| هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) |
|
آئـِي هِن اِنسان تي، وَقت مَنجھان، ڪا وار، ڄَڻڪ، سو ڄَڻ ڪِين هُئو، ڪاشئ، مَنجھ شُمار، |
| إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) |
|
اَسان ئـِي اِنسان کي، اُپايو اسرار، مَلايَل مَنِئ جي، نُطفي مان نِروار، پِئي پَرکيون سون اُن کي، پُرزو، پُرزو ڌار، پوءِ ڪيو سُونسِ تيار، سُڻندڙ، ڏِسندڙ ڏيہ ۾. |
| إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) |
|
ڏَس ڏِنوسُون واٽ جو، تِنهِين کي تڪرار، يا شاڪِر، شُڪر گُذار، يا بِلڪُل باغِي، بي ڳُئون. |
| إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) |
|
اَسان ئـِي اِنڪاريَن لئي، ڪَيا بَندوبست پَڪا، نِيرَ، نوڙيَڪا، پڻ باهِيون ڀَنڀٽ واريون. |
| إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) |
|
نيڪ، پيالي پاڪ مان، پِيَن آب اَوس، ڪايا جِنهن، ڪافُور جِي، جو چِشمو ڏِيندڙ چَس، |
| عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) |
|
جِنهن مان پُوڄارِي پَروَر جا، ڪَشَيو لاهينِ ڪَس، وَڻينِ تِئين واهِين تنهن، رَنگ راهِينِ رَس، |
| يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) |
|
پارِين نَذَر نِياز جا، وعدا مُوجب وَس، تِنهن ڏِينهن کان لَرزَن لَس، جِنهنجو ڪارهو ڪَئـِين ڪوهن ۾. |
| وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) |
|
۽ سَندسِ سِڪ سَچئَ ۾، ڏِين قُوت ڪَنگال، پڻ ڇِنٖي ڇوري ٻار کي، پڻ باندِئَ کي، بَحال، |
| إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) |
|
اَسِين اوهان کي ڪِين ڏِيون، کاڌو ٻئي خيال، مگر مُحابي رَبَّ جي، ته رَهي رَاضِي شال، مُلھ نه گُھرون، ڪو مال، ۽ نَه سار لَهون، ساراھ لئي. |
| إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) |
|
پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئ کان، ڏَرون اُن ڏِينهن ڀَر، جو اهَکو آھِ اَپر، پڻ کوٽن لاءِ، کَٽو گھڻو. |
| فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) |
|
پوءِ اُنهِئ ڏينهن جي ڏُک کان، رَکينِ رکن هار، پڻ ڏيکارين ڏاتار، سَهسِين سُک ۽ ساوڪون. |
| وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) |
|
۽ جَنت ڏِنائـِين جاءِ پڻ پهرڻ پَٽ پَٽورِيون، اِي سَڀ اِنهِئَ لاءِ، جو سَڀ ڪُجھ سَٺائون سِيل تي. |
| مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) |
|
تَڪيا ڏِيندڙ طُولن کي، سِيجن سِر سُڄاڻ، اُتي نه پَسن پاڻ، ڪوسِي ٿڌِي ڪَڏهن |
| وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) |
|
۽ اوڏِيون ڇانئون اُنهن مَٿان، لَڙِيَل لامون ڏار، قطارو قطار، اُن جا جُھڳٽ جِھمايا وِيا. |
| وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) |
|
۽ رَڄ رُپي جي ٿانَو سان، تِن جو، ڪَجي طَواف، ڪوپ، پِيالا قِيمتِي، اِهڙا جِن اوصاف، شِيشو، شِيشو ڪهڙو؟ شِيشو صاف شِفاف، |
| قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) |
|
چُوڙيون چاندِئ چِنڊ مان، صَلاح سان صراف، پِيالا پيارِبَن، ڀَريل بي خِلاف، |
| وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) |
|
جِنهن ۾ سُنڊ سُرهِي صاف ، مِلت مَزٖي مَزِيد لئي. |
| عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) |
|
عُمدو آب اُن ۾، سَڏجي سَلسَبـيل، |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) |
|
نوڪر، ڇوڪر عمر ۾، جَنم جوت جَمِيل ، کڻيو کِير خَلِيل، ڀِرن ڀَليرا اُنهن مَٿان. جڏهن اکيَن ڏِسندِين اُنهن کي، ته ڀائـِيندينِ بَحال، ڪراَڻپُوتل آهِينِ سي، ماڻڪ، موتِي لال، |
| وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) |
|
جَڏهن ڏِسندين، ته ڏِسندِين ڏيھ اُهو، مِڙئـِي مالا مال، مَزا موڪ، مُلڪ وَڏو، ڪُشادو ڪَمال، |
| عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) |
|
مَٿنِ ڪَپڙا قِيمَتِي، چِلڪَن چَڱِئَ چال، سَنهي، ٿلهي پَٽ سَندا، سائـِي رنگ شال، ۽ چاندِئَ جي چُوڙِين سان، وِيا جِنجھايا جال، ۽ سَندنِ سائـِين اُنهن کي، ڪري ڀَلايون ڀَال، جو هر طرح حَلال، سو پاڻِي پاڪ پِياريو. |
| إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) |
|
هِي انهن جي عَملن جو، آهي اُجورو، ۽ سَعيو سَمُورو، اَهنجو آفرِين جِھو! |
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) |
|
اَسان اُتاريو تو مَٿي، پَڪ هِي پاڪ قُرآن، |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) |
|
پوءِ پَنهنجي پالڻهار جي، هَل حُڪم تي هَر آن، ۽ مَڃ مَ مِهربان!، تِن مان ڪِنهن ڪُفران کي. |
| وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) |
|
۽ نام سَندئـِي سائـِينءَ جو، سار صبح ۽ شام، |
| وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) |
|
۽ نَمِي نَبِي ! ڪُجِھ رات مان، سَندسِ ڪر سَلام، ۽ واکاڻِينسِ وَريام! وَروَر وَڏِي رات ۾. |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) |
|
وِهلو وَڃڻِي وَٿ سان، هِي رکن نِڀاڳانِيهن، ۽ ڇَڏينِ ڏاڍو ڏِينهن، جو صَحِي آهي سامهون. |
| نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) |
|
اَسان بَنايو اُنهن کي، پڻ سوگھا ٻَڌاسونِ سَنڌ، ۽ اُنهن جِھڙا، اُنهن جي هَنڌ، وَڻي تڏهن وَسائـِيون. |
| إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) |
|
هِي سَبق ساڃاءِ جو، هِي نَصِحيت بِنار، پَنهنجي پَروَر پار، پوءِ وَڻي، سو واٽ وَٺي. |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) |
|
۽ اَوهِين نه گُھرندا آهيو، مگر گُھري اَلله، صَحِي سُرت سُڄاڻ سو، ويڄ وَڏو وَھ واھ!، |
| يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) |
|
وَڻيسِ وَسائي تِنهن کي، مَنجھ پَنهنجي ٻاجھ پَناھ، ۽ جيڪي ڏاڍا ڏيہ ۾، راجا راڄ وَڻاھ، سَنباهِين صُباح، اُهکِي سَزا اُنهن لئي . |