| وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي انهن (هوائن جو) جيڪي لاڳيتيون موڪليون وڃن ٿيون |
| فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2) |
|
پوءِ قسم آهي انهن (هوائن) جو جيڪي زور سان لڳن ٿيون |
| وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3) |
|
۽ قسم آهي انهن (هوائن) جو جيڪي ڪڪرن کي مٿي کڻندڙ آهن |
| فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ قسم آهي قرآن ڪريم جو جيڪو حق ۽ باطل ۾ فرق ڪندڙ آهي |
| فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ قسم آهي انهن ملائڪن جو جيڪي رسولن ڏانهن پيغام کڻي اچن ٿا |
| عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6) |
|
مخلوق جي عذرن ختم ڪرڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ |
| إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
(جنهن قيامت جو) توهان کي وعدو ڏنو ويو آهي اُها يقيناً ايندڙ آهي |
| فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8) |
|
پوءِ جنهن وقت تارا ميٽيا ويندا |
| وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9) |
|
۽ جنهن وقت آسمان کوليو ويندو |
| وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10) |
|
۽ جنهن وقت جبل اُکيڙيا ويندا |
| وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11) |
|
۽ جنهن وقت پيغمبر پنهنجي اُمتن تي شاهدي لاءِ موجود ڪيا ويندا |
| لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12) |
|
ڪهڙي ڏينهن لاءِ روڪيا ويا؟ |
| لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13) |
|
فيصلي جي ڏينهن لاءِ |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14) |
|
۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته فيصلي وارو ڪهڙو ڏينهن آهي |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15) |
|
ان ڏينهن تڪذيب ڪندڙن لاءِ ويل آهي |
| أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16) |
|
ڇا اسان پهرين (قومن) کي هلاڪ نه ڪيو |
| ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17) |
|
ان کان پوءِ پوين کي انهن جي پويان نه آندوسين |
| كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18) |
|
اسين مجرمن سان ايئن ڪريون ٿا |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19) |
|
ان ڏينهن تڪذيب ڪندڙن لاءِ ويل آهي |
| أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20) |
|
ڇا اسان توهان کي حقير پاڻيءَ مان پيدا نه ڪيو |
| فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ ان (پاڻيءَ) کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون |
| إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22) |
|
ھڪ مقرر وقت تائين |
| فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ (کيس) پورو بڻايوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24) |
|
ان ڏينهن تڪذيب ڪندڙن لاءِ ويل آهي |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25) |
|
زمين کي ماپائڻ واري نہ ڪئي اٿئون ڇا؟ |
| أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26) |
|
(جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي) |
| وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27) |
|
۽ اسان ان ۾ (توهان لاءِ) بلند جبل تيار ڪيا ۽ اسان توهان کي بهترين مِٺو پاڻي پياريو |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28) |
|
ان ڏينهن تڪذيب ڪندڙن لاءِ ويل آهي |
| انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29) |
|
توهان وڃو ان ڏانهن جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا |
| انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30) |
|
توهان ان دونهين جي پاڇولي ڏانهن وڃو جنهن جا ٽي شعبا هوندا |
| لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31) |
|
جيڪو نه پاڇولو ڪندڙ هوندو ۽ نه باه کان بچائيندو |
| إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32) |
|
بيشڪ جهنم مان شعلا نڪرن ٿا جيڪي ماڙين جيڏا هوندا |
| كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33) |
|
اهي هيڊن اُٺن جهڙا هوندا |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34) |
|
ان ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ |
| هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35) |
|
هيءُ (اُهو) ڏينهن آهي جو اُهي ڳالهائي نه سگھندا |
| وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36) |
|
۽ عذرن پيش ڪرڻ لاءِ کين اجازت نه ڏني ويندي |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37) |
|
اُن ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38) |
|
هيءُ فيصلي ڪُن ڏينهن آهي. اسين توهان کي ۽ پَهِرِيَنِ ماڻهن کي جمع ڪنداسين |
| فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39) |
|
پوءِ جيڪڏهن توهان وٽ ڪا اٽڪل هجي پوءِ اها ڀلي مون سان ڪريو |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40) |
|
ان ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41) |
|
بيشڪ پرهيزگار (بهشت ۾) ساين ۽ چشمن ۾ هوندا |
| وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42) |
|
۽ ميون ۾ جيڪي کين وڻندا |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
|
توهان آساني سان کائو ۽ پيئو انهيءَ ڪري جو توهان (نيڪ) عمل ڪندا هئا |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44) |
|
اهڙيءَ طرح نيڪوڪارن کي جزاءِ خير عطا ڪندا آهيون |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45) |
|
ان ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ |
| كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46) |
|
توهان (دنيا جي نعمتن) مان کائو ۽ ٿورو نفعو حاصل ڪريو، بيشڪ توهان مجرم آهيو |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47) |
|
ان ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ |
| وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48) |
|
۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان نماز پڙهو ته نماز نٿا پڙهن |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
ان ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ |
| فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50) |
|
پوءِ اِهي قرآن ڪريم کان پوءِ ڪهڙي ڪتاب تي ايمان آڻيندا |