| لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
|
شاهد ٿو ڏيان قيامت جو ڏينهن. |
| وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
|
۽ شاهد ٿو ڏيان ڇينڀيندڙ دل! |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
|
ڇا، انسان ڀانئي ٿو، ته سندس هڏيون ڪڏهن به گڏ نه ڪنداسون؟ |
| بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
|
هائو! اسين ته سندس آڱرين جي سنڌن کي سڌو ڪرڻ جي به طاقت رکون ٿا. |
| بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
|
بلڪ انسان ته گهري ٿو، ته سندس ايندڙ عمر ۾ به خوب گناهه ڪري. |
| يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
|
پڇي ٿو ته ”ڀلا ڪڏهن ايندو قيامت جو ڏينهن؟“ |
| فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جڏهن اکيون ڦاٽنديون. |
| وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
|
چنڊ گرهبو، |
| وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
|
۽ سج چنڊ گڏ ٿيندا، |
| يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
|
ان ڏينهن انسان چوندو ته ”هاڻ ڪا آهي ڀڄڻ جي واهه؟“ |
| كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
|
هر گز نه_ ڪا به واهه ڪانهي. |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
|
ان ڏينهن رڳو تنهنجي ڌڻيءَ وٽ ئي ٺڪاڻو آهي. |
| يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
|
ان ڏينهن انسان کي سندس اڳ موڪليل ۽ پوئتي ڇڏيل جي خبر پوندي. |
| بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
|
بلڪه انسان ته پاڻ مٿي پاڻ ئي حجت آهي. |
| وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
|
پوءِ کڻي بهانا پيو ڪري! |
| لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
|
(اي رسول) تون (جبرائيل سان گڏ تڪڙ ڪرڻ لاءِ) زبان کي نه چور. |
| إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
|
بيشڪ، قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ پڙهائڻ اسان تي آهي. |
| فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
|
ان ڪري جڏهن اهو پڙهايون تڏهن سندس پڙهڻ موجب ان جي پٺيان پڙهه. |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
|
پوءِ ان جو پڌرو ڪرڻ اسان تي ئي آهي. |
| كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
|
(اي ڪافرو!) خبردار! اوهين دنيا کي پسند ٿا ڪريو، |
| وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
|
۽ آخرت کي ڇڏي ٿا ڏيو. |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
|
ان ڏينهن ڪي منهن خوش هوندا. |
| إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
|
سندس ڌڻيءَ ڏي ڏسندا هوندا. |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
|
۽ ڪي منهن ان ڏينهن دونهٽ ٿيل هوندا. |
| تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
|
جو سمجهندا ته ساڻن پٺيءَ ڀڃندو ڪم ٿيندو. |
| كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
|
خبردار! جنهن ڏينهن ساهه نڙيءَ تي پهچندو. |
| وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
|
۽ چئبو ته ”هاڻ ڪو آهي ڦيڻو رکندڙ؟“ |
| وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
|
۽ ڀائيندو ته هاڻي (دنيا کان) جدائي جو وقت اچي ويو. |
| وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
|
۽ هڪ پِني ٻيءَ سان وچڙندي. |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
|
ان ڏينهن تنهنجي ڌڻيءَ وٽ ئي هلڻو آهي. |
| فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
|
پوءِ (ڪافر) نڪي سچ سمجهيو، نڪي نماز پڙهيائين. |
| وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
|
پر ڪوڙ سمجهيائين ۽ منهن موڙيائين. |
| ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
|
پوءِ وري آڪڙ جي سندس گهر وارن ڏي هليو. |
| أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
|
(اي ڪافر!) شل تولاءِ خرابي هجي، وري به خرابي هجي. |
| ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
|
وري به ٿا چئون ته تولاءِ خرابي هجي ۽ وري به خرابي هجي. |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
|
ڇا، انسان سمجهي ٿو ته کيس ائين ئي ڇڏي ڏبو؟ |
| أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
|
ڇا، هو اهو اڇلجندڙ ڦڙو نه هو؟ جو (ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ويو. |
| ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
|
وري هو رت جو دڳ ٿيو، پوءِ ان کي بڻائي برابر پورو ڪيائين. |
| فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
|
پوءِ ان مان ٻه جنسون مرد ۽ عورت بنايائين_ |
| أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
|
ڇا، اهو الله انهي جي طاقت نٿو رکي، جو مئلن کي جيئاري؟ |