لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
آئون شاهِد واريان، محشر جو ميدان، |
وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
آئون گُواھ گُذاريان، پاڻ پَلِيندڙ جان، |
أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
ڪافِر ڪِيئن قَلب ۾، ٿو غلط رکي گُمان، ته ميڙي نه سَگھون مُورهين، هَڏيون گُڏيون حيران؟ |
بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
پُورا پيرون اُن جا، تائـِين نُنهن نِشان، سَڀ آڱريون اِنسان، برابر بَنايون. |
بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
اُٽلو اڳتي آدمِي گُھري، ته گُناھ ڪَندو، |
يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
وَتِي وَرِي پُڇندو،ته ڪڏِهن ڏِينهن قِيام جو. |
فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
پوءِ جڏهن، اَک اَڇِي ٿئـِي ، |
وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
۽ وَرتو چَنڊ ويِو |
وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
۽ سِچ ۽ چَنڊ سَلهاڙيا، هِڪ سان، ٻَڌو ٻِيو، |
يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
اُن ڏِينهن اَڙِيل آدمِي، پُڇندو، پُڇندو پِيو، هِن باھ کان ڀَڄڻ جو، ڪِٿ ڪو ٿاڪ ٿيو؟ |
كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
چِٽو ڪِنهن چَيو، پَٽِين پَناھ ناھِ ڪو. |
إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
اُنهِئَ ڏاڍي ڏِينهن ۾، جِتي ڀَڄڻ ڀيڻيون بَند، سُک جو، هِڪ ئـِي هَنڌ، تُنهنجي پَروَر پاڪ ڏي. |
يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
اُنهِئَ ڏِينهن اِنسان کي، پَوندي خُوب خَبر، جو سَنباهِين سَمر، پڻ جو ڍيلر ڍيلي ڇَڏيو. |
بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
شاهِد پَنهنجو پاڻ تي، آهي اُٽلندو اِنسان، |
وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
۽ بهانا بيان، کڻِي ڪَري، ڪي به، ڪيترا. |
لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
اُن سان، اڳ ۾، چورمَ تون، ڄِڀ پَنهنجي کي ڄام! تان تَڪڙو ٿِي تمام، پَڙِهين هِن پَيغام کي. |
إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
آهي ڪَم اَسان جو، ميڙڻ سو مَذڪُور، پَڙهڻ پُورو اُن جو، زَبر زير ضَرُور، |
فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
پوءِ پَڙهيوسُونسِ، ته پوءِ تون هل حُڪم تي حُضور!، |
ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
اَسان مَٿي مُور، بار سَندسِ بَيان جو. |
كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
سِرهي ٿيو سُڄاڳ، مُوڙهل آهيو مُورِهين، دُنيا سان دِل رکو، جا مانجھاندي جو ماڳ، |
وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
۽ ڇَڏيو سَچو سُهاڳ، جَٽادار جَھان جو. |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
ڪي مُنهن مَحشر ڏِينهن ۾، ڪر کڙيا کٽڻهار، |
إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
ڪَنِ نيڻن سان نِهار، پَنهنجي پالڻهار ڏي. |
وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
۽ ڪي مُنهن مَحشر ڏِينهن ۾، ڪوجھا ڪوماڻا، |
تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
ڀانئن بيگانا، ڪَبِي ساڻنِ، ڪا وَڏِي. |
كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
هَرگز نه، جڏهن هِڪي ۾ اَچِي، سوڙهو ٿئي ساھ، |
وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
۽ اَتي لڳندِي آھِ!، ته ڪو مانڊو ويجھو مُلڪ ۾!. |
وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
۽ پاتئين برقرار، ته آيو ڏينهن ڏهاڳ جو، |
وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
بڪي، بڪي تان ويڙهبي، هيبت کان هيڪار، |
إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
تنهنجي پرور پار، ڪاهي هلندو، قافلو. |
فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
پوءِ نه وِسهيو ويسلو، ۽ نَه پَڙهيِن نِمازُون نُور، |
وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
۽ ڪُوڙيون ڪوٺئـِين ڳالهيون، ۽ مُنهن مَٽيائـِين مُور، |
ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
مَرڪندو مَغرور، وَرِي اُٿليو، سَندسِ عَيال ڏي. |
أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
هَي هَي ! تِنهنجي حال کي، ٻَر ٻَر! پوءِ ٻِيهار، |
ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
وَرِي هَي هَي! تِنهنجي حال کي پوءِ ووءِ ووءِ! ويرو تار!، |
أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
ماڻهو پَنهنجي مَن ۾، ڪِيئَن آڻي اِعتبار، ته بِنا ڪِنهن ڪم ڪار، ڇَڏيو وڃي ڇُڙ واڳ سو؟ |
أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
ڇا؟ هُئو نه ڦُڙو ڌات جو، جا جَھري وانگر جَر، |
ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
ٿيو موٽِي روڙو رَت جو، ساڳِي صُورت ڄَر، پوءِ گَھڙيائـِين گھاٽ کي، پوءِ پُورو ڪيو پَروَر، سَرکو سَڀَينِ اڱرين، سُهڻو سَربَسر، |
فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
پوءِ ڪَيائـِين نارِيون، نَر، ڦيري اُن ڦُڙي مَنجھان. |
أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
اُهو اِن ڳالھ مَٿي، قادر ناهي ڪِيئن؟ ته مُئا مُهنديِـين جِيئن، جِياري جَلَّ شَانَہٗ. |