| وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي انهن جوجيڪي موڪليون وڃن ٿيون لڳاتار . |
| فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2) |
|
پوءِ زورسان جهڪائيندڙ جو زور سان جهڪائڻ . |
| وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3) |
|
۽ پکيڙيندڙين جو پکيڙڻ . |
| فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ جدا ڪندڙين جو جدا ڪرڻ . |
| فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ ذڪر القاءَ ڪندڙين جو . |
| عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6) |
|
حجت پوري ڪرڻ يا ڊيڄارڻ جي لاءِ . |
| إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
بيشڪ جنهن جو وعدو ڏنا وڃو ٿا البتہ واقع ٿيندڙ آهي . |
| فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8) |
|
پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا . |
| وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9) |
|
۽ جڏهن آسمان چيريو ويندو . |
| وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن جبل اڏايا ويندا . |
| وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن رسول ڏنل وقت تي گڏ ڪيا ويندا . |
| لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12) |
|
ڪهڙي ڏينهن جي لاءِ ترسايا ويا . |
| لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13) |
|
فيصلي واري ڏينهن جي لاءِ . |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14) |
|
۽ ڪهڙي شيءِ ڄاڻايو توکي ته ڪهڙو ڏينهن فيصلي جوآهي؟ . |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ . |
| أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16) |
|
ڇا نه هلاڪ ڪيوسون پهرين کي . |
| ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17) |
|
ان کان بعد پونيان لڳائينداسون انهن جي پوين کي . |
| كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18) |
|
اهڙي طرح ڪندا آهيون مجرمن سان . |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ . |
| أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20) |
|
ڇا نه پيدا ڪيو اسان اوهان کي خسيس پاڻيءَ مان . |
| فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ رکيوسون ان کي محفوظ جاءِ ۾ . |
| إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22) |
|
معلوم وقت تائين . |
| فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ پورو بڻايوسون پوءِ اسين ڀلا قادر آهيون . |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن لاءِ . |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25) |
|
ڇا نه بنايوسون زمين کي گڏ ڪندڙ؟ . |
| أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26) |
|
جيئرن کي ۽ مئلن کي . |
| وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27) |
|
۽ ڪياسون ان ۾ وڏا جبل مضبوط ۽ پياريو اسان اوهان کي پاڻي مٺو . |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ . |
| انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29) |
|
هلو ان ڏانهن جو ان کي ڪوڙو چوندا هيئو . |
| انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30) |
|
هلو ڇانوَ ٽن شاخن واريءَ ڏانهن . |
| لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31) |
|
نه ٿڌي ڇانوَ ڏيندڙ ۽ نه فائدو ڏيندي باهه جي ڄڀيءَ کان . |
| إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32) |
|
بيشڪ اها اڇلائيندي چڻنگون ماڙيءَ جيڏيون . |
| كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33) |
|
ڄڻ ته اهي هيڊا اٺ آهن . |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ . |
| هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35) |
|
هي اهو ڏينهن آهي جو نه ڳالهائيندا . |
| وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36) |
|
۽ نه موڪل ڏني ويندي انهن کي پوءِ عذر پيش ڪن . |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ . |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38) |
|
هي فيصلي جو ڏينهن آهي جو گڏ ڪيوسون اوهان کي ۽ پهرين کي . |
| فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39) |
|
پوءِ جيڪڏهن آهي اوهان جي ڪا رٿ ته پوءِ مون لاءِ رٿ رٿيو . |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ . |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41) |
|
بيشڪ پرهيزگار ڇانئن ۽ چشمن ۾ هوندا . |
| وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42) |
|
۽ ميون ۾ ان مان جيڪا اشتها رکندا . |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
|
کائو ۽ پيئو ڍؤ ڪري ان جي بدلي ۾ جيڪو ڪندا هيئو . |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44) |
|
بيشڪ اسين اهڙي طرح بدلو ڏينداسون نيڪو ڪارن کي . |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ . |
| كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46) |
|
کائو ۽ پيئو ٿورو بيشڪ اوهان مجرم آهيو . |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ . |
| وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48) |
|
۽ جڏهن چيو وڃي ٿو انهن کي رڪوع ڪيو ته رڪوع نه ٿا ڪن . |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ . |
| فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50) |
|
پوءِ ڪهڙيءَ ڳالهه تي ان کان بعد ايمان آڻيندا . |