القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمُرۡسَلٰتِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 50


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1)

شاهد آهن؛ دل کي وڻندڙ هيرون.

فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2)

سخت لڳندڙ هوائون.

وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3)

ڪڪرن کي کڻي پکيڙيندڙ هوائون.

فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4)

وري کين هڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ هوائون.

فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5)

وحي آڻيندڙ ملائڪ.

عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6)

جي عذر وڃائڻ لاءِ ڊيڄارڻ لاءِ وحي آڻين ٿا.

إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7)

ته جيڪو اوهان سان وعدو ڪجي ٿو سو ضرور ٿيندو.

فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8)

پوءِ جڏهن تارا ميٽبا.

وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9)

جڏهن آسمان چيربو،

وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10)

جڏهن جبل اڏائبا.

وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11)

۽ جڏهن رسول مقرر وقت تي گڏ ڪبا،

لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12)

(تڏهن خبر پوندوَ) ته انهن کي ڪهڙي ڏينهن لاءِ ترسايل هو.

لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13)

يعني فيصلي جي ڏينهن لاءِ.

وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14)

۽ توکي ڪنهن سمجهايو ته ”فيصلي جو ڏينهن“ ڇا آهي؟

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15)

ان ڏينهن انهن شخصن لاءِ خرابي آهي، جي (کيس) ڪوڙ سمجهندا هئا.

أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16)

ڇا، اسان اڳين کي ناس نه ڪيو؟

ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17)

وري انهن پٺيان ٻين کي آڻيندا آهيون،

كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18)

ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19)

ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي.

أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20)

ڇا، اسان اوهان کي خسيس پاڻيءَ مان نه خلقيو آهي؟

فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21)

پوءِ کيس هڪ ڄميل هنڌ ۾ رکيوسون.

إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22)

هڪ مقرر وقت تائين

فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23)

پوءِ اسان هن کي پورو ٺاهيو جو اسين سُٺا طاقت وارا آهيون.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24)

ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي.

أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25)

ڇا، اسان زمين سَمائڻ واري نه بنائي آهي؟

أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26)

جيئرن خواهه مئن جي لاءِ (يعني جيئرا خواهه مُئا اُن ۾ سمائجي وڃن ٿا)

وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27)

۽ زمين ۾ اونچا جبل بناياسون ۽ اوهان کي مٺو پاڻي پياريوسون.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28)

ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي.

انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29)

(چئبن ته) ”هاڻي وڃو انهي (دوزخ) ڏانهن جنهن کي اوهين ڪوڙ سمجهندا هئا.

انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30)

وڃو انهي ڇانو ڏانهن، جا ٽن شاخن واري هوندي.

لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31)

نڪي ٿڌڪار واري هوندي، نه باهه جي تَوَ کان بچائيندي“.

إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32)

بيشڪ اها باهه ماڙين جيڏيون ڄڀيون اڇليندي آهي.

كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33)

جن ڄڻ ته اهي هيڊا اُٺ آهن.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34)

ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي.

هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35)

هن ڏينهن نڪي هو ڳالهائي سگهندا

وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36)

۽ نڪي کين عذر بيان ڪرڻ جو موڪل ڏبي.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37)

ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي.

هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38)

( الله فرمائيندو) ”هي آهي فيصلي جو ڏينهن_ جنهن ۾ اوهان ۽ اڳين کي گڏ ڪيو اٿئون.

فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39)

هاڻي اوهان کي ڪا بڇڙي رٿ رٿڻي هجي ته رٿيو.“

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40)

ان ڏينهن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آهي.

إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41)

بيشڪ نيڪ، ڇانون ۽ چشمن ۾ هوندا.

وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42)

۽ جهڙا به ميوا گهرندا تهڙا ملندن.

كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43)

(چئبن ته) ”اوهين بلڪل خوش ٿي کائو ۽ پيئو جو اوهين چڱا ڪم ڪندا هئا.“

إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44)

بيشڪ اسين نيڪن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آهيون.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45)

ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي.

كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46)

۽ اي ڏوهاريو! اوهين ڀل ته دنيا ۾ ٿورو کائي وٺو ۽ ٿورو آسودا ٿي وٺو.

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47)

ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي.

وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48)

۽ جڏهن چئجينِ ٿو ته رڪوع ڪريو، ته نه ڪندا آهن-

وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49)

انهي ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي.

فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50)

پوءِ ڀلا هن (قرآن) کان پوءِ ٻيءَ ڪهڙيءَ ڳالهه کي مڃيندا؟


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025