| هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) |
|
بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي جنهن ۾ هو ڪا به اهڙي شيءِ نه هو، جنهن جي ڳالھ ڪئي وڃي. |
| إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) |
|
اسان انسان کي گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون ۽ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون. |
| إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) |
|
اسان کيس سڌي راھ به ڏيکاري (هاڻي اهو) شڪر گذار ٿئي يا بي شڪرو بڻجي. |
| إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) |
|
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ طوق ۽ ٻرندڙ باھ تيار رکي آهي. |
| إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) |
|
بيشڪ نيڪ بخت انسان شراب جا اهي ساغر پيئندا جنهن ۾ ملاوٽ ڪافور جي هوندي. |
| عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) |
|
اهو هڪ چشمو آهي جنهن مان خدا جا (خاص) بندا پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا. |
| يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) |
|
هي اهي آهن جيڪي نذر پوري ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي سختي هر طرف پکڙيل هوندي. |
| وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) |
|
۽ سندس محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کاڌو کارائن ٿا. |
| إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) |
|
(۽ چون ٿا ته) اسين اوهان کي رڳو خدا جي رضامندي لاءِ کاڌو کارايون ٿا اوهان کان نه بدلو ۽ نه ڪا شڪرگذاري چاهيون ٿا. |
| إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) |
|
بيشڪ اسين پنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڏکي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا. (جنهن ۾ منهنجي رنگت بدلجي ويندي) |
| فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) |
|
پوءِ خدا انهن کي ان ڏينهن جي بڇڙائي کان بچائيندو، ۽ کين تازگي ۽ خوشيءَ عطا فرمائيندو. |
| وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) |
|
۽ سندن صبر ڪرڻ جي ڪري (بهشت جا) باغ ۽ ريشم (جي پوشاڪ) عطا فرمائي. |
| مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) |
|
ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي وهندا. نه ان ۾ (سج جي) اس ۽ نه سخت سردي ڏسندا. |
| وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) |
|
۽ انهن باغن جون گهاٽيون ڇانيون مٿن ويجهيون هونديون ۽ ميون جا ڇڳا تمام ويجها هر طرح انهن جي اختيار ۾ هوندا. |
| وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) |
|
۽ انهن جي اڳيان چاندي جا ساغر ۽ شيشي جا تمام صاف گلاس جا دور هلي رهيا هوندا. |
| قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) |
|
پڻ شيشا به (ڪانچ جا نه پر) چاندي جا جيڪي بلڪل اندازي سان بڻايل آهن. |
| وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) |
|
۽ ان ۾ کين اهڙو شراب پياريو ويندو جنهن ۾ ملاوٽ سنڍ جي هوندي. |
| عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) |
|
اهو بهشت ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل آهي. |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) |
|
پڻ انهن جي اڳيان سدائين هڪ حالت تي رهڻ وارا گڀرو ڇوڪرا وٽن (خدمت لاءِ) پيا ايندا ۽ ويندا. جو جڏهن انهن کي ڏسو ته سمجهو ته (ڄڻ) پکڙيل موتي آهن. |
| وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) |
|
۽ جڏهن تون اتي نگاھ ڪندين ته هر طرح جي نعمت ۽ (تمام) وڏي بادشاهي ڏسندين. |
| عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) |
|
مٿن سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ اطلس جي پوشاڪ (پهريل) هوندي ۽ کين چانديءَ جا ڪنڱڻ پارايا ويندا ۽ کين سندن رب تمام پاڪ شراب پياريندو. |
| إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) |
|
بيشڪ اهو اوهان (جي عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش شڪرگذاري جي لائق آهي. |
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) |
|
(اي رسول!) بيشڪ اسان تو تي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي. |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) |
|
ته تون پنهنجي پروردگار جي حڪم جي انتظار ۾ صبر ڪندو رھ! ۽ انهن ماڻهن مان گنهگار ۽ ناشڪري جي پيروي نه ڪج! |
| وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) |
|
۽ صبح شام پنهنجي پروردگار جو نالو ڳنهندو رھ! |
| وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) |
|
۽ ڪجھ رات وڃڻ کان پوءِ ان کي سجدو ڪر! ۽ گهڻي رات سندس تسبيح ڪندو رھ! |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) |
|
بيشڪ اهي ماڻهو دنيا کي پسند ڪن ٿا ۽ ڳري ڏينهن (قيامت) کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا. |
| نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) |
|
اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن عضوا مضبوط ڪيا آهن ۽ جڏهن گهرنداسون ته انهن جهڙا ٻيا ماڻهو بدلي ۾ آڻينداسون. |
| إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) |
|
بيشڪ هي قرآن هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري ته پنهنجي پروردگار جي راھ وٺي. |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) |
|
۽ اوهين ڪجھ چاهيو ئي نه ٿا پر اهو ئي جيڪي الله چاهي ٿو. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻيندڙ حڪمت وارو آهي. |
| يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) |
|
جنهن کي وڻيس تنهن کي پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪري ۽ ظالمن لاءِ ته ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. |