القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الدَّھۡرِ  مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 31


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1)

بيشڪ انسان تي زماني جو هڪ اهڙو به وقت گذريو آهي جو اهو ڪابه قابلِ ذڪر شيءِ نه هيو.

إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2)

بيشڪ اسان انسان کي (مرد ۽ عورت جي) مِليل مَنيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون پوءِ اسان ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ بنايو. (ته جيئن آزمائش جي قابل هجي)

إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3)

بيشڪ اسان ان کي رستو ٻڌايو (هاڻي) شڪر گذار ٿئي يا بي شڪر بنجي.

إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4)

بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳَٽَ ۽ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي.

إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5)

بيشڪ نيڪوڪار (پاڪ شراب جا) اُهي پيالا پيئندا جن ۾ ڪافور مليل هوندو.

عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6)

(ڪافور) جنت جو هڪ چشمو آهي جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا جتي چاهيندا ان کي ننڍين نهرن جي شڪل ۾ وهائي ويندا.

يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7)

جيڪي (دنيا) باس پوري ڪن ٿا ۽ ان ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي سختي پکڙيل هوندي.

وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8)

۽ الله جي محبت ۾ کاڌو کارائن ٿا مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي.

إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9)

(۽ چون ٿا ته) ”اسان صرف الله جي رضا لاءِ اوهان کي کاڌو کارايون ٿا نه اوهان کان بدلو گهرون ٿا ۽ نه ڪا شڪر گذاري چاهيون ٿا.

إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10)

اسان کي پنهنجي پالڻهار کان ان ڏينهن جو خوف رهندو آهي جيڪو سخت اداسي جو ڊگھو ڏينهن هوندو“.

فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11)

پوءِ الله انهن کي ان ڏينهن جي سختي کان بچائيندو ۽ انهن کي تازگي ۽ خوشي پهچائيندو.

وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12)

۽ انهن کي سندن صبر جي بدلي بهشت ۽ ريشمي لباس عطا ڪندو.

مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13)

اُهي ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا، نه اتي اُسَ جي گرمي ڏسندا ۽ نه سردي جي شدت.

وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14)

۽ ان باغ جون ڇائون انهن مٿان جھُڪندڙ هونديون ۽ ان جي ميون جا ڇُڳا پوري طرح انهن جي وس ۾ هوندا.

وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15)

۽ انهن تي چاندي جي ٿانوَن ۽ انهن پيالن جا دور هلايا ويندا جيڪي شيشي جا هوندا.

قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16)

شيشا به اهي جيڪي چانديءَ جي قسم مان هوندا، جن کي انهن (پيارڻ وارن) ٺيڪ ٺيڪ انداز سان ڀريو هوندو.

وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17)

۽ انهن کي اتي اُهي پيالا پياريا ويندا جن ۾ زنجبيل (يعني سُنڍ) ملايل هوندي.

عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18)

ان (جنت) ۾ (زنجبيل) هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو ويو آهي.

وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19)

۽ انهن جي چوڌاري اُهي نوعمر ڇوڪرا گهمندڙ هوندا جيڪي هميشه ان حال ۾ رهڻ وارا هوندا، جڏهن تون انهن کي ڏسندين ته انهن کي پکڙيل سچا موتي سمجهندين.

وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20)

۽ جڏهن ۽ جيڏانهن به تون نهاريندين ته سراسر نعمتون ۽ عظيم الشان بادشاهي ڏسندين.

عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21)

انهن جي جسمن تي سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ٿُلهي ريشم جا ڪپڙا هوندا ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ زيور طور پارايا ويندا ۽ سندن پالڻهار کين پاڪيزه شراب پياريندو.

إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22)

(چيو ويندو) ”بيشڪ هي توهان جو صلو آهي ۽ توهان جي محنت قبول ٿي چُڪي آهي.

إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23)

بيشڪ اسان تو تي قرآن ٿورو ٿورو ڪري لاٿو آهي.

فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24)

پوءِ تون صبر ڪر پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي خاطر ۽ انهن مان ڪنهن به بدڪار يا ڪافر جو چيو نه مڃ.

وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25)

پنهنجي پالڻهار جي نالي کي صبح ۽ شام ياد ڪر.

وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26)

۽ رات جو ڪجهه وقت ان جي سامهون سجدا ڪر، ۽ رات جي ڊگهي حصي ۾ ان جي پاڪائي بيان ڪندو رهه.

إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27)

بيشڪ اهي جلدي ملڻ واري (دنيا) کي چاهن ٿا ۽ پنهنجي پويان هڪ وڏي ڳري ڏينهن کي ڇڏي ڏين ٿا.

نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28)

اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ انهن جي سَنڌ سَنڌ کي مضبوط ڪيو آهي، ۽ اسان جڏهن به گهرنداسين ته انهن جون شڪليون بدلائي ڇڏينداسين.

إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29)

بيشڪ هي (قرآن) هڪ نصيحت آهي، پوءِ جيڪو چاهي پنهنجي پالڻهار طرف رستو اختيار ڪري.

وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30)

۽ توهان جي چاهڻ سان ڪجھه نه ٿو ٿئي سواءِ ان جي جيڪي الله چاهي. بيشڪ الله ڄاڻڻ وارو حڪمت وارو آهي.

يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31)

اُهو جنهن کي چاهي ٿو پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ ظالمن لاءِ ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025