| هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) |
|
بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي جنهن ۾ هو ڪا به اهڙي شيءِ نه هو جنهن جي ڳالهه ڪئي وڃي. |
| إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) |
|
بيشڪ اسان انسان کي (ڪيترن شين مان) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون، پوءِ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون. |
| إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) |
|
بيشڪ اسان انسان کي شڪر ڪندڙ هجي يا بي شڪر، رستو ڏيکاريو آهي. |
| إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) |
|
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي. |
| إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) |
|
بيشڪ نيڪ بخت اهڙي (شراب جي) پيالي مان پيئندا جنهن ۾ ملاوت ڪافور جي ٿيندي |
| عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) |
|
جو هڪ چشمو آهي جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا. |
| يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) |
|
اهي (الله جي) باس پوري ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي بڇڙائي پکڙيل هوندي. |
| وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) |
|
۽ سندس محبت تي مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کاڌو کارائين ٿا. |
| إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) |
|
( ۽ چون ٿا ته) اسين اوهان کي رڳو الله جي رضامنديءَ لاءِ کاڌو کارايون ٿا اوهان کان نه بدلو ۽ نه ڪي شڪر گذاري گهرون ٿا. |
| إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) |
|
بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ جي طرفان هڪ ڏکي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا. |
| فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) |
|
پوءِ الله انهن کي ان ڏينهن جي بڇڙائي کان بچايو، ۽ انهن کي تازگي ۽ خوشي پهچايائين. |
| وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) |
|
۽ سندن صبر ڪرڻ جي ڪري انهن کي باغ ۽ ريشم بدلي ۾ ڏنائين. |
| مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) |
|
ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي وهندا. نه ان ۾ (سج جي) اس ۽ نه سخت سردي ڏسندا. |
| وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) |
|
۽ ان باغ جون ڇانئون مٿن ويجهيون هونديون ۽ ان جا ميوا چڱيءَ طرح لٽڪايا ويا هوندا |
| وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) |
|
۽ وٽن چانديءَ جي ٿانون ۽ اهڙن پيالن سان اچ وڃ ٿيندي جيڪي شيشي جا هوندا |
| قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) |
|
(پر اُهو) شيشو چانديءَ مان (بنايل) هوندو. جن کي اندازو ڪري بنايو هوندائون. |
| وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) |
|
۽ ان ۾ کين اهڙو پيالو پياريو ويندو جنهن ۾ ملاوت سُنڍ (چشمي) جي هوندي |
| عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) |
|
جو ان ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو وڃي ٿو. |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) |
|
۽ هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا وٽن (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا. (اي ڏسندڙ) جڏهن تون کين ڏسندين ته انهن کي پکڙيل موتي خيال ڪندين. |
| وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) |
|
۽ جڏهن اتي ڏسندين ته نعمت ۽ وڏي بادشاهي ڏسندين. |
| عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) |
|
مٿن سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ريشم جا ٿلها ڪپڙا هوندا. ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ سندن پاليندڙ کين تمام پاڪ شراب پياريندو. |
| إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) |
|
بيشڪ اهو اوهان (جي عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش قبول ڪيل آهي. |
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) |
|
بيشڪ اسان توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي. |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) |
|
پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم جو انتظار ڪر ۽ انهن مان ڪنهن به بدمعاش يا ڪافر جو چيو نه مڃ |
| وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) |
|
۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو صبح ۽ سانجهي ياد ڪر. |
| وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) |
|
۽ ڪجهه وقت رات جو ان کي سجدو ڪر ۽ گهڻي رات سندس پاڪائي چوندو رهه. |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) |
|
بيشڪ اهي جلد ملڻ واريءَ شيءِ کي پسند ڪن ٿا. ۽ ڳري ڏينهن کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا. |
| نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) |
|
اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن سَنڌَ مضبوط ڪيا آهن ۽ جڏهن اسين گهرنداسون ته انهن جهڙا ٻيا بدلي ۾ آڻينداسون. |
| إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) |
|
بيشڪ هيءَ هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪوگهري ته پنهنجي پاليندڙ ڏي رستو وٺي. |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) |
|
۽ اوهين الله جي گهر کان سواءِ (رستي وٺڻ جو) ارادو ڪري نه ٿا سگهو، ڇو ته الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
| يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) |
|
جنهن کي وڻيس تنهن کي پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس. |