لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
نه، مان قسم کڻان ٿو قيامت جي ڏينهن جو |
وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
۽ نه، مان قسم کڻان ٿو ملامت ڪندڙ نفس جو |
أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
ڀلا انسان ائين ٿو سمجهي ڇا ته اسان سندس هڏن کي ميڙي گڏ ڪري نه سگهنداسون؟ |
بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
ڇونه؟ اسان کي ته سندس آڱرين جا ســَـنـڌ به ٺيڪ نموني ٺاهي بيهارڻ جي طاقت آهي |
بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
پر انسان گهري اهو ٿو ته اڳتي به بڇڙا ڪم ڪندو رهي |
يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
پڇي ٿو ته "ڪڏهن ٿو اچي اهو قيامت جو ڏينهن؟" |
فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
پوءِ جڏهن اکيون ڦاٽي وينديون |
وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
۽ چنڊ بي نور ٿي ويندو |
وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
۽ سج ۽ چنڊ پاڻ ۾ ملائي هڪ ڪيا ويندا |
يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
ان وقت اهوئي انسان چوندو ته "ڪيڏانهن ڀڄان؟" |
كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
ڪڏهن به نه، اتي ڪابه پناهه جي جاءِ نه هوندي |
إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
انهيءَ ڏينهن ته تنهنجي رب جي آڏو ئي وڃي بيهڻو آهي |
يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
ان ڏينهن انسان کي سندس سڀ اڳيون پويون ڪيو ڄاڻايو ويندو |
بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
پر انسان ته پنهنجو پاڻ کي خوب ڄاڻي ٿو |
وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
کڻي هو ڪيترائي عذر پيش ڪري |
لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
اي نبي! انهيءَ وحيءَ کي جلدي ياد ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ زبان کي نه چورِ |
إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
ان کي ياد ڪرائڻ ۽ پڙهائڻ اسان تي آهي |
فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
سو جڏهن اسان ان کي پڙهي رهيا هجون ته تون ان جي پڙهجڻ کي ڌيان ڏيئي ٻڌندو رهه |
ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
پوءِ ان جو مطلب سمجهائڻ به اسان تي آهي |
كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
هرگز نه، اصل ڳالهه اها آهي ته توهان جلدي ملڻ واري شيءِ (دنيا) سان محبت ڪريو ٿا |
وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
۽ آخرت کي ڇڏي ڏيو ٿا |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
انهيءَ ڏينهن ڪي منهن ٻهڪندڙ هوندا |
إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
۽ پنهنجي رب ڏانهن ڏسي رهيا هوندا |
وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
۽ ڪي منهن انهيءَ ڏينهن ڀيلا هوندا |
تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
۽ سمجهي رهيا هوندا ته ساڻن چيلهه ڀڃندڙ سلوڪ ٿيڻ وارو آهي |
كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
ڪڏهن به نه، جڏهن ساهه اچي لڪيءَ وٽ پهچندو |
وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
۽ چيو ويندو ته آهي ڪو ٽوڻو ڦيڻو ڪرڻ وارو |
وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
۽ ماڻهو سمجهي ويندو ته اهو دنيا کان وڇوڙي جو وقت آهي |
وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
۽ پــِـني پـِـنيءَ سان لڳي ويندي |
إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
اهو وقت هوندو تنهنجي رب ڏانهن لاڏاڻي جو |
فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
پر اُن نڪي سچ ڪري مڃيو ۽ نه نماز پڙهيائين |
وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
پر رهندو ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺي ڏئي ويو |
ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
پوءِ سيٽبو پنهنجي گهروارن ڏانهن هليو |
أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
اها روش تو کي ئي جڳائي ٿي ۽ تو لاءِ ئي سهائيندي آهي |
ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
هائو اها روش تنهنجي ئي لائق آهي ۽ توکي ئي سونهي ٿي |
أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
ڇا انسان ائين کڻي سمجهيو آهي ته هو ائين ئي ڇيڪ ڇڏيو ويندو |
أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
ڇا هو منيءَ جو اهو ٽيپو نه هو، جيڪو (ماءُ جي رحم ۾) ڳاڙيو ويندو آهي؟ |
ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
پوءِ هو رت جو دِڳ بڻيو، پوءِ الله کيس جسم ڏنو ۽ لڱين سڱين ٺاهي ٺيڪ ڪيائينس |
فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
پوءِ منجهانئس مرد ۽ عورت جون ٻه جنسون بڻايائين |
أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
ڇا ان هستيءَ کي اها طاقت ناهي، جو هو مئن کي ٻيهر جيئرو ڪري ؟ |