| لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
|
قسم کڻان ٿو مان قيامت جي ڏينهن جو . |
| وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
|
۽ قسم کڻان ٿو مان لوامہ نفس جو . |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
|
ڇا خيال ڪري ٿو انسان ته هرگز نه گڏ ڪنداسون هڏا ان جا . |
| بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
|
هائو قادر ٿيندڙ آهيون هن تي جو درست ڪيون ان جي آڱرين جي ڏوڏين کي . |
| بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
|
بلڪ ارادو ڪري ٿوانسان تانته برائي ڪندو رهي پنهنجي ايندڙ وقت ۾ به . |
| يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
|
پڇي ٿو ته ڪڏهن آهي قيامت جو ڏينهن . |
| فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جڏهن ڦاٽنديون اکيون . |
| وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
|
۽ وٺبو چنڊ . |
| وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
|
۽ گڏ ڪيو ويندو سج ۽ چنڊ . |
| يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
|
چوندو انسان ان ڏينهن تي ڪٿي آهي ڀڄڻ جي جاءِ . |
| كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
|
هرگز نه، ناهي ڪا پناهه . |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
|
تنهنجي رب ڏانهن ان ڏينهن قرار وٺڻ جي جاءِ آهي . |
| يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
|
خبر ڏنو ويندو انسان ان ڏينهن ان جي جيڪو اڳي ڪيائين ۽ پوءِ ڪيائين . |
| بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
|
بلڪ انسان پنهنجي نفس تي نگاهه رکندڙ آهي . |
| وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
|
جيتوڻيڪ آڻي رکيائين عذر پنهنجا . |
| لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
|
نه چور ان سان پنهنجي زبان تانته جلد (ياد) ڪرين . |
| إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
|
اهو بلاشڪ اسان جي ذمي تي آهي ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهڻ . |
| فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
|
پوءِ جڏهن ان کي پڙهون پوءِ ان جي پڙهڻ جي پويان لڳ . |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
|
ان کان پوءِ بلاشڪ اسان تي ان جو بيان آهي . |
| كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
|
هرگز نه بلڪ محبت رکو ٿا دنيا سان . |
| وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
|
۽ ڇڏيو ٿا آخرت کي . |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
|
ڪيترا منهن ان ڏينهن تازا هوندا . |
| إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
|
پنهنجي رب ڏانهن نهاريندڙ هوندا . |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
|
۽ ڪيترا منهن ان ڏينهن اداس هوندا . |
| تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
|
خيال ڪندا ته ڪيو ويندو انهن سان چيلهه ٽوڙيندڙ سلوڪ . |
| كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
|
هرگز نه جڏهن پهچندو ساهه نرگهٽ تائين . |
| وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
|
۽ چيوويندو ته ڪير آهي ڦيڻو رکڻ وارو؟ . |
| وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
|
۽ خيال ڪندو ته بيشڪ اها جدائي آهي . |
| وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
|
۽ وچڙندي (هڪ) پني (ٻيءَ) پنيءَ سان . |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
|
تنهنجي رب ڏانهن ان ڏينهن هلڻ آهي . |
| فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
|
پوءِ نه سچو چيائين ۽ نه نماز پڙهيائين . |
| وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
|
۽ پر ڪوڙو چيائين ۽ منهن موڙيائين . |
| ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
|
ان کان پوءِ پنهنجي اهل ڏانهن ويو آڪڙ ڪري پيو . |
| أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
|
هلاڪت آهي تولاءِ پوءِ هلاڪت آهي . |
| ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
|
ان کان پوءِ هلاڪت آهي تولاءِ پوءِ هلاڪت آهي . |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
|
ڇا خيال ڪري ٿو انسان هي ته ڇڏيو وڃي بيڪار . |
| أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
|
ڇا نه هو ڦڙو منيءَ مان جو داخل ڪيو وڃي پيو . |
| ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
|
ان کان پوءِ هو رت جي دڳ پوءِ (ان کي الله) برابر بنايائين . |
| فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
|
پوءِ ڪيائين ان مان ٻه جوڙ مرد ۽ عورت . |
| أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
|
ڇا ناهي اهو قادر هن تي جو جيئرو ڪري مئلن کي . |