لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
آءُ ڏينهن قيامت جو قسم کڻان ٿو، |
وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
۽ (برائي کان) ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم کڻان ٿو. |
أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسين سندس سڙيل هڏيون ڪڏهن به ڪين گڏ ڪنداسون؟ |
بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
ڇو نه! اسين ته سندس آڱرين جي ڏوڏن جي برابر ڪرڻ تي (به) قدرت رکندڙ آهيون. |
بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
پر انسان گهري ٿو ته پنهنجي اڳيان به (هميشه) بدڪاري ڪندو رهي. |
يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
پڇي ٿو ته قيامت جو ڪڏهن ٿيندو؟ |
فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
سو جڏهن اکيون ڦاٽي پونديون، |
وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
۽ چنڊ گرهبو، |
وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
۽ سج ۽ چنڊ گڏ ڪيا ويندا، |
يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
تڏهن انسان ان ڏينهن چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟ |
كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
نه! نه! ڪا پناھ جي جاءِ نه آهي. |
إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
تنهنجي پروردگار وٽ ئي ان ڏينهن ٺڪاڻو آهي. |
يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
ان ڏينهن انسان کي انهن ڪمن جي خبر ڏني ويندي جيڪي اڳي موڪليا هوندائين ۽ پٺتي ڇڏيا هوندائين. |
بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
پر انسان پاڻ تي هڪ ثابتي آهي، |
وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
جيتوڻيڪ پنهنجي (گناهن لاءِ) بهانا پيش پيو ڪري. |
لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
(اي رسول) پنهنجي زبان کي ان (قرآن پڙهڻ) سان جلدي نه هلائي! |
إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
ڇو ته ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهائڻ اسان جي ذمي آهي. |
فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
اسين ان کي (جبرئيل جي زباني) پڙهيائون ته تون به اهڙي طرح پڙهندو رھ! |
ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
پوءِ ان (جي مشڪلات) کي سمجائڻ به اسان جي ئي ذمي آهي. |
كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
ائين نه آهي پر (اي انسانو) حق ڳالھ هيءَ آهي جو اوهين ماڻهو دنيا کي (ته) دوست رکو ٿا. |
وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
پر آخرت کي ڇڏي ويٺا آهيو. |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
ان ڏينهن ڪي منهن تازا هوندا. |
إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
(۽) پنهنجي پروردگار (جي نعمت) کي ڏسندا هوندا. |
وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
۽ ڪيترائي منهن ان ڏينهن اداس هوندا. |
تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
ڀائيندا ته ساڻن ڪمر ٽوڙ معاملو ڪيو ويندو. |
كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
هرگز نه! جڏهن ساھ (بدن مان ڇڪجي) نڙگهٽ تي پهچندو، |
وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
۽ چيو ويندو ته ڪو ڦيڻو رکڻ وارو آهي؟ |
وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
۽ هو پاڻ ڀائيندو ته هاڻي (سڀ کان) جدائي آهي. |
وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
۽ (موت جي تڪليف ڪري) پنيءَ سان پني وچڙندي. |
إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
ان ڏينهن تو کي پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ هلڻو آهي. |
فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
پوءِ (خدا جي ڪلام کي) نه ته سچو سمجهيائين ۽ نه نماز پڙهيائين. |
وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
پر ڪوڙو ڪيائين ۽ (ان کان) موڙيائين. |
ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
وري پنهنجي گهروارن ڏي آڪڙ ڪري هليو. |
أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
افسوس آهي تو تي وري افسوس آهي. |
ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
وري تو تي افسوس پٺيان افسوس آهي. |
أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته ان کي ائين ئي ڇڏيو ويندو؟ |
أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
ڇا اهو (منڍ ۾) مني جو ڦڙو نه هو؟جنهن کي (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) وڌو ٿي ويو. |
ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
وري رت جو دڳ هو پوءِ کيس خدا بڻايو ۽ وري صحيح سالم ڪيائين. |
فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
وري ان مان ٻه جنس نر ۽ مادي بنايائين. |
أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
ڇا اهو مئلن کي جيئرو نه ٿو ڪري سگهي؟ |