هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) |
ڪڏهن انسان تي زماني جو هڪ اهڙو به وقت لنگهي چڪو آهي، جڏهن هو ڪا يادگيريءَ هيٺ ايندڙ چيز ئي نه هو. |
إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) |
بيشڪ، اسان انسان کي هڪڙي گڏيل ڦڙي مان پيدا ڪيو، ته ان کي پرکيون، پوءِ کيس ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ بنايوسون. |
إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) |
بيشڪ اسان هن کي سنئين واٽ ڏيکاري، هاڻ شڪر ڪري يا ڪفر ڪري (سندس مرضي). |
إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) |
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير، ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار رکي آهي. |
إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) |
۽ نيڪ ٻانها، اهڙي پيالي مان پيئندا، جنهن ۾ ڪافور جي ملاوٽ هوندي. |
عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) |
اهو هڪ چشمو آهي، جنهن مان الله جا ٻانها پيئندا ۽ کيس چڱيءَ طرح وهائيندا. |
يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) |
اهي نيڪ ٻانها نذر پورا ڪندا آهن ۽ انهي ڏينهن کان ڊڄندا آهن، جنهن جي تڪليف ظاهر هوندي. |
وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) |
۽ هو پاڻ کي ضرورت هوندي به کاڌو مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آهن. |
إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) |
۽ چوندا آهن ته ”اسين اوهان کي فقط الله ڪارڻ کارايون ٿا، اسان کي نڪو اوهان کان عيوض گهرجي، نڪو شڪرانو. |
إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) |
بيشڪ اسين اسان جي ڌڻيءَ کان ڏکئي ڏينهن کان ڊڄون ٿا، جو تمام سخت آهي.“ |
فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) |
پوءِ الله کين انهي ڏينهن جي تڪليف کان ڇڏايو ۽ کين تازگي ۽ خوشي پهچائي. |
وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) |
۽ سندن صبر ڪرڻ جي بدلي کين باغ ۽ ريشم ڏنائين_ |
مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) |
انهي باغ ۾ تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا، اتي نڪا اس ڏسندا نڪو پارو. |
وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) |
۽ انهي باغ جي ڇانوَ مٿن ويجهي ٿيل هوندي ۽ اُنهي جا ميوا به چڱيءَ طرح ويجها ڪبا. |
وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) |
هنن وٽ چانديءَ جي انهن ٿانون ۽ پيالن جي اچ وڃ پيئي ٿيندي، جي شيشن جا هوندا. |
قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) |
۽ شيشا به چانديءَ جا، جن کي انهن پوري انداز سان ٺهرايو آهي. |
وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) |
اتي کين اهي پيالا پياربا، جن ۾ ”سنڍ“ جي ملاوٽ هوندي. |
عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) |
اهو اتي هڪ چشمو آهي، جنهن کي ”سلسبيل“ سڏبو آهي. |
وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) |
۽ وٽن هميشه رهندڙ ڇوڪرا پيا اچ وڃ ڪندا، جن کي جڏهن ڏسندين، ته کين پکڙيل موتي پيو سمجهندين. |
وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) |
۽ جڏهن نهاريندين ته اتي نعمت ۽ وڏي بادشاهي پيو ڏسندين. |
عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) |
هنن کي سائي ريشم جا سنها ۽ ٿلها ريشمي ڪپڙا پهريل هوندا ۽ کين چانديءَ جا ڪنگڻ پارائبا_ ۽ سندن ڌڻي کين پاڪ پاڻي پياريندو. |
إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) |
بيشڪ، اهو اوهان جي ڪمن جو بدلو آهي ۽ اوهان جون ڪوششون قبول پيون. |
إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) |
بيشڪ، اسان توتي قرآن آهستي آهستي لاٿو. |
فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) |
پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم اچڻ تائين صبر ڪر ۽ انهن مان ڪنهن به بدڪار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ. |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) |
۽ سندءِ ڌڻيءَ جو نالو صبح شام ياد ڪر. |
وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) |
ڪجهه رات ۾ هن لاءِ سجدو ڪر ۽ گهڻي رات سندس پاڪائي بيان ڪر. |
إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) |
بيشڪ اهي جلدي پيش ٿيڻ واري دنيا سان پيار ڪندا آهن ۽ ڳري ڏينهن کي سندن پوئتان اڇلائي ڇڏيندا آهن. |
نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) |
اسان هنن کي خلقيو ۽ سندن سَنڌ مضبوط ڪيا ۽ جڏهن به چاهيون ته سندن جهڙا ٻيا مَٽائي آڻيون. |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) |
هيءَ ته آهي نصيحت، پوءِ جنهن کي وڻي، سو پنهنجي ڌڻيءَ ڏانهن واٽ وٺي. |
وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) |
اوهين اهو ئي گهري سگهندؤ، جيڪي الله گهرندو_ بيشڪ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) |
هو جنهن کي گهري، ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس. |