| لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
|
مون کي قسم آهي قيامت جي ڏينهن جو |
| وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
|
۽ مون کي قسم آهي ان نفس جو جيڪو (پاڻ کي) گھڻي ملامت ڪندڙ آهي |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
|
ڇا انسان (ڪافر) ڀانئي ٿو ته اسين هرگز اُن جا هَڏا گڏ نه ڪنداسين |
| بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
|
ها ! اسين اُن جي آڱرين جي هڏين برابر ڪرڻ تي به قادر آهيون |
| بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
|
بلڪ انسان گناهن تي هميشگي ڪرڻ چاهي ٿو |
| يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
|
اهو سوال ڪري ٿو ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟ |
| فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جڏهن اک (خوف کان) حيران ٿيندي |
| وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
|
۽ چنڊ بي نور ٿيندو |
| وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
|
۽ سج ۽ چنڊ گڏ ڪيا ويندا |
| يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
|
ان ڏينهن انسان چوندو فرار ٿيڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟ |
| كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
|
خبردار ! ڪابه پناه جي جاءِ نه هوندي |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
|
ان ڏينهن توهان جي رب ڏانهن موٽڻ جي جاءِ هوندي |
| يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
|
ان ڏينهن انسان کي سندس اڳيان پويان عمل ٻڌايا ويندا |
| بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
|
بلڪ انسان پنهنجي نفس کي پاڻ چڱيءَ طرح ڏسندڙ آهي |
| وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
|
جيتوڻيڪ اهو پنهنجا عذر پيش ڪندو |
| لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
|
رسولِ عربي توهان پنهنجي مقدس زبان کي (وحي رباني جي تڪميل کان اڳ ۾) تڪڙ ڪري نه هلايو |
| إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
|
بيشڪ (اُن کي) توهان جي سيني ۾ جمع ڪرائڻ ۽ زبان سان قرائت ڪرائڻ جو ذمون اسان تي آهي |
| فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
|
پوءِ جڏهن اسين ان کي پڙهي مڪمل ڪريون پوءِ توهان اُن پڙهيل جي تابعداري ڪريو |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
|
ان کان پوءِ بيشڪ اسان جي ذمي ان جو بيان آهي |
| كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
|
خبردار! بلڪ توهان (ڪافر) دنيا سان محبت رکو ٿا |
| وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
|
۽ توهان آخرت کي ڇڏي ڏيو ٿا |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
|
ڪجھه چهرا قيامت جي ڏينهن خوبصورت ۽ تازا هوندا |
| إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
|
جيڪي پنهنجي رب جو ديدار ڪندڙ هوندا |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
|
۽ ڪجھه مُنهن ان ڏينهن بدصورت ۽ مايوس هوندا |
| تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
|
کين توقع هوندي ته مصيبتن جي ڪري سندن چيلهه ٽٽندي |
| كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
|
خبردار ! جنهن وقت ساهه نڙيءَ تي پهچندو |
| وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
|
۽ چيو ويندو، آهي ڪو ڦيڻو رکندڙ |
| وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
|
اهو يقين ڪندو ته بيشڪ اها جُدائي آهي |
| وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
|
۽ هڪ پِني ٻِي پِنيءَ سان مِلي ويندي |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
|
اُن ڏينهن (ان ماڻهو کي) توهان جي رب ڏانهن موٽڻ آهي |
| فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
|
پوءِ ان شخص نه سچ کي مڃو ۽ نه نماز پڙهي |
| وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
|
پر ان ڪوڙ سمجھو ۽ پُٺِ ڏني |
| ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
|
ان کان پوءِ آڪڙجي پنهنجن گھر وارن ڏانهن ويو |
| أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
|
تُنهنجي تباهي اچي پهتي |
| ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
|
ان کان پوءِ تُنهنجي تباهي اچي پهتي |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
|
ڇا اهو انسان ڀانئي ٿو ته ان کي آزاد ڇڏيو ويندو |
| أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
|
ڇا اهو (انسان) هڪ نطفو نه هو جيڪو اڇلايو ويو |
| ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
|
ان کان پوءِ اهو دِڳ ٿيو پوءِ ان ان کي پيدا ڪيو پوءِ ان کي درست ڪيو |
| فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
|
پوءِ انهيءَ مان ٻه قِسم مرد ۽ عورت پيدا ڪيا |
| أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
|
ڇا اهو مُئَلَ ماڻهن کي جياري نٿو؟ (يقيناً اهو قادر آهي) |