| وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1) |
|
قسم آهي مسلسل گُهلندڙ (هوائن) جو |
| فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2) |
|
جيڪي زور سان گُهلنديون رهن ٿيون. |
| وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3) |
|
۽ ڪڪرن کي (مختلف جڳھن تي) پکيڙينديون رهن ٿيون. |
| فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4) |
|
پوءِ ڪنهن وقت انهن کي هڪ ٻئي کان الڳ الڳ ڪنديون رهن ٿيون. |
| فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5) |
|
(ان صورتحال ۾) هي هوائون (الله تعالى جي) ياد به ڏيارينديون آهن. |
| عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6) |
|
حجت پوري ڪرڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ جي به (هي هوائون) سمجهه ڏينديون آهن. |
| إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
بيشڪ توهان سان جنھن شيءِ جو وعدو ڪيو وڃي ٿو سا ته ضرور ٿيڻي آهي. |
| فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8) |
|
جڏهن تارا مُرجهائجي (ڊِم ٿي) ويندا. |
| وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9) |
|
جڏهن آسمان کي ڦاڙيو ويندو. |
| وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10) |
|
جڏهن جبلن کي (دَز ڪري) اڏاريو ويندو. |
| وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11) |
|
جڏهن رسول سڳورن کي (مقرر وقت تي) گڏ ڪيو ويندو. |
| لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12) |
|
(پوءِ ئي خبر پوندي ته انهن سڀني معاملن کي) ڪهڙي ڏينھن لاءِ پوئتي رکيو ويو آهي؟ |
| لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13) |
|
فيصلي واري ڏينھن لاءِ ئي (پوئتي رکيو ويو آهي) |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14) |
|
توکي ڪهڙي خبر ته اهو فيصلي وارو ڏينھن ڇا آهي؟ |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15) |
|
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
| أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16) |
|
ڇا اسان پھرين (گذريل ڏوهاري) ماڻهن کي تباهه نه ڪيوسين؟ |
| ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17) |
|
پوءِ انهن جي پٺيان ايندڙ (ڏوهارين) کي به (ايئن) تباهه ڪنداسين. |
| كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18) |
|
(ڇوته) اسان ڏوهارين سان ايئن ئي ڪندا آهيون. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19) |
|
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
| أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20) |
|
ڇا اسان توهان کي خسيس پاڻي مان پيدا نه ڪيو؟ |
| فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21) |
|
پوءِ ان پاڻي کي هڪ محفوظ جڳھه تي رکيو. |
| إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22) |
|
هڪ مقرر وقت تائين (ان ۾ تبديليون آڻيندا رهياسين) |
| فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ (کيس سھڻي شڪل ۽ صورت ڏيئي دنيا ۾ موڪلڻ لاءِ) تيار ڪيو، پوءِ اسان ڪيڏا نه بھترين طاقت رکندڙ آهيون. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24) |
|
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25) |
|
ڇا اسان زمين کي محفوظ رکڻ واري جڳھه نه بنايوسين؟ |
| أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26) |
|
(جو اُها) جيئرن ۽ مئلن کي (محفوظ) رکي ٿي. |
| وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27) |
|
اسان اُن ۾ وڏا ڊگها جبل کوڙياسين ۽ توهان کي (اُنهن جي چشمن مان) مٺو پاڻي پياريوسين. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28) |
|
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
| انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29) |
|
(قيامت جي ڏينهن ڏوهارين کي چيو ويندو ته) هلو ان (دوزخ) ڏانھن جنھن کي توهان ڪوڙو ڪندا هئا. |
| انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30) |
|
(دونھين جي ورهايل) ٽن شاخن جي ڇانوَ ڏانھن هلو. |
| لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31) |
|
جنهن ۾ نه ته ٿڌڪار هوندي ۽ نه ئي دوزخ جي باهه جي ڀَڀَـڙَ کان بچائيندڙ هوندي. |
| إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32) |
|
بيشڪ اها باهه وڏين ماڙين جيڏيون چڻنگون ڪڍندي. |
| كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33) |
|
(اهي چڻنگون ايئن لڳنديون) ڄڻ ته پيلي رنگ جا اُٺَ هُجن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34) |
|
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
| هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35) |
|
هي اهو ڏينھن آهي جنھن ۾ هي (ڪوڙو ڪندڙ) ڳالهائي نه سگهندا. |
| وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36) |
|
۽ نه کين عذر پيش ڪرڻ جي اجازت هوندَن. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37) |
|
اُن ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38) |
|
اهوئي فيصلي وارو ڏينھن آهي (تنهنڪري) اسان توهان کي ۽ اڳ گذري ويلن سڀني کي گڏ ڪيو آهي. |
| فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39) |
|
سو جيڪڏهن توهان منهنجي خلاف ڪا چال کيڏڻ چاهيو ٿا ته ڀل جا کيڏو. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40) |
|
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41) |
|
بيشڪ پرهيزگار ماڻهو ڇانون ۽ چشمن ۾ هوندا. |
| وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42) |
|
جهڙي قسم جا ميوا چاهيندا اُنهن کي پيش ڪيا ويندا. |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
|
(کين چيو ويندو ته) جيڪي توهان (نيڪ) عمل ڪندا هئا ان جي بدلي ۾ مزي سان کائو ۽ پيئو. |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44) |
|
بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙي طرح ئي بدلو ڏيندا آهيون. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45) |
|
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
| كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46) |
|
(اي ڏوهاريو! دنيا ۾) ٿوري وقت تائين کائي ۽ مزا ڪري وٺو. بيشڪ توهان ڏوهاري ماڻهو آهيو. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47) |
|
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
| وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48) |
|
۽ جڏهن انهن کي (دنيا ۾ الله تعالى جي آڏو) جُهڪڻ لاءِ چيو ويندو هو ته هُو جُهڪندا ئي نه هئا. |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. |
| فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50) |
|
قرآن کان پوءِ (آخر) هي ماڻهو ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ (اسان ته صرف الله تعاليٰ تي ايمان آندو آهي). |