| لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
|
قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو. |
| وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
|
۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا). |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
|
ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون. |
| بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
|
ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون. |
| بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
|
بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري. |
| يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
|
پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟ |
| فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون. |
| وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
|
۽ چنڊ گرھبو. |
| وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
|
۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا. |
| يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
|
(تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟ |
| كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
|
نه نه! ڪا واھ ڪانھي. |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
|
تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي. |
| يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
|
اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين. |
| بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
|
بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي. |
| وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
|
توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري. |
| لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
|
(اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين. |
| إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
|
ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي. |
| فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
|
پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ. |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
|
وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي. |
| كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
|
نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو. |
| وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
|
۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو. |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
|
ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا. |
| إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
|
پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا. |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
|
۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا. |
| تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
|
ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ. |
| كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
|
نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو. |
| وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
|
۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي. |
| وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
|
۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو. |
| وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
|
۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي. |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
|
اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي. |
| فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
|
پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين. |
| وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
|
پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين. |
| ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
|
وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو. |
| أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
|
توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي. |
| ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
|
وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي. |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
|
ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو. |
| أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
|
(اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو. |
| ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
|
وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين. |
| فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
|
پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين. |
| أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
|
اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟ |