| هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) |
|
ڇا انسان جي مٿان زماني جو ڪو اهڙو وقت ٿي گذريو آهي، جنھن ۾ هو ياد رکڻ جي قابل ڪا شيءِ ئي نه هو؟ |
| إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) |
|
(ڇونه!) بيشڪ اسان انسان کي کيس پرکڻ لاءِ گڏيل سڏيل نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ اسان ان کي ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ڪري پيدا ڪيو. |
| إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) |
|
بيشڪ اسان کيس رستو ٻڌائي ڇڏيو آهي. هاڻي هُو شڪرگذار (ٻانهو) بڻجي يا ناشڪرو. |
| إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) |
|
اسان ڪافرن جي لاءِ زنجيرون، رسا ۽ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي. |
| إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) |
|
بيشڪ نيڪوڪار ماڻهو شراب جا اهڙا پيالا پيئندا جنھن ۾ ڪافور ملايل هوندو. |
| عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) |
|
هي هڪ چشمو آهي جنھن مان الله تعالى جا (جنتي) ٻانها پيئندا ۽ هو جتي به چاهيندا ته ان کي ناليون (۽ ڪينال) ٺاهي وهائي ويندا. |
| يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) |
|
اهي ئي ماڻهو (دنيا ۾) باسيل باس پوري ڪن ٿا ۽ ان ڏينھن کان ڊڄن ٿا جنھن ڏينھن هر طرف مصيبت ئي مصيبت پکڙيل هوندي. |
| وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) |
|
هي ماڻهو ته الله تعالى سان محبت خاطر مسڪينن، يتيمن ۽ قيدين کي کاڌو کارائيندا آهن. |
| إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) |
|
(۽ چوندا آهن ته) بيشڪ اسان توهان کي الله تعالى جي (رضا) خاطر کارائي رهيا آهيون. اسان کي توهان جي طرفان ڪوبه بدلو ۽ نه ئي ڪو شڪرگذاري جو اظھار کپي. |
| إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) |
|
اسان ته بس پنھنجي پالڻھار جي ان ڏينھن جي عذاب کان ڊڄون ٿا جيڪو تمام ڏکيو ۽ تمام سخت هوندو. |
| فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) |
|
پوءِ الله تعالى انهن کي ان ڏينھن جي تڪليف کان بچائيندو ۽ کين تازگي ۽ خوشي بخشيندو. |
| وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) |
|
۽ انهن کي صبر جي بدلي ۾ جنت ۽ ريشمي لباس عطا ڪندو. |
| مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) |
|
اُهي جنت ۾ تختن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا ۽ اُتي کين نه اُس جي تپش تپائيندي ۽ نه ٿڌ جي ڏڪڻي وٺندي. |
| وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) |
|
انهن جي مٿان باغ جي وڻن جي ڇانو ويجهو ٿيل هوندي ۽ ان جا ميوا به تمام ويجها لٽڪيل هوندا. |
| وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) |
|
انهن لاءِ (کائڻ پيئڻ جي شين سان ڀريل) چانديءَ جا اهڙا ٿانو ۽ پيالا ايندا رهندا جيڪي شيشي وانگر جرڪندڙ هوندا. |
| قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) |
|
شيشو به اهڙو جيڪو چانديءَ جو قسم هوندو ۽ ٿانوَ به مناسب انداز ۾ (شين سان) ڀريل هوندا. |
| وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) |
|
۽ ان ۾ انهن کي اهڙو ته شراب پياريو ويندو جنھن ۾ سُنڍ (يعني اَدرڪ) جي هلڪي خوشبو مليل هوندي. |
| عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) |
|
ان ۾ (ان شراب جو) هڪ چشمو هوندو جنھن کي سلسبيل چيو وڃي ٿو. |
| وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) |
|
انهن وٽ سدائين هڪ ئي قد بت ۾ رهڻ وارن ڇوڪرن جو (خدمت لاءِ) اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو. جڏهن توهان انهن کي ڏسندا ته ايئن لڳندو ڄڻ ته هُو کنڊڙيل موتي آهن. |
| وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) |
|
جڏهن جنتي هر طرف نظر ڪندا ته کين ايتريون ته نعمتون نظر اينديون ڄڻ ته اتي وڏي بادشاهي وارا ٺٺَ لڳا پيا آهن. |
| عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) |
|
انهن جنتين کي سنهي سائي پَٽ ۽ ٿلهي پَٽ جا ڪپڙا پاتل هوندا ۽ کين چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ سندن پالڻھار کين (خاص) پاڪيزهه شراب به پياريندو. |
| إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) |
|
(انهن کي چيو ويندو ته) بيشڪ هي سڀ ڪجهه توهان جي عملن جو بدلو آهي ۽ توهان جي ڪوشش جي قبوليت جو نتيجو آهي. |
| إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) |
|
بيشڪ اسان قرآن کي ٿورو ٿورو ڪري تنھنجي مٿان نازل ڪيو آهي. |
| فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) |
|
(اي نبيﷺ!) پنھنجي پالڻھار جو حڪم اچڻ تائين صبر ڪر ۽ انهن مان ڪنھن به گنهگار ۽ ڪافر جو چيو نه مَڃ. |
| وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) |
|
صبح ۽ شام پنھنجي پالڻھار جي نالي جو ذڪر ڪندو رهه. |
| وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) |
|
۽ رات جي وقت مان به ڪجهه حصو ان جي آڏو سجدو ڪندو رهه ۽ رات جي ڊگهي وقت ۾ ان جي تسبيح بيان ڪندو رهه. |
| إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) |
|
بيشڪ هي ماڻهو دنيا جي شين سان محبت رکن ٿا، ان جي پويان ايندڙ سخت ڏينھن کي نظرانداز ڪن ٿا. |
| نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) |
|
اسان ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان ئي انهن جي جسمن جا جوڙ مضبوط ڪيا آهن ۽ اسان جڏهن به چاهيون ته انهن جي شڪلين کي ئي ڦيرائي ڇڏيون. |
| إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) |
|
بيشڪ هي (قرآن) ته هڪ نصيحت آهي (سو هاڻي) جيڪو چاهي پنھنجي پالڻھار ڏانھن ويندڙ رستو وٺي. |
| وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) |
|
توهان جي چاهڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو جيستائين الله تعالى نه چاهي. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
| يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) |
|
هو جنھن کي چاهي پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪندو آهي ۽ هُن ظالمن جي لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. |