| وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1) |
|
قسم انهن آهستي هلندڙ نرم هوائن جو |
| فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2) |
|
پوءِ اهي تيزيءَ سان لهي ڪڪر پکيڙين ٿيون |
| وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3) |
|
۽ انهن کي ڇڙوڇڙ ڪري |
| فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4) |
|
هڪ ٻئي کان ڌار ڪنديون آهن |
| فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5) |
|
پوءِ دلين ۾ وجهن ٿيون خدا جي ياد |
| عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6) |
|
عذر جي طور تي يا ڊيڄارڻ خاطر |
| إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
|
بيشڪ توهان سان جيڪو وعدو ڪجي ٿو اهو پورو ٿيندو |
| فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8) |
|
پوءِ جڏهن تارا بي نور ٿي ويندا |
| وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9) |
|
۽ جڏهن آسمان چيريو ويندو |
| وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10) |
|
۽ جڏهن جبل (دز ڪري) اڏاريا ويندا |
| وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11) |
|
۽ جڏهن رسولن جي حاضري جو وقت ايندو |
| لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12) |
|
(ان ڏينهن اها شيءِ واقع ٿيندي) ڀلا ڪهڙي ڏينهن لاءِ اها ترسايل آهي |
| لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13) |
|
فيصلي جي ڏينهن لاءِ |
| وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14) |
|
۽ توکي ڪهڙي خبر ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي؟ |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
| أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16) |
|
ڇا اسان هلاڪ نه ڪيو آهي اڳين کي؟ |
| ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17) |
|
پوءِ اسان موڪليو انهن کان بعد ۾ ايندڙن کي |
| كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18) |
|
ائين ئي ڪندا آهيون ڏوهارين سان |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
| أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20) |
|
ڇا اسان توهان کي پيدا نه ڪيو آهي هڪ خسيس پاڻي منجهان؟ |
| فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21) |
|
۽ رکيوسين ان کي هڪ محفوظ جاءِ تي ٽڪائي |
| إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22) |
|
اسان مقرر ڪيو هڪ معلوم اندازو |
| فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23) |
|
پوءِ اسان هڪ سٺو اندازو مقرر ڪندڙ (وس وارا) آهيون |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
| أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25) |
|
ڇا اسان نه بنايو آهي زمين کي سانڍي رکڻ واري |
| أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26) |
|
جيئرن جي لاءِ ۽ مُردن جي لاءِ |
| وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27) |
|
۽ کوڙياسين ان ۾ اوچا جبل (وڏا وڏا) ۽ پياريوسين توهان کي پاڻي مٺو مٺو |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
| انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29) |
|
هلو هاڻي ان شيءِ ڏانهن جنهن کي توهان ڪوڙو ٿي ڀانيو |
| انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30) |
|
هلو هاڻي ان ڇانوَ ڏانهن جيڪا ٽن شاخن واري آهي |
| لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31) |
|
نه ٿڌ رسائڻ واري ۽ نه بچائڻ واري باهه جي اُلن کان |
| إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32) |
|
اها باهه اڇليندي وڏيون چڻگون ماڙيءَ جهڙيون |
| كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33) |
|
ڄڻ ته اهي اٺ آهن پيلا |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
| هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35) |
|
هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ نه ڳالهائيندا اهي |
| وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36) |
|
۽ نه اجازت هوندي انهن کي ته ڪو عذر پيش ڪن |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
| هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38) |
|
هي ڏينهن فيصلي جو آهي، اسان گڏ ڪيو آهي توهان کي ۽ اڳين ماڻهن کي |
| فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39) |
|
پوءِ ڪا رٿ رٿي سگهو ٿا منهنجي مقابلي ۾ ته رٿي ڏسو |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
| إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41) |
|
بيشڪ پرهيزگار ماڻهو اڄ ڇانون ۽ چشمن ۾ آهن |
| وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42) |
|
۽ اهي ميوا حاضر آهن جيڪي چاهين |
| كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
|
کائو ۽ پيئو مزي سان پنهنجي انهن ڪيل عملن جي بدلي ۾ |
| إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44) |
|
بيشڪ اسان اهڙي ئي جزا ڏيندا آهيون نيڪ ماڻهن کي |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
| كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46) |
|
کائو ۽ مزا ماڻي وٺو ٿورڙا ڏينهن، بيشڪ توهان ڏوهي آهيو |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
| وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48) |
|
۽ جڏهن چيو ويندو انهن کي ته جُهڪو (الله جي آڏو) ته نٿا جهڪن |
| وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
|
تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ |
| فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50) |
|
پوءِ هن (قرآن) بعد ڪهڙو ٻيو ڪلام آهي جنهن تي ايمان آڻيندا؟ |