| هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) | 
| 
			 بيشڪ انسان تي هڪ اهو وقت گذريو جو (ان دوران) سندس نالو ئي مذڪور نه هو  | 
			
			
				
| إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) | 
| 
			 بيشڪ اسان انسان کي هڪ گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو (ان لاءِ ته) اسين ان کي آزمايون پوءِ اسان ان کي سَمِيع (ٻڌندڙ ۽) بَصِير (ڏسندڙ) ڪيو  | 
			
			
				
| إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) | 
| 
			 بيشڪ اسان ان کي واٽ ڏيکاري يا اهو شاڪر (مؤمن) ٿيو يا اهو ناشڪر (ڪافر) ٿيو  | 
			
			
				
| إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) | 
| 
			 بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجيرون، ڳرٽ ۽ ٻرندڙ باه تيار ڪئي  | 
			
			
				
| إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) | 
| 
			 ۽ بيشڪ نيڪ ٻانهان هڪ پيالو پيئندا جنهن جو ذائقو ڪافور جو هوندو  | 
			
			
				
| عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) | 
| 
			 (بهشت ۾) ڪافور جو هڪ چشمون هوندو جو ان مان الله تعالى جا مقرب بندا پيئندا، پنهنجي محلن ۾ جتي چاهيندا اُتي اُن جو پاڻي وهائي پهچائيندا  | 
			
			
				
| يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) | 
| 
			 اهي پنهنجا نذر پورا ڪن ٿا ۽ اهي ان ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جو شر گھڻو پکڙيل هوندو  | 
			
			
				
| وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) | 
| 
			 ۽ اهي مسڪينن ۽ يتيمن ۽ قيدين کي پنهنجي محبت سان طعام کارائن ٿا  | 
			
			
				
| إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) | 
| 
			 (اهي چون ٿا) اسين توهان کي خدا ڪارڻ کارايون ٿا، اسين توهان کان ان جي جزا ۽ شڪرگذاري نٿا چاهيون  | 
			
			
				
| إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) | 
| 
			 بيشڪ اسين پنهنجي رب کان اُن ڏينهن جو خوف ڪريون ٿا جيڪو سخت (۽) بيحد سخت هوندو  | 
			
			
				
| فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) | 
| 
			 پوءِ الله تعالى انهن کي ان ڏينهن جي شر کان بچايو ۽ انهن کي تازگي ۽ سُرور عطا ڪيو  | 
			
			
				
| وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) | 
| 
			 ۽ کين سندن صبر جي ڪري جنت ۽ ريشمي لباس مليو  | 
			
			
				
| مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) | 
| 
			 اهي بهشت ۾ تختن کي ٽيڪون ڏيئي ويهندڙ هوندا، ان ۾ سخت گرمي ۽ سخت سردي کي نه ڏسندا  | 
			
			
				
| وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) | 
| 
			 انهن کي بهشتي وڻن جا سايا قريب هوندا ۽ انهن جا ميوا بيحد آساني سان حاصل ڪري سگھندا  | 
			
			
				
| وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) | 
| 
			 ۽ انهن جي خدمت ۾ چانديءَ جا ٿانو ۽ مگ پيش ڪيا ويندا جيڪي شيشي جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا  | 
			
			
				
| قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) | 
| 
			 اُهي هوندا چانديءَ جا پر شيشي وانگر شفاف هوندا. انهن کي پوري اندازي سان پيش ڪندا  | 
			
			
				
| وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) | 
| 
			 بهشت ۾ اهو جام پياريندا جو ان جو ذائقو ادرڪ جهڙو هوندو  | 
			
			
				
| عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) | 
| 
			 ان ۾ هڪ چشمون ادرڪ جو آهي جنهنجو نالو سلسبيل رکيو ويو آهي  | 
			
			
				
| وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) | 
| 
			 انهن جي خدمت لاءِ ڇوڪرا هوندا جن کي فنا نه هوندو، جنهن وقت توهان انهن کي ڏسندا ته توهان انهن کي پکڙيل موتي ڀانئيندا  | 
			
			
				
| وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) | 
| 
			 ۽ بهشت ۾ تون (اي مخاطب) ان وقت چوڌاري گھڻيون نعمتون ۽ شاهي مُلڪ ڏسندين  | 
			
			
				
| عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) | 
| 
			 انهن جي بدنن تي (موسم مطابق) باري ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ٿلهي ريشم جا ڪپڙا هوندا، ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا. ۽ انهن کي سندن رب شراباً طهورا پياريندو  | 
			
			
				
| إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) | 
| 
			 بيشڪ هي توهان لاءِ بهترين جزا آهي ۽ توهان جو سعيو قبول پيو  | 
			
			
				
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) | 
| 
			 بيشڪ تحقيق اسان توهان تي قرآن ڪريم ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو  | 
			
			
				
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) | 
| 
			 پوءِ توهان پنهنجي رب جي حڪم مطابق صبر ڪريو، ۽ توهان انهن مان ڪنهن گنهگار ۽ ناشڪر ڏانهن ڌيان نه ڏيو  | 
			
			
				
| وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) | 
| 
			 ۽ توهان پنهنجي رب جو نالو صبح ۽ شام وٺو  | 
			
			
				
| وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) | 
| 
			 ۽ رات ۾ ان کي سجدو ڪريو ۽ ڊگھي رات تائين توهان ان جي تسبيح پڙهو  | 
			
			
				
| إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) | 
| 
			 بيشڪ اهي (ڪافر) دنيا سان محبت رکن ٿا ۽ ان ڳري ڏينهن (قيامت) کي ڇڏين ٿا جيڪو پويان آهي  | 
			
			
				
| نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) | 
| 
			 اسان انهن کي پيدا ڪيو ۽ اسان انهن جا سَنڌ مضبوط بنايا، ۽ جنهن وقت اسين چاهينداسين ته انهن جهڙا ٻيا تبديل ڪنداسين  | 
			
			
				
| إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) | 
| 
			 بيشڪ هيءُ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو چاهي اهو پنهنجي رب ڏانهن صحيح راه اختيار ڪري  | 
			
			
				
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) | 
| 
			 ۽ توهان نٿا چاهيو مگر جيڪو الله چاهي ٿو، بيشڪ الله تعالى علم و حڪمت وارو آهي  | 
			
			
				
| يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) | 
| 
			 اهو جنهنکي چاهي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو، ۽ الله تعالى، ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي  |