| هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) |
|
ڇا انسان تي اڻ کــُـٽ زماني جو ڪڏهن ڪو اهڙو وقت به آيو آهي، جڏهن هو ڪا نالي کڻڻ جوڳي شيءِ ئي نه هو؟ |
| إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) |
|
اسان انسان کي هڪڙي رليل مليل ٽيپي مان پيدا ڪيو آهي، تانته ان کي آزمايون. پوءِ ان لاءِ اسان کيس ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ بڻايو |
| إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) |
|
اسان کيس رستو ڏيکاري ڇڏيو، کڻي شڪر ڪرڻ وارو بڻجي يا ڪفر ڪرڻ وارو بڻجي |
| إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) |
|
ڪفر ڪندڙن لاءِ اسان زنجير ۽ ڳٽ ۽ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي |
| إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) |
|
نيڪ ماڻهو (جنت ۾) شراب جا اهڙا پيالا پيئندا جن ۾ ڪافور جو پاڻي مليل هوندو، اهو هڪ وهندڙ چشمو هوندو |
| عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) |
|
جنهن جي پاڻيءَ سان گڏائي الله جا بندا شراب پيئندا ۽ جيڏانهن به وڻندن سؤلائيءَ سان ان جون شاخون ڪڍي وٺندا |
| يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) |
|
اهي ئي ماڻهو هوندا، جيڪي (دنيا ۾) باس پوري ڪندا آهن ۽ انهيءَ ڏينهن کان ڊڄندا آهن، جنهن جي مصيبت هر طرف پکڙيل هوندي |
| وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) |
|
۽ الله جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کاڌو کارائيندا آهن |
| إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) |
|
(۽ چوندا اٿن ته) "اسان توهان کي فقط الله ڪارڻ ٿا کارايون، اسان کي توهان کان نڪي ڪو عيوضو کپي ۽ نه شڪرگذاري |
| إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) |
|
اسان کي ته پنهنجي رب کان انهيءَ ڏينهن جي عذاب جو ڊپ لڳل آهي، جيڪو سخت مصيبت وارو نهايت ڊگهو ڏينهن هوندو" |
| فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) |
|
پوءِ الله کين انهيءَ ڏينهن جي شر کان بچائي وٺندو ۽ کين تازگي ۽ سرهائي عطا ڪندو |
| وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) |
|
۽ سندن صبر جي عيوض کين جنت ۽ پــَـٽ پٽيهر (جا ويس) عطا ڪندو |
| مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) |
|
اتي هو اوچن تختن تي طول وهاڻن تي ٽيڪ ڏيو ويٺا هوندا. نه اُس جو تاءُ کين تپائيندو ۽ نه پاري واري ٿـڌ کين ستائيندي |
| وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) |
|
جنت جا پاڇا مٿن لـڙي ڇانءَ ڪري رهيا هوندا ۽ ميون جا ڇڳا نوائي سندن پهچ ۾ ڪيل هوندا (جو جيئن وڻين پٽي وٺن) |
| وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) |
|
سندن آڏو چانديءَ جا ٿانوَ ۽ شيشي جا پيالا هيڏي هوڏي پيا ڦيرايا ويندا |
| قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) |
|
شيشو به اهو جيڪو چانديءَ جي قسم جو هوندو ۽ انهن کي (جنت جي انتظام سنڀالڻ وارن) پوري اندازي مطابق ڀريو هوندو |
| وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) |
|
۽ کين اتي اهڙي شراب جا پيالا پيئاريا ويندا، جن ۾ ســُـنڍ مليل هوندي |
| عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) |
|
اهو جنت جو چشمو هوندو، جنهن کي سلسبيل ڪوٺيو ويندو آهي |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) |
|
سندن خدمت لاءِ اهڙا ڇوڪرا ڊُڪ ڊوڙ ڪري رهيا هوندا، جيڪي سدائين ڇوڪرا ئي رهندا. تون کين ڏسين ته ڀانئين ته موتي کنڊيريل آهن |
| وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) |
|
اتي جيڏانهن به کڻي نظر ڪندين ته توکي نعمتون ئي نعمتون ۽ وڏي بادشاهيءَ جو انتظام نظر ايندو |
| عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) |
|
مٿانئن سنهڙي پـــَـٽ جا ساوا پهراڻ ۽ ٿلهي پــَـٽ جون پوشاڪون هونديون ۽ کين چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ سندن رب کين نهايت پاڪ شراب پيئاريندو |
| إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) |
|
اهو آهي توهان جو اجورو ۽ توهان جي ڪوشش جو قدر ڪيو ويو آهي |
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) |
|
اي نبي! اسان توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري لاٿو آهي |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) |
|
تنهنڪري تون پنهنجي رب جي فيصلي تي صبر ڪر ۽ انهن مان ڪنهن بدعمل يا حق جي انڪاريءَ جي ڳالهه تي نه لڳ |
| وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) |
|
پنهنجي رب جو نالو صبح توڙي شام ياد ڪندو رهه |
| وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) |
|
رات جو به کيس سجدا ڪندو ڪر ۽ گهڻيءَ رات تائين سندس پاڪائي ڪندو رهه |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) |
|
هي ماڻهو ته جلدي حاصل ٿيندڙ شيءِ (دنيا) سان محبت ڪن ٿا ۽ اڳتي جيڪو ڳرو ڏينهن اچڻو اٿن، تنهن کي نظرانداز ٿا ڪري ڇڏين |
| نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) |
|
اسان ئي کين پيدا ڪيو آهي ۽ سندن هڏ ڪاٺ مضبوط بڻايو آهي ۽ اسان جڏهن چاهيون ته سندن شڪليون ئي ڦيرائي ڇڏيون |
| إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) |
|
اها هڪڙي نصيحت آهي، هاڻي جنهن جي دل گهري ته پنهنجي رب ڏانهن وڃڻ واري واٽ وٺي |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) |
|
۽ توهان جي مرضيءَ سان ڪجهه نه ٿيندو آهي، جيستائين الله نه گهري. بيشڪ الله وڏو علم وارو ۽ داناءُ آهي |
| يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) |
|
جنهن کي گهري پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ظالمن لاءِ هن دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي |