| لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
|
آءٌ قسم ٿو کڻان اٿي بيهڻ واري ڏينهن جو. |
| وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
|
۽ آءٌ قسم کڻان ٿو ملامت ڪرڻ واري نفس جو. (ته قيامت ضرور ايندي) |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
|
ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسان ان جون هڏيون گڏ نه ڪري سگھنداسين؟ |
| بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
|
ڇو نه! اسان ته ان تي به قادر آهيون جو ان جي آڱرين جي جوڙن ۽ پورن کي (نئين سِر) برابر ڪيون. |
| بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
|
بلڪه انسان چاهي ٿو ته پنهنجي آئنده (واري زندگيءَ) ۾ به گناهه ڪندو رهي. |
| يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
|
پڇي ٿو ته: ”قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو“؟ |
| فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جڏهن اکيون کيريون ٿي پونديون. |
| وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
|
۽ چنڊ کي گرهڻ لڳي پوندو. |
| وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
|
۽ سج ۽ چنڊ گڏ ڪيا ويندا. |
| يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
|
ان ڏينهن انسان چوندو ته: ”ڀڄڻ جي جاءِ ڪهڙي آهي“؟ |
| كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
|
هرگز نه. ڪا پناهه جي جاءِ ناهي. |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
|
ان ڏينهن تنهنجي پالڻهار وٽ ئي قرار گاهه هوندي. |
| يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
|
ان ڏينهن انسان کي انهن ڪمن جي خبر ڏني ويندي جيڪي اڳتي موڪليائين ۽ (جيڪي آثار) پُٺتي ڇڏيائين. |
| بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
|
بلڪه انسان پاڻ ئي پنهنجي حال کي ڏسندڙ آهي. |
| وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
|
توڙي جو اُهو پنهنجا سڀ بهانا پيش ڪندو. |
| لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
|
(اي نبي!) تون ياد ڪرڻ جي جلدي ۾ قرآن سان گڏ پنهنجي زبان نه چور. |
| إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
|
بيشڪ ان جو (تنهنجي سيني ۾) گڏ ڪرڻ ۽ (تنهنجي زبان تي) پڙهائڻ اسان جي ذمي آهي. |
| فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
|
پوءِ جڏهن اسان ان کي (جبريل جي زباني) پڙهي رهيا هجون ته پوءِ تون ان پڙهيل جي پيروي ڪر. |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
|
پوءِ بيشڪ ان (جي اسرارن) کي کولي بيان ڪرڻ اسان جي ذمي آهي. |
| كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
|
ائين نه آهي، بلڪه توهان جلد ملڻ واري شيءِ (دنيا) پسند ڪيو ٿا. |
| وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
|
۽ توهان آخرت کي ڇڏيو ٿا. |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
|
ان ڏينهن ڪي چهرا ترو تازا هوندا. |
| إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
|
پنهنجي پروردگار ڏانهن ڏسندڙ هوندا. |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
|
۽ ان ڏينهن ڪي مُنهن (بد رونق ۽) اداس هوندا. |
| تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
|
سمجهندا هوندا ته انهن سان چيلهه ڀڃي ڇڏڻ وارو (سخت) معاملو ڪيو ويندو. |
| كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
|
نه نه! جڏهن ساهه نرگهٽ تي پهچندو. |
| وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
|
۽ چيو ويندو: ”آهي ڪو ..! ڦيڻي رکڻ وارو“. |
| وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
|
۽ سمجهندو ته اهو جدائي جو وقت آهي. |
| وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
|
۽ هڪ پِني ٻي پِنيءَ سان لڳي ويندي. |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
|
اڄ تنهنجي پالڻهار ڏانهن هلڻو آهي. |
| فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
|
پوءِ نه ته (دين کي) سچو سمجهيائين ۽ نه نماز پڙهيائين . |
| وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
|
۽ پر ڪوڙو سمجھيائين ۽ مُنهن موڙيائين. |
| ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
|
پوءِ پنهنجي گهروارن ڏانهن آڪڙجي هليو. |
| أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
|
تو تي افسوس جي پٺيان افسوس آهي. |
| ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
|
وري تو مٿان افسوس مٿان افسوس آهي. |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
|
ڇا انسان هي سمجهي ٿو ته ان کي بي ڪار (بنا حساب ڪتاب جي) ڇڏي ڏنو ويندو؟ |
| أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
|
ڇا اُهو منيءَ جو قطرو نه هيو جيڪو (عورت جي رحم ۾) ٽپڪايو وڃي ٿو؟ |
| ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
|
پوءِ رت جو دِڳُ هيو پوءِ (ان کي) خلقيائين پوءِ سنئين لڱين ڪيائين. |
| فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
|
پوءِ ان مان ٻه جنسون نر ۽ مادي بنايائين. |
| أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
|
ڇا اُهو ان تي طاقت نه ٿو رکي جو مُئلن کي وري جيئرو ڪري؟ |