندي.)

وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14)

۽ (وحي جي ٻڌائڻ کان سواءِ) توکي ڪهڙي خبر ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي؟

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15)

ان ڏينهن (خدا جي مقرر ڪيل قانونن کي) ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.

أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16)

(انهن ڪوڙي ڪندڙن کان پڇو ته) ڇا اسان پهرين کي هلاڪ نه ڪيو؟

ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17)

وري (ان کانپوءِ ساڳي روش تي هلڻ ڪري) پوئين کي انهن جي پٺيان (ساڳي هلاڪت سان) هلائينداسون.

كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18)

(اها ڳالهه نه ڪنهن خاص دور ۾ ڪيون ٿا نه ڪنهن خاص قوم لاءِ بلڪ) ڏوهارين لاءِ اسان اهڙي طرح ئي ڪندا آهيون.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19)

پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (جيڪي قومن جي انهيءَ تاريخي عمل مان به نتيجا حاصل نٿا ڪن).

أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20)

(پنهنجي داخلي ڪائنات ۾ غور ڪيو ته) ڇا اسان اوهان کي خسيس پاڻيءَ مان نه پيدا ڪيو.

فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21)

پوءِ ان کي (ماديءَ جي بيضي واري) مضبوط جاءِ ۾.

إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22)

هڪ مقرر اندازي تائين رکيوسون.

فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23)

پوءِ (ڊولائتو) اندازو بيهاريوسون، پوءِ (ڪهڙو نه) بهتر انداز بيهاريندڙ آهيون.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24)

پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي، (جيڪي پنهنجي انوکي تخليق مان به نتيجا حاصل نٿا ڪن).

أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25)

(پنهنجي خارجي ڪائنات ۾ غور ڪيو ته) ڇا اسان زمين کي، (گول هئڻ جي باوجود ان جي ڪشش ثقل سان شين کي) سميٽڻ وارو نه ڪيو آهي.

أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26)

جيڪا جيئرن ۽ مئلن (سڀني) کي (سمائي رکي ٿي).

وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27)

۽ ان ۾ اسان وڏا جبل (ميخون بنائي) رکيا آهن ۽ اسان اوهان کي اڃ لاهڻ وارو پاڻي پيئاريو آهي.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28)

پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (جيڪي پنهنجي چوڌاري انوکين تخليقن مان به فرمانبرداريءَ جو سبق نٿا پرائن).

انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29)

(پوءِ نافرمانن کي ان ڏينهن چيو ويندو ته) جنهن شئ کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا تنهن ڏي هلو!

انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30)

ٽن ڦاڪن واريءَ (دونهين جي) ڇانوَ ڏي هلو،

لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31)

جنهن ۾ نه ته ڇانو آهي ۽ نه باهه جي ڄر کان بچائيندي.

إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32)

بيشڪ اها ماڙيءَ جهڙا (اڀا) شعلا اڇلائي ٿي.

كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33)

ڄڻ ته اهي (شعلا ناهن) هيڊا اُٺ آهن.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34)

پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.

هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35)

هي اهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ نه اُهي (ڏوهاري) ڳالهائيندا.

وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36)

۽ نه کين اجازت ملندي ته ڪو عذر پيش ڪن.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37)

پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.

هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38)

(کين چيو ويندو ته) هي فيصلي جو ڏينهن آهي، اسان اوهان کي ۽ پهرين کي هتي گڏ ڪيو آهي.

فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39)

پوءِ (اوهان دنيا ۾ اسان جي موڪليل دين خلاف وڏيون وڏيون رٿون رٿيندا هيئو) جيڪڏهن اوهان وٽ ڪا بڇڙي رٿ باقي آهي ته (اڄ حساب ڪتاب کان بڇڻ لاءِ اها) رٿ مون تي هلايو.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40)

پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.

إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41)

(ان جي ابتڙ) جيڪي ماڻهو (خدائي قانونن تي) پاڻ کي سنڀالي هلن ٿا سي ڇانون ۽ چشمن وارا هوندا.

وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42)

۽ جن ميون جي خواهش ڪندا تن ۾ هوندا.

كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43)

(۽ چئبن ته) جيڪي ڪم اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو.

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44)

بيشڪ اسين اهڙيءَ طرح ئي نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45)

پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.

كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46)

(اي پيغمبر کين چئو ته، اوهان هن دنيا ۾ ٿورڙن طبعي مفادن جي ڪڍ پيا آهيو سو) ٿورو وقت کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو (پر اوهان خدائي نافرماني ڪري انساني حق پائمال ڪيو ٿا، سو) بيشڪ اوهين ڏوهاري آهيو.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47)

پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.

وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48)

۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته، (الله جي اڳيان) جهڪو ته نٿا جهڪن.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49)

پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.

فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50)

(اسان سڀ ڳالهيون هن آخري هدايت ۾ وضاحت سان بيان ڪري ڇڏيون آهن، سو) ان قرآن کان (هٽي) پوءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025