هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) |
بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي، جنهن ۾ هو ڪابه اهڙي شئ نه هو جنهن جي ڳالهه ڳڻي وڃي. |
إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) |
بيشڪ اسان انسان کي (مرد ۽ عورت جي) گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو (۽ ماءُ جي پيٽ ۾ اهڙيءَ طرح صلاحيتن سان ان کي ٺاهيو) جو (اڳتي هلي) ان کي آزمائش ۾ آڻيون. پوءِ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون. |
إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) |
بيشڪ اسان (ان سوچ ۽ سمجهه جي قابل) انسان کي (وحي وارو) هدايت جو رستو ڏيکاريو، پوءِ هو شڪر ڪندڙ بڻجي يا انڪار ڪندڙ. |
إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) |
بيشڪ اسان انڪار ڪندڙن لاءِ زنجير، ڳچيءَ جو ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي. |
إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) |
بيشڪ نيڪ بخت اهڙي (مشروب جي)پيالي مان پيئندا جنهن ۾ ملاوٽ ڪافور جي ٿيندي. |
عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) |
(اهو ڪافور) جيڪو هڪ چشمو آهي، جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا. |
يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) |
اهي (ماڻهو دنيا ۾ الله جي جي اطاعت بابت کنيل ذميواريءَ جي) باس کي پورو ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي بڇڙائي پکڙيل هوندي. |
وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) |
۽ سندس محبت وچان مسڪين، يتيم ۽ قيديءَ (جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا ۽ انهن) کي کاڌو کارائين ٿا. |
إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) |
(۽ چون ٿا ته) اسين اوهان (تي ڪوبه احسان نٿا ڪريون.) رڳو الله جي رضامندي لاءِ کاڌو کارايون ٿا. |
إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) |
بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ جي طرفان (ذري ذري جو حساب ڪتاب ڏيڻ واري) هڪ ڏکئي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا. |
فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) |
پوءِ (ان عمل جي نتيجي ۾) الله انهن کي ان (ڏينهن) جي بڇڙائيءَ (۽ هلاڪت) کان بچايو، ۽ انهن کي تازگيء ۽ خوشي پهچايائين. |
وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) |
۽ سندن ثابت قدميءَ جي ڪري انهن کي باغ ۽ ريشم بدلي ۾ ڏنائين. |
مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) |
ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويهندا. نه ان ۾ (سج جي گرمائيندڙ) اس ۽ نه سخت (ڏڪائيندڙ) سردي ڏسندا. |
وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) |
۽ ان باغ جون ڇانئون (شاخون) مٿن ويجهيون (جهڪيل) هونديون ۽ ان جا ميوا چڱيءَ طرح لٽڪايا ويا هوندا. (مطلب ته راحت جي ڪابه شئ سندن گرفت کان ٻاهر نه هوندي). |
وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) |
۽ وٽن چانديءَ جي ٿانون اهڙن پيالن سان (خادمن جي) اچ وڃ ٿيندي جيڪي شيشي جا هوندا. |
قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) |
(پر اهو) شيشو چانديءَ جهڙو (چمڪندڙ) هوندو. جن کي (پورو) اندازو ڪري بنايو ويو هوندو. |
وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) |
۽ ان ۾ کين اهڙو پيالو پيارو ويندو جنهن ۾ ملاوت سنڍ (چشمي) جي هوندي. |
عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) |
جو ان ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو وڃي ٿو. |
وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) |
۽ هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا (خادم سندن خدمت لاءِ) وٽن پيا ايندا ويندا. (اي ڏسندڙ) جڏهن تون کين ڏسندين ته انهن کي پکڙيل موتي خيال ڪندين. |
وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) |
۽ جڏهن اتي ڏسندين (۽ جيڏانهن به نظر ڦيرائي ڏسندين) ته نعمت ۽ وڏي بادشاهي ڏسندين. |
عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) |
مٿن سنهي ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ريشم جا ٿلها ڪپڙا هوندا. ۽ انهن کي (اميري شان سان) چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا، ۽ سندن پاليندڙ کين تمام پاڪ پيئڻ جون شيون پياريندو. |
إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) |
(کين چيو ويندو ته) بيشڪ اهو اوهان (جي پنهنجي نيڪ عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش (ڏسو ته ڪيئن نه) قبول ڪيل آهي. |
إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) |
بيشڪ اسان توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي. (ته جيئن ان تي گڏوگڏ عمل به ٿيندو رهي). |
فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) |
پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم تي ثابت قدم رهه ۽ انهن مان ڪنهن به (اهڙي) ڏوهي يا ڪافر جو چيو ٽاري ڇڏ (جنهن جومقصد توکي ان رستي تان ٿڙڪائڻ آهي). |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) |
۽ (ان کان بچڻ جو طريقو هي آهي ته تون) پنهنجي پاليندڙ جو نالو صبح ۽ سانجهي ياد ڪر. |
وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) |
۽ ڪجهه وقت رات جو ان کي سجدو ڪر ۽ گهڻي رات سندس پاڪائي ۽ عظمت بيان ڪندو رهه. |
إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) |
(جيڪي ماڻهو تنهنجا مخالف آهن) بيشڪ اهي جلد ملڻ واري (مفاد واري) شئ کي پسند ڪن ٿا ۽ بيحد ڳوري (حساب ڪتاب واري) ڏينهن کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا. |
نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) |
(اهي پنهنجي طاقت تي آڪڙجن ٿا حالانڪ) اسان ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن سنڌ مضبوط ڪيا آهن ۽ (اهي اسان جي قانونن جي مخالفت ۾ حد ٽپي ويا ته پوءِ) جڏهن اسين گهرنداسون ته (کين برباد ڪري) انهن جهڙا ٻيا بدلي ۾ آڻينداسين. |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) |
بيشڪ هيءَ (هڪ چٽي حقيقت ۽) نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري ته (ان مان عبرت حاصل ڪري) پنهنجي پاليندڙ ڏي ويندڙ رستو وٺي. |
وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) |
۽ اوهين الله جي گهر کان سواءِ (ان ڏي ويندڙ رستي وٺڻ جو) ارادو ڪري نٿا سگهو، ڇو ته الله (اوهان جي دلين جي سچائي متعلق سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) |
جنهن کي وڻيس (ته سندس دل جو حضور قبول ڪري) ان کي پنهجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو ۽ (جيڪو الله جي قانونن مڃڻ ۾ اٽڪل بازيءَ جي زيادتي ڪري ٿو ته اهڙن) لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس. |