القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الدَّھۡرِ  مَدَنِیَّۃٌ آيتون : 31


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1)

تحقيق آيو انسان تي ڪو وقت زماني مان جو نه هو شيءِ ذڪر ڪيل .

إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2)

بيشڪ اسان پيدا ڪيو انسان کي منيءَ جي ڦڙي گڏيل مان آزمايون پيا ان کي پوءِ ڪيو اسان ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ .

إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3)

تحقيق ڏيکاري اسان ان کي واٽ يا شڪر ڪندڙ هجي ۽ يا بي شڪر .

إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4)

بيشڪ اسان تيار ڪيو ڪافرن جي لاءِ زنجير ۽ ڳـچيءَ وارا ڳٽ ۽ ڀڙڪندڙ باهه .

إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5)

بلاشڪ نيڪو ڪار پيئندا پيالي مان هوندو ملاوت ان ۾ ڪافور .

عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6)

چشمو جو پيئندا ان مان الله جا ٻانها وهائي هلندا ان کي وهائڻ .

يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7)

وفا ڪن ٿا نذر جي ۽ ڊڄن ٿا ان ڏينهن کان جو هوندي برائي ان جي پکڙيل .

وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8)

۽ کارائن ٿا کاڌو ان جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي .

إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9)

اسين ته اوهان کي کاڌو کارايون ٿا صرف الله جي لاءِ نه ٿا ارادو ڪيون اوهان مان بدلي جو ۽ نه شڪريه ادا ڪرڻ جو .

إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10)

بيشڪ اسين خوف رکون ٿا پنهنجي رب کان ڏينهن، کٽو منهن ڪندڙ نهايت سخت جو .

فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11)

پوءِ بچايو انهن کي الله ان ڏينهن جي شر کان ۽ ڏنائين انهن کي تازگي ۽ خوشي .

وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12)

۽ بدلو ڏنائين انهن کي ان جي ڪري جو صبر ڪيائون بهشت ۽ ريشم سان .

مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13)

ٽيڪ ڏيندڙ انهن ۾ تختن تي هوندا نه ڏسندا ان ۾ سج جي گرمي ۽ نه گهڻي ٿڌڪار .

وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14)

۽ ويجهيون ٿيندڙ هونديون انهن تي ڇانئون انهن جون ۽ ويجها ڪيا ويندا انهن جا ميوا ويجهو ڪرڻ .

وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15)

۽ ڦيرايا ويندا انهن تي ٿانوَ چانديءَ جا ۽ پيالا هوندا شيشي جا .

قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16)

چانديءَ جا جو اندازو لڳايو هوندائون ان جو پورو پورو .

وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17)

۽ پياريا ويندا ان ۾ پيالا جو هوندي ملاوت انهن جي سنڍ .

عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18)

چشمہ ان ۾ جو نالو رکيو ويو آهي سلسبيل .

وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19)

۽ ڦرندا انهن تي ڇوڪرا، هميشہ رهايل جڏهن ڏسندين انهن کي ته ڀائيندين انهن کي موتي کنڊڙيل .

وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20)

۽ جڏهن ڏسندين اتي ته ڏسندين نعمتون ۽ بادشاهي وڏي .

عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21)

انهن جي مٿان ڪپڙا ريشم جا ساوا ۽ ٿلهي ريشم جا ۽ پارايا ويندا ڪنگڻ چانديءَ جا ۽ پياريندو انهن کي انهن جو رب پاڻي پاڪ .

إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22)

بلاشڪ هي آهي اوهان جو بدلو ۽ آهي محنت اوهان جي قدر ڪيل .

إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23)

بلاشڪ اسان لاٿو توتي قرآن درجي به درجي .

فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24)

پوءِ صبر ڪر پنهنجي رب جي حڪم لاءِ ۽ نه تابعداري ڪر انهن مان گنهگار يا بي شڪر جي .

وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25)

۽ ياد ڪر پنهنجي رب جو نالو صبح ۽ شام .

وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26)

۽ رات جو پوءِ ان لاءِ سجدو ڪر ۽ تسبيح پڙهه ان جي گهڻي رات .

إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27)

بيشڪ هي محبت رکن ٿا دنيا سان ۽ ڇڏي ڏين ٿا پنهنجي پويان ڏينهن ڳرو .

نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28)

اسان پيدا ڪيو انهن کي ۽ مضبوط ڪياسون سنڌ انهن جا ۽ جڏهن گهرنداسون ته مٽائي آڻينداسون انهن جهڙا مٽائي آڻڻ .

إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29)

تحقيق هيءَ نصيحت آهي پوءِ جيڪو گهري ته وٺي پنهنجي رب ڏانهن رستو .

وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30)

۽ نه ٿا گهرون اوهان مگر هي جو گهري الله بلاشڪ الله آهي ڄاڻندڙ حڪمت وارو .

يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31)

داخل ڪري ٿو جنهن کي گهري پنهنجي رحمت ۾ ۽ ظالم تيار ڪيائين انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ .ع


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025