هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) |
ڇا اهڙو وقت به گذريو انسان تي ڊگهي زماني ۾ جڏهن هو ڪا شيءِ ئي نه هو ذڪر جي قابل |
إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) |
بيشڪ اسان پيدا ڪيو انسان کي هڪ نطفي گڏيل مان، ته جيئن امتحان وٺون سندس، ان لاءِ کيس ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارو ڪيوسين |
إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) |
بيشڪ کيس ڏيکاريوسين رستو، توڙي اهو شڪر ڪرڻ وارو ٿئي يا ڪفر ڪرڻ وارو |
إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) |
بيشڪ اسان تيار ڪيون آهن ڪافرن جي لاءِ زنجيرون ۽ ڳٽ ۽ ڀڙڪندڙ باهه |
إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) |
تحقيق نيڪ ماڻهو (جنت ۾) شراب جا اهڙا پيالا پيئندا جن ۾ ملاوٽ هوندي ڪافور جي پاڻي جي |
عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) |
اهو هڪ چشمو هوندو جنهن جي پاڻيءَ سان گڏ الله جا بندا شراب پيئندا (جتي گهرن) ان جون ناليون وهائيندا |
يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) |
(هي اهي شخص آهن) جيڪي (دنيا ۾) باس پوري ڪندا آهن ۽ ڊڄندا آهن ان ڏينهن کان جنهن ۾ آفت هر طرف پکڙيل هوندي |
وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) |
۽ کارائيندا آهن کاڌو الله جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي |
إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) |
(انهن کي چوندا) تحقيق اسان توهان کي کارايون پيا الله ڪارڻ، نٿا گهرون توهان کان ڪو بدلو ۽ ڪو ٿورو شڪر گذاريءَ جو |
إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) |
تحقيق اسان کي خوف آهي پنهنجي رب جو ان ڏينهن جي سخت مصيبت جي ڊگهي ڏينهن جو |
فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) |
سو بچائيندو الله کين ان ڏينهن جي شر (مصيبت) کان ۽ کين بخشيندو تازگي ۽ سرور |
وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) |
۽ عطا ڪندو سندن صبر جي بدلي کين جنت ۽ ريشمي لباس |
مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) |
ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا مٿانهن تختن کي، نه ستائيندي کين اُس جي گرمي ۽ نه ڪا سخت سردي |
وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) |
۽ بهشت جا پاڇا انهن تي جُهڪي ڇانوَ ڪري رهيا هوندا ۽ ان جا ميوا هر وقت سندن وس ۾ هوندا (جيئن آرام سان پٽي وٺن) |
وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) |
۽ انهن آڏو ڦيرايا ويندا ٿانوَ چانديءَ جا ۽ شيشي جا پيالا ڦيرايا ويندا |
قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) |
شيشا به چانديءَ جي قسم جا، انهن کي پورو ڀريو ويندو (بهشت جي ڪارڪنن هٿان) |
وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) |
۽ انهن کي اهڙي شراب جا جام پيارا ويندا جن ۾ ملاوٽ هوندي سُنڍ جي |
عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) |
اهو چشمو بهشت جو، ان کي چيو ويندو آهي سلسبيل |
وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) |
۽ ڊوڙندا هوندا سندن خدمت ۾ اهڙا ڇوڪرا جيڪي هميشه ڇوڪرا ئي رهندا، جڏهن انهن کي ڏسندين ته سمجهندين ته موتي آهن پکيڙيا ويا |
وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) |
۽ جيڏانهن به نظر ڊوڙائيندين ته ڏسندين وري وري نعمتون ئي نعمتون ۽ سلطنت جو وڏو ساز و سامان |
عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) |
انهن تي ڪپڙا سنهي پَٽ جا ساوا ۽ اطلس (ٿلهو ريشم) ۽ ديبا جا هوندا، ڪنگڻ چانديءَ جا پارايا ويندا ۽ انهن کي پياريندو سندن رب شراب نهايت پاڪيزه |
إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) |
بيشڪ اها آهي توهان جي جزا ۽ توهان جي ڪارگذاري جيڪا ٿي آهي قدر جوڳي |
إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) |
بيشڪ اسان (اي نبي!) نازل ڪيو آهي توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري |
فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) |
تنهن ڪري صبر ڪر پنهنجي پالڻهار جي حڪم تي، ۽ نه مڃ انهن مان ڪنهن بد عمل ۽ حق جي منڪر جي ڳالهه |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) |
۽ ياد ڪر نالو پنهنجي رب جو صبح ۽ شام |
وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) |
۽ ڪندو ڪر رات جو به سجدو ۽ سندس پاڪائي بيان ڪر انهيءَ ڊگهي وقت ۾ |
إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) |
بيشڪ اهي ماڻهو محبت ڪن ٿا جلد حاصل ٿيندڙ شيءِ (دنيا) سان، ۽ نظرانداز ڪن ٿا ان کي اڳتي جيڪو اچڻ وارو آهي ڏينهن ڳرو |
نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) |
اسان ئي کين پيدا ڪيو آهي ۽ پختا ڪيا سندن سَنڌ، ۽ جڏهن به اسين چاهيون بدلائي ڇڏيون سندن شڪليون (يا) ٻيا ماڻهو آڻيون |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) |
بيشڪ هي هڪ نصيحت آهي، پوءِ جنهن جي دل گهري سو وٺي پنهنجي رب جي راهه کي |
وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) |
۽ ڪجهه نه ٿيندو توهان جي گُهرڻ سان جيستائين پاڻ نه گهري الله، بيشڪ الله وڏو ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي |
يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) |
داخل ڪندو آهي جنهن کي چاهي پنهنجي رحمت ۾، ۽ ظالمن جي لاءِ تيار ڪري رکيو آهي عذاب تمام سخت |