القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡقِیٰمَۃِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 40


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1)

قيامت جي ڏينهن جو قسم کڻان ٿو.

وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2)

۽ (بڇڙي ڪم تي) ملامت ڪرڻ واري نفس جوقسم کڻان ٿو.

أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3)

ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسين سندس هڏيون ڪڏهن به ڪين گڏ ڪنداسون؟

بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4)

ڇو نه! اسين ته سندس آڱرين جي ڏوڏن کي برابر ڪرڻ تي قدرت رکندڙ آهيون.

بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5)

پر انسان گهري ٿو ته پنهنجي باقي حياتيءَ ۾ بدڪاري پيو ڪري.

يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6)

پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟

فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7)

سو جڏهن اکيون ڦاٽي پونديون

وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8)

۽ چنڊ گرهبو

وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9)

۽ سج ۽ چنڊ کي گڏ ڪيو ويندو

يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10)

تڏهن انسان ان ڏينهن چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟

كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11)

نه نه! ڪا پناهه جي جاءِ نه آهي

إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12)

تنهنجي پاليندڙ وٽ ئي ان ڏينهن ٺڪاڻو آهي.

يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13)

ان ڏينهن انسان کي انهن ڪمن جي خبر ڏني ويندي جيڪي اڳي موڪليا هوندائين ۽ پٺتي ڇڏيا هوندائين.

بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14)

پر انسان پاڻ تي پاڻ هڪ ثابتي آهي

وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15)

جيتوڻيڪ پنهنجا بهانا پيش پيو ڪري

لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16)

(اي رسولﷺ!) پنهنجيءَ زبان کي ان سان هن لاءِ نه چور ته اهو جلد ياد ڪري وٺين

إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17)

ڇو ته ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهڻ اسان جي ئي ذمي آهي.

فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18)

پوءِ جڏهن اسين قرآن پڙهون تڏهن تون قرآن جي پڙهڻ کي ٻڌندو رهه

ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19)

وري ان جو مطلب سمجهائڻ (به) اسان جي ئي ذمي آهي.

كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20)

ائين نه آهي پر اوهين جلد ملڻ واريءَ شيءِ کي پسند ڪريو ٿا

وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21)

۽ دير سان اچڻ واريءَ شيءِ کي ڇڏيو ٿا

وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22)

ڪي منهن ان ڏينهن تازا هوندا

إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23)

پنهنجي پاليندڙ ڏي ڏسندڙ هوندا

وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24)

۽ ڪي منهن ان ڏينهن بڇڙا هوندا

تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25)

ڀائيندا ته ساڻن پٺيءَ ٽوڙ معاملو ڪيو ويندو.

كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26)

هرگز نه! جڏهن (ساهه) نڙگهٽ تي پهچندو

وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27)

۽ چيو ويندو ته ڪو ڦيڻو رکڻ وارو آهي

وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28)

هو پاڻ ڀائيندو ته اها (دنيا کان) جدائي آهي

وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29)

۽ هڪ پِني ٻي پِنيءَ سان وچڙندي

إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30)

تڏهن ان ڏينهن تنهنجي پاليندڙ ڏي ئي (توکي) ڪاهي هلڻو آهي.

فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31)

پوءِ نه ته سچو سمجهيائين ۽ نڪي نماز پڙهيائين

وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32)

پر ڪوڙو ڪيائين ۽ منهن موڙيائين

ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33)

وري پنهنجي گهر وارن ڏي آڪڙجي هليو

أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34)

توتي افسوس جي پٺيان افسوس آهي

ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35)

وري توتي افسوس جي پٺيان افسوس آهي.

أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36)

ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته ان کي بيڪارڇڏيو ويندو؟

أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37)

ڇا اهو منيءَ جو ڦڙو نه هو جنهن کي (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ ) وڌو ٿي ويو.

ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38)

وري رت جو دڳ هو پوءِ (ان کي) پيدا ڪيائين

فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39)

پوءِ صحيح سالم ڪيائين، وري ان مان ٻه جنسون نر ۽ مادي بنايائين.

أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40)

ڇا اهو مئلن کي جيئرو نه ٿو ڪري سگهي؟


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025